• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز ايڪس پي جو ٽاسڪ بار ونڊوز 7 جهڙو بڻايو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو ڇا توهان اڃان ونڊوز ايڪس پي پيا استعمال ڪريو۔۔۔۔؟:hitwall:
ائين نه ڪريو دوستو۔۔۔۔ :nono: هاڻي وقت آهي تبديلي جو ۔۔۔ ڪو قدم کڻو سمارٽنيس طرف۔۔۔ :police:

لڳي ٿو توهان وٽ به ادا سليمان وانگر کوڙ سارا عذر آهن۔۔۔ جهڙوڪ۔۔ توهان ته اڃان ونڊوز ايڪس پي ئي بهتر نه سمجهي سگهيا آهيو۔۔۔ نه ڪو ونڊوز 7 ته مهانگي آهي۔۔۔ نئين ٽيڪنالاجي پنهنجي وس جي ڳالهه نه آهي۔۔۔ يا وري ونڊوز 7 کي انسٽال ڪيئن ڪريان۔۔ منهنجو ڪمپيوٽر ته ونڊوز ايڪس پي کي ئي سست ٿو هلائي ته ونڊوز 7 لاءِ ته ڍڳو پير پيران۔۔۔۔

اصل اهڙي ڳالهه آهي ته پوءِ توهان ونڊوز 7 جي گرافڪس ۽ خوبين جي مزن مان لطف ڪيئن وٺندو۔۔۔ مون کي سنڌ سلامت جي دوستن لاءِ فڪر آهي ته جيڪڏهن مان ونڊوز 7 کي محظوظ ڪريان ٿو ته توهان ڇو ان کان هٽيل رهيو۔۔۔
چڱو توهان کي ونڊوز 7 جي ٽاسڪبار جو مزو ونڊوز ايڪس پي ئي ۾ وٺرائجي ٿو ته پوءِ ڪمپيوٽر کي سندرو ٻڌرايو ۽ تيار ٿي وڃو۔۔۔ نه نه ادا سليمان هن عمل سان بلڪل به ڪمپيوٽر جا ڪم نه لهندا۔۔۔ :cool:

بس سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري ViGlance نالي هڪ ننڍڙو ٽول ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ جنهن کي ايڪسٽريڪٽ ڪري انسٽال ڪري وٺو۔۔۔۔
بس دير ئي نه گذرنديViGlance نالي هي ٽول سسٽم ٽري ۾ ويهي توهان جي ڪمپيوٽر ۾ موجود ونڊوز ايڪس پي جي مڪمل ٽاسڪ بار کي ونڊوز 7 ٽاسڪ بار ۾ تبديل ڪري وٺندو۔۔۔ سسٽم ٽري ۾ ايندڙ انهي نئين آئڪان تي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪريو ۽Options چونڊيو۔۔۔

07_opening_options_thumb.png

ونڊوز ايڪس پي ٽول بار ۾ جيڪي به آپشنس فعال ڪرڻ چاهيو انهن تي چيڪ لڳايو ۽ اوڪي پريس ڪريو۔۔۔

08_options_dialog_thumb.png

توهان ڏسندو ته اسٽارٽ بٽڻ کان وٺي کليل سمورن پروگرامس جا آئڪان ونڊوز 7 جي ٽاسڪبار وانگر ظاهر ٿيندا۔۔۔

09_windows_7_orb_on_taskbar_thumb.png

هاڻي چاهيو ته انهن کي پن ڪريو۔۔۔

05_pinning_program_to_taskbar_thumb.png

يا وري چاهيو ته مائوس مٿان رکي هلڪو نظارو ڪريو ته توهان ڪهڙا پروگرام کوليا آهن۔۔۔

03_windows_7_like_taskbar_thumb.png


تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔۔

 
جواب: ونڊوز ايڪس پي جو ٽاسڪ بار ونڊوز 7 جهڙو بڻايو۔۔۔

ادا سائين !
اوهان هڪڙي ڪارائتي معلومات ونڊ ڪئي آهي۔اميد ته اهڙي معلومات جي ونڊ جاري رهندي۔
 
جواب: ونڊوز ايڪس پي جو ٽاسڪ بار ونڊوز 7 جهڙو بڻايو۔۔۔

يار رشيد واهه جو ڪم ٿي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔

آفيس ۾ جيڪو سسٽم آهي ان ۾ ونڊوز ايڪس پي آهي ۽ گهر به ونڊوز ايڪس پي پر ليپ ٽاپ ونڊوز سيون ۔۔۔۔۔۔ تنهنڪري ڪجهه ڪنفيوز ٿي ويندو آهيان۔ اوهان ڪم آسان ڪري ڇڏيو اهو به سسٽم جو ڪم لهڻ کان بغير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ٿورا اوهان جي هن سهڻي ونڊ جا
 
Back
Top