1999ع بدين ۾ آيل خوفناڪ طوفان جي ياد ۾ لکيل ڪجه منهنجي شاعري جنهن بابو سمجهي ڀاڪر پاتو، هر هڪ کان رشتو ٽوڙيو، پنهنجي گهر کان منهن موڙيو، ڇولين تنهنجين سان ڇلڪيو، هو لهر تنهنجين سان کيڏيو سمجهي تو کي زندگي پنهنجي ڪيائين تو کي منزل پنهنجي، اڙي او سمنڊ ڇو لوڙهي تنهن کي وئين کسي ڇو تنهن بابي کان مرڪون وئين وريون بي رحم ڇوليون تنهجيون، کسي ڪنهن ڀيڻ کان ڀاءُ ويون، ڪري ماءُ جون تمنائون اڌوريون ويون کسي پوڙهي پي کان سهارو ويون، لپيٽي تنهنجيون لهرون ويون ، ڪنهن کي بيواه بڻائي ويون، ڪري هر دوست کان دغا ويون اڙي او سمنڊ ڇو لوڙهي تنهن کي وئين کسي ڇو تنهن ماءُ کان مرڪون وئي
جواب: اڙي او سمنڊ ڇو لوڙهي تنهن کي وئين تمام سٺي شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان تباهيء جي صحي عڪاسي ۽ بجير صاحب جي ڊزائن به لاجواب آهي اوهان ٻنهي جي جوڙيء کي الله شاد ۽ آباد کي ۽ هميشه مسڪرائيندا رهو ۔۔۔۔۔۔۔