دل ڏکن جا خزانا ٿي ڳولي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ جبار بوزدار طرفان آندل موضوعَ ‏20 آگسٽ 2009۔

  1. جبار بوزدار

    جبار بوزدار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    45
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt job
    ماڳ:
    ghotki/ islamabad
    غزل
    جبار بوزدار
    پيار جا ڪي فسانا ٿي ڳولي
    دل ڏکن جا خزانا ٿي ڳولي
    مان اڪيلو چريو گهڻو هن لئي
    ڇو مگر هوَ زمانا ٿي ڳولي
    اک شرابي گلاب چهرو آ
    دل چمڻ جا بهانا ٿي ڳولي
    اڳ سٺا سور هن گهڻا آهن
    خواب هاڻي سهانا ٿي ڳولي
    روز جيئان مران ٿو مان جبار
    پو به مون لئي نشانا ٿي ڳولي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    سائين تمام بهترين لاجواب شيئرنگ آهي توهان جي اهڙي تحريرن جي ڪري ته دل چوندي آهي ته مان سڄو ڏينهن سنڌ سلامت تي آن لائين هجان
    قرب مٺا
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    روز جيئان مران ٿو مان جبار
    پو به مون لئي نشانا ٿي ڳولي
    ادا بوزدار سائين؛
    واه، اصل مزو اچي ويو ... عاشقن لئه موت ئي موت آهي ... معشوقن جا نشانا ۽ عاشقن جون ڇاتيون ته اصل کان حاضر آهن ...
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين دل جي احساسن کي لفظن جي صورت ڏيڻ ....... واقعي ڪنهن شاعر جو ڪمال ٿي سگهي ٿو...
     
  5. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    فقير سائين ڪو ڪم ڪار جو به سوچيندو ڪر، باقي سڄو ڏينهن فورم تي هوندين ته پوءِ فورم اصل ادا رشيد کي دانهن ڏيندو ته الائي ڪهڙي بلا منهنجي مٿان ويٺي آهي جو اُٿئي ڪونه ٿي۔۔۔۔ ويچارو فورم به ٿَڪجي پوندو۔۔۔ ادا رحم ڪر ائين سمجهه تون فورم تي نه بلڪه ادا رشيد جي مٿان ويهڻ واري ڳالهه ڪئي اٿئي۔۔۔۔۔suhnan saankhil sahishal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو