• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چين88،ڀارت79 ۽ آمريڪا ۾ 30 ڪروڙ موبائيل صارف

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
عالمي مالياتي فنڊ جي رپورٽ موجب چين آمريڪا جي مقابلي ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ اهو 2010ع تائين آمريڪا کي مات ڏئي دنيا جو سڀ کان وڏو معاشي ملڪ بڻجي ويندو۔هڪ ٻي رپورٽ موجب ڄين موبائيل فونون استعمال ڪنڙ دنيا جو سڀ کان وڏو ملڪ بڻجي ويو آهي۔
چين ۾ مئي جون تائين 90 ڪروڙ موبائيل فون جا صارف ٿي ويندا۔آمريڪا ۾ 30 ڪروڙ  ڀارت ۾ 79 ڪروڙ شهري موبائيل فون استعمال ڪري رهيا اهن۔چين ۾ شورعاتي 3 مهينن ۾ 3 ڪروڙ موبائيل فون استعمال ڪندڙن ۾ واڏ ٿي آهي۔مارچ تائين موبائيل فون صارفين جو انگ 688 ڪروڙ،90 لک ٿي ويو هو۔جنهن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي۔
روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان​
 
Back
Top