عاشق زهر پياڪ

'ڪهاڻيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    عاشق زهر پياڪ
    رزاق سهتو

    [JUSTIFY]شهر جي جهوپڙي هوٽل ۾ هو چانهه پيئڻ کانسواءِ ئي بالم بڻيو ويٺوهو.هوٽل واري ٻه ڀيرا چانهه جو پڇيس پر انڪار ڪيائين ٻه چار گاريون چپن ۾ ڏنائينس وري، وري ِ اٿارڻ جا جتن ڪيائين پر هو ڪونه اٿيو ته هوٽل وارو ڀڻ ڀڻ ڪرڻ لڳو.

    ”الائي ڪير اچي مٿي ۾ لڳو آهي پنهنجي منهن پيو بڪي ورديءَ وارن کي ٿو گاريون ڏيي.ٻڌائونس ته بُج بُج ڪري ڇڏيندس. وري عجب نموني کلندي چويٿو

    ”هاءِ عشق، تو اسان کي فنا ڪري ڇڏيو.“ مان سمجهان ٿو عشق ۾ ناڪام ٿيوآهي تڏهن ته ڪل ٿڙي وئي ٿس. ارڪان ته ڏسينس ڪپڙا ميرا ۽ مروٽيل، وار وچڙيل، ويجهو وڃنس ته ڌپ ٿي ساڙي. صفا بڇڙو لڳو پيو آهي. وقفي وقفي سان وري مون کان ٿو پڇي، ” مان ڪيرآهيان ۽ منهنجو گهر ڪاٿي آهي.“هاڻي مونکي ڪهڙي خبر ته ڪير آهي. ڪٿان جي بلا آهي. منهنجو ته ڌنڌو ٿو ڦٽائي، مٿان وري ڪنهن ڇوڪريءَ روبيءَ جي نالي ٿو پڇي ته” هن مون سان محبت ڇونه ڪئي.؟“عجب ماڻهون آهي خدا ڪري خيرن سان هتان اٿي وڃي چريي ماڻهون جو ڪهڙو اعتبار.؟“

    ٻه ماڻهون چانهه پيئڻ لاءِ هوٽل ۾ د اخل ٿيا.چانهه جو چئي ويهي رهيا. پراڻي مروٽيل اخبار کي اٿلائڻ پٿلائڻ لڳا. هُن امالڪ ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو،

    ”ڇو ڀائو منهن جو پنوئي لٿو پيو اٿو.؟ ورديءَ وارن ڪٽيو اٿو يا مون وانگر محبت ۾ ناڪامياب ٿيا آهيو. يا ڌرتيءَ ڌڪاڻيل آهيو.؟“

    ماڻهن هن ڏانهن ڏٺو ۽ هڪ همراهه چڙ گاڏڙ لهجي ۾ چيو”تون سو بس من لڳو پيوآهين. ڀولي منهان، ماٺ ڪري ويهه نه ته ڏيانءِ نه زمرڪ“

    ” ڪنهن کي ويهاريو ٿي. اٿارينس... پاڳل کي“

    هن هوٽل جي دخل ڏانهن منهن ڪندي چيو،

    ”ڇا ڪيا ادا گهڻائي وس ڪيا مانس اٿي ئي نٿو“

    ٿوري دير لاءِ خاموشي ٿي وئي. همراهن جي سامهون چانهه آئي ته سر سر ڪري پيئڻ لڳا. ان دوران هڪ ماڻهون هوٽل ۾ لنگھي آيو. جيڪو هن واري بيچ تي اچي ويٺو. کير پتي چانهن جو چئي پنهنجي منهن ٿي ويو ته هن ڏاڍيان چيو،

    ” خبر ٿو ڇا ٿيندو آ“

    ڀرسان ويٺل ماڻهونءَ ڇرڪ ڀريو. اڳواٽ ويٺل ٻن ماڻهن نئين همراه جي ڇرڪ تي چپن ۾ مرڪيو. هوٽل واري نفرت واري نگاهه سان کيس ڏٺو هن ڳالهائڻ شروع ڪيو.

    ”جتان جي رعيت جا حاڪم لانگ بوٽ وارا هوندا آهن.انهن کي پيٽ ڀريل ماني به نصيب ناهي هوندي. خود ڪشيون ٿينديون آهن، ماڻهون جو رت چوسيو ويندو آهي. حق سچ چوندڙن کي قيد ڪري جانورن وانگر واِڙيو ويندو آهي انسانن کي ڍور وانگر لٺ کڻي هڪليو ويندو آهي. انصاف جي عمارتن مان انصاف ڪندڙن کي ڌڪا ڏئي ڪڍيو ويندو آهي. پر مان ڪير آهيان،منهنجو نالو ڇا آهي، ۽ مون سان روبيءَ محبت ڇونه ڪئي.؟ ڀائون تون ٻڌائيندي ته منهنجي پيرن هيٺان زمين ڇو سرڪندي پئي وڃي.؟“

    هن ڀر واري کي مخاطب ٿيندي چيو. پر همراهه کيس وائڙن وانگرڏسندو رهيو.

    هڪڙي همراهه ٿڌو ساهه کنيو ۽ يڪ ٽڪ کيس ڏسندو رهيوسندس زبان مان بي اختيار هي جملو نڪتو.

    ” يا ر لڳي ٿو تون عشق ۾ چوٽ کاڌي آهي.“

    جواب ۾ چيائين.

    ”نه... نه... عشق ته بعد ۾ لڳو.شروع شروع ۾ گهڻو اڳي، منهنجو وجود مٽائڻ جي جتن ۾ نقشي مان نالو ئي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائون پوءِ زبان کسيائون ،پيرن جا نشان مٽائڻ لاءِ ڌرتيءَ جو سينو اڊيڙيو ويو۽ پوءِ ٻورين ۾ ڪاتن سان ڪپيل هم زبان جا ويرانين ۾ لاش مليا.جڏهن ساري عالم منهن موڙڪئي ته محبوبه جي ٻانهن ۾ پناهه جي ڳولا ڪيم پر ان به پنهنجو نه ڪيو. بس ماءُ ئي آهي جيڪا منهنجي وکريل وجود کي سهيڙي رهي آهي.“

    سندس ڀرسان ويٺل همراهه چانهه پوري ڪري پر اسرار نظرن سان کيس ڏسندي اٿي هليو ويو. ويٺل ٻن ماڻهن هڪ ٻئي کي ٺوٺ هنئي.

    ”چريو آهي پر ڳالهيون ڪم جون ٿو ڪري پڙهيو لکيو لڳي ٿو. چڱون اٿ ته يار هلون گاڏي نه نڪري وڃي.“

    ٻئي همراهه گڏ جي اٿي هليا ويا ته بئري خالي ڪوپ کڻندي چيس.

    ” ٻيلي منهنجي جان ڇڏ اٿي هتان.الائي ڇا پيو ٿو بڪين هتي هر ٻيو ماڻهون ايجنسين جو ٿي. پهريون ماڻهون جيڪو توکي خاموشيءَ سان ٻڌي.اٿي هليو ويو مون کي مشڪوڪ لڳو.پاڻ سان گڏ اسان کي به ڏچي ۾ نه وجھُه هتان هليو وڃ.“

    هن هوٽل واري ڏي نهاريو ۽ هوٽل کان ٻاهر نڪري ويو.

    شهر جي چوڪ تي وائڙو،ايندڙ ويندڙ گاڏين تي اڌ چرين واري نگاهه اکين ۾ ڳوڙها،وار اجڙيل، ڪپڙا مروٽيل،ذهن هنڌائتو ڪون رهيس.گهر جو رستو ڀليل،پنهنجي نالي سان گڏ پاڻ کان به ڀليل، ڪير آهي،ڪٿان آيو آهي، ڪا به پروڙ نه ،عشق ۾ فنا ٿيل ۽ سماج کان ستايل طبقاتي معاشري جي طرفان اجاڙ ٿيل شخص کي فقط ياد هو پنهنجي محبوبه روبي جونالو جنهن کيس پنهنجو نه ڪيو ۽ امڙ جو نانءٌ جنهن کيس بي لوث محبت ڏني. ورديءَ وارن کان نفرت جنهن، سندس وجودُ ۽ ديس ُ بنجر بڻائي ڇڏيو.

    شهر جون بسون هيٺان مٿان ماڻهن سان ڀريل،فٽ پاٿ تي ماڻهن جا ريلا، هو ڌيان سان، اکيون ڦاڙي ڏسڻ جي ڪوشش ۾، ماڻهن جو شڪليون رکيون، مک تي مرڪ نڪي نمڪ، ڪيترن جو پنو ئي لٿل،ماڻهون پنهنجي بت مان بيزار، لالچ ۽ لوڀ سان اندر ڀريل، منهن تي ڪروڌ جا آثار،چيڙاڪ، ٿوري ٿوري ڳالهه تي هڪ ٻئي کي چيهاڙيون ۽ ويڙهه ماڻهپو موڪلائي ويو۽ انسانيت ڪنڊن ۾ پئي سڏڪا ڀري جتي جا جا رکوال،ڪوٽوار هجن،اتان جي رعيت جوحال اوس اهڙوئي ٿيڻو هو.

    هن سوچيو” مان جو وڃائجي ويو آهيان ته ڇا مان پنهنجو پاڻ کي ڳولي سگهندس. مون کي ته ڪجھ به ياد ڪونهي. مان ڪير آهيان. منهنجو گھر ڪٿي آهي. لڳي ٿو مان پنهنجا حواس وڃائي ويٺوآهيان.“

    وائڙن وانگر لئونڙا ٿو هڻي. ٻن ورديءَ وارن اچي سوگهو ڪيس. رڙيون پٽڪو.

    ” ڇڏيو..... ڇڏيو..... مون کي. ورديءَ وارن کان نفرت آهي. ورديءَ وارن سڀ ڪجھ لٽي ڇڏيوآهي. توهان جي وردي کل بڻجي پئي آهي. توهان جي کل ڪو ماڙيچو ئي لائي سگھي ٿو. هڪ مڪ سندس منهن تي ٺڪاءُ ٿي.

    ” ڪتا ڪنهن جاءِ جا، بڪواز ٿو ڪرين. اسان کي تون ۾ پهريوئي شڪ هئو جو تون گھڻي دير کان چواٽي تي بيٺو آهين پر هاڻ پڪ ٿي ته تون ڪو تخريبڪار آهين، ارادا خطرناق ٿي.“

    هن ڏٺو پرڀروساڳو ماڻهون جيڪو هوٽل ۾ چانهه پيئڻ لاءِ آيو هو۽ بغير ڪجھ ڳالهائڻ جي سندس ڳالهيو ٻڌي هليو ويو هو سو هن ڏي ڏسي مرڪي رهيو هو.

    ٻه ٽي مڪون ٻيون وهائي ڪڍيائونس، منهن ڀرڪرڻ کان پوءِ هوش ڪون رهيس.

    جڏهن هوش ۾ آيو ته اونداهون ڪمرون، منهن تي پاڻيءَ جا ڦوهارا، ٻانهون پويان ٻڌل، سامهون ويٺل ورديءَ ۾ آفيسر، پهريون مرڪيو، پوءِ کليو، پوءِ وڏا وڏا ٽهڪ ڏنائين.

    ” وڏو نرڄو آهين مس،مس سچون ڪيون ٿي.“

    ” ڪهڙيون سچيون.؟“

    ” تنهنجو نالوعلي راضي بن عبدالله بن ولي آهي، تنهنجو لاڳاپو دنيا جي وڏي دهشتگرد تنظيم خطابا بن بادل سان آهي. هي پنو تنهنجي سامهون آهي. جنهن تي سمورو بيان لکيل آهي آخر ۾ تنهنجي صحي آهي.“

    ” پرمون کي ته پنهنجو نالو به ياد ڪونهي. مون کان ته منهنجي سڃاڻپ ئي کسجي وئي آهي.“

    ” ها. ان ڪري ته تنهنجو نالو علي راضي رکيوآهي. هن دنيا ۾ ماڻهون نالي کان سواءِ ناهي هوندو.توکي ته رڳوٽي شيون ياد آهن. هڪ ماءُ ٻي روبي. ماءُ توسان بيحد پيار ڪيو آهي ۽ روبيءَ سان تون بيحد محبت ڪئي آهي ۽ ورديءَ وارن کان تو کي سخت نفرت آهي.“

    ” هاـ ها.اهو سڀ سچ آهي“

    ” پر هاڻ سڀ سچ اهو آهي جيڪو هن ڪاڳر ۾ لکيل آهي.جنهن جي آخر ۾ تنهنجي صحي آهي.“

    ” نه نه اهو سڀ ڪوڙ آهي“

    ” ها...! اهو ئي سچ آهي مسٽر علي راضي “

    ” نه نه مان علي راضي ناهيان “

    ” ته ڀلا تون ٻڌاءِ ته ڪير آهين.؟“

    ” مان... ما.... مان... مون کان ته منهنجي سڃاڻپ ئي ڦرجي وئي آهي تون نالي جي ٿو ڳالهه ڪرين.؟ “

    ” اهائي ته ڳالهه آهي ته تون مسٽر علي راضي بن عبد الله آهين.“

    آفيسر ڪاڳر هن ڏانهن ڪري ڪاڳر کي چمڻ لڳو.

    ”هي منهنجي پروموشن جو پروانو آهي. ڪلهن تي وڌيڪ ڦول لڳندم. وڏو آفيسر ٿيندم. توجهڙي وڏي دهشتگرد کي جو پڪڙيو اٿم. فلحال تون آرام ڪر تون قرباني جو ٻڪرو ٿيندي “

    هن کي ڪا مهل ننڊ اچي وئي کيس محسوس ٿوٿئي ته سندس ٻڌل ٻانهون ڍريون ٿيڻ لڳيون آهن.اکيون کوليائين ته پوري قوت سان سان ٻڌل ٻانهن کي کولڻ جي جتن ۾ هئو. ٻانهون کولي دروازي وٽ آيو ٿوري زور سان کلي پيو. دروازي تي سپاهي ڄنگھون ڊگھيون ڪيون ستوپيو هئو. سندس ڄنگھون اورانگي ٻاهر نڪري آيو، مک دروازي تي چوڪيدار پڇيس.

    ” ڪاڏي ٿو وڃين،؟“

    ” صاحب لاءِ چانهه وٺڻ ٿووڃان“

    ” يار مهرباني ڪري منهنجي لاءِ به وٺيون اچجان ننڊ جا ڍڪر ٿا اچن.“

    ” ها، ها ،اجھو آيس“

    ” پر پئسا.؟“

    ” پئسن جي تون فڪر نه ڪر“

    ” چڱون چڱون وڃ“

    هو هلندو رهيو. ڪيئي بهارون آيون ويون. کيس ڪا ڪل نه رهي ا هو احساس، تڏهن ٿيس، جڏهن هن ڏاڙهيءَ تي هٿ ڦيريو ته دن تائين اچي پڳي هئس، وچڙيل ميري مٽي لڳس. مٿي جي وارن ۾ خارش پئي ٿيس. پنهنجو پاڻ کي ڏٺائين ڪپڙا ليڙون، ليڙون، اوگھڙ به ڪان پئي ڍڪيس جسم جا خاص عضوا ظاهر ،شهر جي فٽ پاٿ تي ويٺوهو. ماڻهون احساسن کان خالي مشينون ٿا لڳنس. ڪو تڪڙو ڪو تيز ڪو ڇوهيون وکون کڻي هلندو پئي ويو. هن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونهي،ڪو ڏائي اک سان سندس اوگھڙ ٿو ڏسي. هرماڻهون کي پنهنجو فڪر کائي رهيو آهي. ماڻهون پنهنجي بت مان بيزار۽ خوف ۾ ورتل آهن، ڪن جولالچ ۽ لوڀ سان اندر ڀريل، منهن تي ڪروڌ جا آثار، ٿوري ٿوري ڳالهه تي وڙهيو پون، ماڻهپو موڪلائي ويل.

    ڀرسان روز هڪ ملو گذري ٿو. هڪ نظر سندس اوگھڙ تي وجھي بڙ بڙ ڪندو وڌي وڃي ٿو. عورت ڪار بيهاري اوگھڙ کي اک ٽيٽ سان ڏسي هلي وڃي ٿي. نوجوان آهي جيڪو ڏيهاڙي هتان گذري ٿو ڪجھ چوڻ چاهي ٿو پر ماڻهن جي ڪري لڄ ٿوڪري. هڪ همراهه پاروٿو کاڌو سندس اڳيان روز رکي وڃي ٿو. جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ٿا وڃن تيئن تيئن سندس تن اگهاڙو ٿيندو ٿو وڃي.

    هوشمند دنيا جي هجوم ۾ هوش وڃايل ماڻهونءَ جي ننگي بدن کي ڏسي وري به کيس ئي ماڻهون لوئيندا گذرن ٿا.

    ”وڏو ڪو بيهودو ماڻهون آهي وچ بازار ۾ فٽ پاٿ تي ڪپڙن کان آجو پيوآهي. ڪتو ڪنهن جاءِ جو ...“

    ماڻهن جون نفرت ڀريون نگاهون ناهن ڊرل مشين آهن جيڪي سندس وجود ۾ سَلَ ڪڍنديون ٿيون وڃن.

    اوچتو ڀنڀرڪي ويل ملو آيو، سندس اوگهڙ کي ڏٺائين. منهن ۾ گھنڊ ، ٿڪ جو ٺڪاءُ، ٿڪ لار ڪري ڳڙندي سندس ڏاڙهي جي وارن ۾ اٽڪي پئي. ملو بڙ بڙ ڪندو وڌي ويو.

    ملي پٺي ڏني ته عورت جي گاڏي اچي بيٺي. ڪا دير ڏسندي رهي. هيڏي هوڏي ڏٺائين. ڪار مان لٿي، ڪپڙو سندس اوگھڙ مٿان وڌائين هن جي چهري کي ڏٺائين، اکين ۾ ڳوڙها اچي ويس ۽ اچي ڪار ۾ ويٺي هن ڏانهن ڏٺائين ڪار جي ايڪسيليٽر تي پير ٽائرن جو چيڪٽ ۽ زوڪٽ. هن کي امڙ ياد اچي وئي.

    نوجوان آيو. ڏاڍو پريشان..! ڀرسان اچي ويٺس.

    چوڻ لڳو.

    ” درويش بابا منهنجي دعا اگھايو،ڌڻيءَ جا پيارا آهيو،مون کي عشق لڳي ويوآ،دلبر جي ديدار کان سواءِ دل ڏري پئي آ.درويش بابا.مان پنهنجي وس ۾ ناهيان بيوس آهيان بيوس.. بيوس.... هر جاءِ محبوب ٿو نظر اچي هوءَ منهنجي وجود ۾ ساهه جي تند آهي پري ٿئي ٿي ته ساهه جي کي ڇڪ ٿي اچي مان بدن آهيان ته هوءَ ساهه آهي مان کير آهيان ته هوءَ کير جي ڌار آهي، مان ماکي آهيان ته هوءَ ماکيءَ جي لار آهي. مان چَپ آهيان هوءَ چَپن جي مرڪ آهي. مان زندگي آهيان ته هوءَ جيئڻ جو اتساهه آهي. هوءَ نٿي ملي ته دل چويٿي بر منهن ڪيان،جهان تياڳي ڇڏيان، توهان مجزوب آهيوهٿ کڻو من ڪريم ڪرم ڪري ته محبن سان معراج ٿئي.“

    نوجوان سندس هٿ پڪڙي پنهنجي هٿ مٿان رکي چمي ڏئي چوڻ لڳو.

    ” مون کي هوءَ نه ملي ته مان وڌيڪ جي ڪون سگھندس مري ويندس مري ويندس “

    هن کي روبي ياد آئي. روبي جنهن سان هن بي انتها پيار ڪيوهو.اکين مان ڳوڙها لارون ڪري وهڻ لڳس.نوجوان سندس ڳوڙهن کي ٻڪ ۾ جھلي پنهنجي منهن تي ملڻ لڳو۽ چوندو رهيو.

    ” هي خدا جي عاشق جا ڳوڙها آهن.امرت آهن امرت. با با توهان حقيقي عاشق آهيو. مون کي مجازي محبوب سان ملايو.مان توهان جا پير ٿو ڇهان.“

    جوان جا هٿ سندس پيرن تي هئا. زارو قطار روئي رهيو هئو.سندس لڙڪ هن جي پيرن کي پسائي رهيا هئا. جوان جي بيوسي، روبيءَ جي بي رخي ياد ڏياريس اکين مان اشڪ روان ٿي ويس.پاڻ مرادوهن جو هٿ کڄي ويو ۽ هو جوان جي پٺي ٺپڻ لڳو.جوان خوشيءَ ۾ جھومڻ لڳو. جوان جا چپ سندس هٿن طرف وڌي آيا. ڪا ديرچمندو رهيو چمندورهيو۽ چوندو رهيو.

    ” توهان دعا ڏني... ها دعا ڏني.... ، مان محبت ماڻي سگھندس “

    جوان ڊوڙندو ٽهڪ ڏيندو اڳتي وڌندو ويو،سندس اکين کان اوجھل ٿيندو ويو. هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪن ۾ تيزي اچي وئي غصي مان چهرو ڳاڙهو ٿي ويس ۽ روبيءَ کي پاراتو ڏنائين،

    ”روبي. توکان ڌڻي پڇندو تووڏي ظالم آهين..!“

    هن محسوس ڪيو روبيءَ جو ڌنڌلو عڪس نمودار ٿيو.... ڪيڏو نه بيوس ۽ لاچارهيڊوچهرو... چپن تي جملو..

    ” ڌڻي اڃان ڪهڙي سزا ڏيندو. جواني پوڙهائپ ۾ بدلجي وئي شادي ڪان ٿي.ان کان وڏي ڪا ٻي سزا....... !

    هن اکيون زور سان کولي روبيءَ جي عڪس کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪو غائب ٿي چڪو هو ۽ هڪ ورديءَ وارو کيس بيدرديءَ سان ڪٽي رهيو هو..!

    ***[/JUSTIFY]
    سنڌي ڪتاب۔نيٽ تان کنيل
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: عاشق زهر پياڪ

    ادا سٺي ونڊ آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو