ڊائريڪٽر جنرل عبدالوحيد شيخ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن سان ڳالهه ٻولهه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نورعلي پاشا طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2011۔

  1. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    زرعي توسيع کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالوحيد شيخ چيو آهي ته زرعي توسيع کاتو آبادگارن ۽ زرعي تحقيق واري کاتي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. دنيا ۾ آبادگارن کي فصلن جي پوکي، ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن سميت فصل کي پوکڻ کان لڻڻ تائين جي مڪمل ڄاڻ فراهم ٿيڻ ڪري اتي پيداوار تمام گهڻي ٿئي ٿي، اسان وٽ پاڪستان ۾ آبادگارن کي ايتري ڄاڻ نٿي ملي. اهو ڪم مون اچي سنڌ ۾ شروع ڪيو آهي آبادگارن کي ورڪشاپن، سيمينارن ذريعي ڄاڻ فراهم ڪرڻ سان گڏ وونئڻن جي پوکي کان وٺي پيداوار تائين، سارين جي پوکي کان لاباري تائين ڪمند جي پوکي، ڀاڄين سميت هر فصل جي پوکيءَ کان پيداوار ۽ اناج کي ذخيرو ڪرڻ تائين جي ڄاڻ فراهم ڪرڻ لاءِ انهن کي ڪتاب پوسٽ آفيس ذريعي موڪليون ٿا. انهيءَ لفافي ۾ 7 ڪتاب زرعي، ماهوار سنڌ زراعت رسالو ۽ سي ڊيون پڻ شامل هونديون آهن جنهن ۾ تمام گهڻي ڄاڻ آهي آبادگار انهيءَ ڄاڻ کي حاصل ڪري وڌ کان وڌ اپت حاصل ڪرڻ سان گڏ مارڪيٽ ۾ سٺو اگهه پڻ حاصل ڪري سگهن ٿا جڏهن ته اناج کي محفوظ نموني ذخيرو ڪرڻ جي به مڪمل ڄاڻ فراهم ڪيون ٿا.
    ڊائريڪٽر جنرل عبدالوحيد شيخ ٻڌايو ته اسان پوري سنڌ ۾ ڪمپلين سروس شروع ڪئي آهي جتي آبادگار پنهنجون شڪايتون درج ڪري سگهن ٿا. پر اسان هڪ خاص قدم اهو کنيو آهي ته شڪايت کي 5 ڏينهن اندر حل ڪندا آهيون شڪايت ڪندڙ جو رابطو نمبر پاڻ وٽ رکندا آهيون ۽ 5 ڏينهن کانپوءِ شڪايت درج ڪرائيندڙ کي فون ڪري پڇندا آهيون ته توهان جي مسئلي جو ازالو ٿيو آهي يا نه؟ جيڪڏهن سندس مسئلو حل نه ٿيندو آهي ته لاڳاپيل علائقي جي ڊي او زراعت سان رابطو ڪري فوري طور مسئلو حل ڪرڻ جو حڪم ڏيندو آهيان. جيڪڏهن زرعي آفيسر ڪا لاپرواهي ڪري ٿو ته ان خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. اهو طريقو هن کان اڳ ۾ ڪنهن به شروع نه ڪيو هو، مون پرڏيهه مان جيڪي صلاحيتون حاصل ڪيون آهن انهن کي هتي استعمال ڪري سنڌ جي آبادگارن کي وڌ ۾ وڌ فائدو ڏيڻ چاهيان ٿو. اسان وٽ جيئن جيئن نئين ڄاڻ ايندي آهي يا موسم جي مطابق آبادگارن کي جيڪا ڄاڻ ڏيڻي هوندي آهي اها ماهوار پنهنجي فيلڊ اسسٽنٽ ذريعي ڏيندا آهيون ۽ انهيءَ مان تمام سٺو ريسپانس مليو آهي. آبادگارن کي گهر ويٺي ڄاڻ ملي ٿي. اڳ ۾ هو اهڙي ڄاڻ وٺڻ لاءِ پريشان هوندا هئا. هاڻي انبن جي سيزن اچي رهي آهي. انبن کي پٽڻ کانپوءِ ڪيئن محفوظ ڪجي، جو عالمي سطح تي آبادگار سٺو ناڻو ڪمائي سگهن ڇو ته عالمي سطح تي انبن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ انب پٽڻ کانپوءِ انهن کي محفوظ بنائڻ جا طريقا آهن، جيئن انبن کي ڪو داغ نه ٿئي، يا خراب نه ٿئي، عبدالوحيد شيخ چيو ته اسان آبادگارن لاءِ ايس ايم ايس سروس به شروع ڪئي آهي. انهيءَ ذريعي به ڄاڻ رسائي رهيا آهيون، ٻوڏ ۾ متاثر ٿيندڙ سنڌ جي ساڄي پاسي وارن علائقن ۾ سن فلاور جي پيداوار وڌ کان وڌ لهڻ لاءِ به زرعي توسيع کاتو آبادگارن سان ڀرپور سهڪار ڪري رهيو آهي، عبدالوحيد شيخ چيو ته هڪ ٻي نئين ۽ اهم ڳالهه اها آهي ته اسان ايندڙ مهيني کان ويب سائيٽ به لائونچ ڪري رهيا آهيون(www.sindhagriextension.gov.pk) جي نالي سان هوندي سنڌ پاڪستان جو پهريون صوبو هوندو جتي اها زراعت جي ويب سائيٽ لائونچ ٿي رهي آهي. جنهن ۾ آبادگارن لاءِ مڪمل ڄاڻ هوندي، اتي شڪايتون به درج ڪرائي سگهبيون آبادگار سڌو زرعي ماهرن سان صلاح مشورا به ڪري سگهندا. هر علائقي جي موسم جي ڄاڻ به هوندي. ماڻهو چيٽ به ڪري سگهندا. اسان انهيءَ ويب سائيٽ ذريعي سنڌ جي آبادگارن کي دنيا سان ڳنڍينداسين ته دنيا ۾ زرعي حوالي سان ڇا ٿي رهيو آهي. اهي دنيا جي آبادگارن توڙي تحقيق بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهندا، ويب سائيٽ کي حيدرآباد، ڪراچي ۽ سکر جي منڊين سان پڻ ڳنڍينداسين، آبادگار اهو معلوم ڪري سگهندا ته آسٽريليا ۽ آمريڪا ۾ في ايڪڙ پيدوار ڇا آهي، ٻاهر جو آبادگار جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪري ٿو، مڪمل ڄاڻ رکي ٿو اسان سنڌ جي آبادگارن کي به هاڻ اهڙي ڄاڻ ڏينداسين، آبادگارن کي پيسٽيسائيڊ دوائن جي محفوظ استعمال، بهترين ٻج پوکڻ ۽ ڀاڻ جي استعمال بابت هر ڄاڻ ڏيون ٿا ته اهي فصل کي پوکيءَ کانپوءِ فصل جي واڌ ويجهه ۽ پيداوار تائين ڪهڙا طريقا اختيار ڪن ته جيئن سٺي پيدوار ٿئي، عبدالوحيد شيخ چيو ته سنڌ ۾ ڪپهه جي پيدوار پوري ملڪ کان وڌيڪ آهي. هن ڀيري 80 سيڪڙو تائين ڪڻڪ سنڌ اندر لهي چڪي آهي. جيڪو ڪڻڪ جو فصل هن ڀيري به بمپر فصل لهي رهيو آهي. هن چيو ته آءُ ترقيءَ تي يقين رکان ٿو ۽ زراعت جي شعبي ۾ ترقي آڻيندس ڇو ته سنڌ جو دارومدار به بنيادي طور زراعت تي آهي. منهنجي جڏهن مقرري ٿي ان وقت ليبارٽريون ايترو صلاحيت رکندڙ نه هيون جن کي قابل بڻائي اتي ماهرن کي مقرر ڪيو آهي جتي زرعي دوائن ۽ ڀاڻ جي ٽيسٽ ٿيندي آهي، علائقي جي هر زرعي انسپيڪٽر کي دوائن ۽ ڀاڻ جو سيمپل هر مهيني آڻڻو آهي جنهن جي ليبارٽرين ۾ ٽيسٽ ٿئي ٿي ته اهي دوائون يا ڀاڻ معياري آهن يا نه ليبارٽري وارن ۽ انسپيڪٽرن سان منهنجي ماهوار گڏجاڻي به ٿئي ٿي.
    ڊي جي عبدالوحيد شيخ چيو ته اسان ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو آدم، ميرپورخاص، نوشهروفيروز ۽ ٻين علائقن مان نقلي زرعي دوائون ۽ ڀاڻ هٿ ڪيو آهي. جتي ڊيلرن تي پڻ ڪيس داخل ڪيا آهن، نقلي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ زرعي دوائن جي ڪمپنين وارا به سهڪار ڪن ته جيئن نقلي ڪاروبار کي روڪي سگهجي. آبادگار صرف رجسٽرڊ ڊيلرن کان زرعي دوائون ۽ ڀاڻ خريد ڪن هن چيو ته سنڌ ۾ اڪثر آبادگار اوڌر تي ڊيلرن کان دوائون ۽ ڀاڻ کڻندا آهن، جنهن جي ڪري آبادگار بليڪ ميل به ٿئي ٿو آبادگار ڊيلرن کان خريداري وقت پڪي رسيد ضرور وٺن جڏهن ته سيل ٽٽل ڪا به دوا نه وٺن. هي پهريون ڊائريڪٽر جنرل آهي جيڪو زرعي توسيع کاتي جي مهارت رکي ٿو. عبدالوحيد شيخ زرعي يونيورسٽي مان (بي.اي) B.A زراعت ۾ ڪئي جنهن کانپوءِ ايگريڪلچر انجنيئر ٿيو. بعد ۾ سول سروس جو امتحان پاس ڪري لاهور ۾ اڍائي سال ٽريننگ ڪئي جنهن کانپوءِ کيس بلوچستان ۾ مختلف عهدن تي مقرر ڪيو ويو هو اسسٽنٽ ڪمشنر نصيرآباد ۾ رهيو جنهن کانپوءِ عبدالوحيد شيخ ورلڊ بئنڪ جي اسڪالر شپ تي آسٽريليا جي يونيورسٽي آف ڪوئيزلينڊ مان ايگريڪلچر ايڪسٽينشن (زرعي توسيع) ۾ ماسٽر ڪيائين ان کانپوءِ کيس سنڌ ۾ زراعت جي سڌاري لاءِ زرعي توسيع کاتي ۾ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڊائريڪٽر جنرل عبدالوحيد شيخ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن سان ڳالهه ٻولهه

    شيخ صاحب سان توهان جي ڳالهه ٻولهه سٺي انداز سان ٿي ۔۔۔ جنهن کي من و عن لکڻ جو انداز به ڀلو لڳو۔۔۔
    اڪثر حڪومت ڌر به ڪمپلينٽس سيل جو ذڪر ڪندي رهندي آهي۔۔۔ پر اتي داخيل ٿيل ڪمپلينٽس جو ڪهڙو حال ٿيندو آهي ۔۔؟ اهو هرڪو ڄاڻي ٿو۔۔۔ اميد ته شيخ صاحب جي هنن ڪوششن کي ڪاميابي ملندي ۔۔۔ هوئن به شيخ صاحب ٻاهر جي دنيا گهمي آيا آهن ۽ هتان جي بيقاعدگين کي خوب ڄاڻين ٿا۔۔۔ جيڪڏهن ذاتي دلچسپي لڳائيندا ته ڪم ڀلو ٿي پوندو۔۔۔
    باقي ايس ايم سروس جي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ۔۔ جي ٿوري وڌيڪ وضاحت ٿئي ته هوندر ڀلو ۔۔۔ يا وري ايس ايم ايس ڪرڻ لاءِ ڪو نمبر به ٻڌايو ته جيئن پري پري جا سنڌي پنهنجا مسئلا ايس ايم ايس ذريعي ٻڌائي سگهن۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڊائريڪٽر جنرل عبدالوحيد شيخ ايگريڪلچر ايڪسٽينشن سان ڳالهه ٻولهه

    سائين پاشا صاحب مهربانيون

    سٺو ۽ سهڻو انٽرويو جنهن ۾ ڪارائتي معلومات آهي۔ مان سمجهان ٿو زرعي سڌارن لاء هي بهترين ڪاوش آهي۔ محترم عبدالوحيد شيخ جون ڳالهيون گهڻو جدت واريون پيون لڳن ۽ اميد آهي ته جيڪڏهن اهڙا ڪجهه ٻيا ماڻهو به پيدا ٿي پون ته اسان جي زراعت واري فيلڊ ۾ گهڻي بهتري اچي سگهي ٿي۔

    اسان زراعت تي گهڻو دارومدار رکون ٿا ۽ شيخ صاحب جا عمل زراعت ۾ انقلاب آڻڻ طرف پهرين وک آهن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو