1999ع وارو سامونڊي طوفان ۽ عمل جي راهه نهاريندڙ واعدا ويجهڙائي ۾ سنڌ جو لاڙ وارو حصو مختلف قدرتي آفتن، سامونڊي طوفان، زلزلي، سوڪهڙي، ٻوڏ ۽ سامونڊي اٿل جو شڪار رهندو پيو اچي. اهڙين قدرتي آفتن هن علائقي ۾ جيڪي تباهيون آنديون آهن، انهن جا معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي اثر گهرا پيا آهن. سڀني کان وڌيڪ نقصان 19 مئي 1999ع تي آيل سامونڊي طوفان پهچايو. سڄي ڏينهن ۽ سڄي رات هلندڙ تيز برسات سان گڏ سامونڊي طوفان بابت صحيح پتو تڏهن پيو، جڏهن برسات ۽ طوفان ۾ 24 ڪلاڪن کانپوءِ ماٺار آئي ۽ جاتي تعلقي جي ساحلي پٽيءَ جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ لاش ئي لاش نظر آيا، سمنڊ اندر ويل ماهيگير واپس نه موٽيا، سندن هوڙا ۽ لانچون ٽٽي پرزا پرزا ٿي اُڏامي تباهه ٿيل تمرن جي ٻيلن ۾ پيل نظر آيا، جيڪي تمر سامونڊي طوفان کان اڳ ساوا ۽ گهاٽا هئا. تازو سنڌ ۾ آيل ٻوڏ دوران غير معمولي لڏپلاڻ ۽ وڏي تباهي ٿي، پر ان ۾ انساني جانيون گهٽ ضايع ٿيون، جڏهن ته 1999ع جي سامونڊي طوفان ۾ رڳو جاتي تعلقي جي ساحلي ڳوٺن ۾ رهندڙ ۽ سمنڊ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪندڙ 448 انسان حياتيون وڃائي ويٺا ۽ لاش دير دير سان ڪيترن ئي ڏينهن ۽ مهينن تائين ڳوٺن، سامونڊي ٻيٽن مان هٿ ايندا رهيا. سامونڊي طوفان جتي انيڪ نقصان ڏنا، اتي وڇوڙي جون درد ڪهاڻيون پڻ جاتيءَ جي وڇڙيل ماڻهن جي حصي ۾ آيون. ان طوفان ۾ عارو ڀاڏائي (ملاح) جا چار پٽ مري ويا هئا، جن جي جدائيءَ ۾ روئي روئي سندس اکين جو نور وڃائجي ويو آهي. هن جي اڄ به در ڏانهن ديد آهي. ”هاڻي به دل چوي ٿي ته منهنجا پٽ زنده آهن، هو هڪ ڏينهن ضرور گهر موٽي ايندا، اسان سندن شادين لاءِ ميندي ۽ موڙ وٺي رکيا آهن“. جهور پيرسن عارو سڏڪا ڀري ٻڌائي ٿو. هن واقعي کي 12 سال گذري ويا آهن، ۽ ان طوفان بابت ڏهاڙا ملهائيندڙ اين جي اوز طوفان واري تاريخ کي ڪئلينڊر ۾ ”ٽِڪ“ ڪري پروگرام ترتيب ڏين ٿيون. انهن پروگرامن وارين تقريبن ۾ فوتين جي وارثن کي گهرائي هال ۾ عام ماڻهن جيان ڪرسين تي ويهارڻ بعد ڪجهه مقرر ”زور دار تقريرون“ ڪري هليا وڃن ٿا پر ڪير به طوفان ۾ پنهنجا پيارا وڃائيندڙن جي واهر نٿو ڪري. ”اسان کي رڳو پروگرام ۾ گهرائي، چانهه پيئاري واپس موٽايو ڇڏين پر ڪوبه نٿو پڇي ته توهان جو وقت ڪيئن پيو گذري، بيواهه عورتون ۽ يتيم ٻچا ڇا پيا ڪن.“ ملاحن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جي دعويدار تنظيم جي پروگرام ۾ آيل عبدالرحمان ڌانڌل پنهنجي سورن جون پچارون ڪندي چوي ٿو. عبدالرحمان ڌانڌل پنهنجي برادريءَ جو چڱو مڙس آهي، سندس ڳوٺ ۾ 72 ماڻهو طوفان ۾ فوت ٿيا هئا. هن ڳوٺ ۾ فوتين جا جيڪي لاش هٿ آيا، طوفان انهن جي جسمن تي ڪو به ڪپڙو ئي نه ڇڏيو هو، جن کي ڍڪڻ لاءِ ڀرپاسي مان رليون هٿ ڪري لاشن مٿان وڌيون ويون هيون ۽ اهي مرد، عورتن، ٻارن، جوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۽ پوڙهن جا لاش واٽر سپلاءِ راڄ ملڪ ۾ قطارون ڪري رکيا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته ڳوٺ عبدالرحمان ڌانڌل ۽ آسپاس 4 کان 7 فوٽن تائين پاڻي بيٺل هجڻ ڪري لاشن کي دفنائڻ لاءِ ڪابه جڳهه نه بچي هئي، سواءِ گڏاپ جي انسپيڪشن پاٿ جي، جنهن ۾ ڪجهه قبرون کوٽي اجتماعي طور لاش دفنايا ويا هئا. عبدالرحمان جي متاثر ڳوٺ ۾ تڏهن 115 گهر هئا، جن مان هن وقت فقط هڪ گهر بچيو آهي. هو ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چوي ٿو ته، ”طوفان اسانجو الهه تلهه چٽ ڪري ڇڏيو، ڪيترائي خاندان ختم ٿي ويا، فوتين جي باقي بچيل وارثن گهڻو وقت ويلا ڪاٽيا ۽ طوفان کانپوءِ بک، بيمارين جهڙين پيدا ٿيل مصيبتن کي منهن ڏنو پر اسانجي فوتين جو اعلانيل هڪ، هڪ لک رپيا معاوضو به اڃا تائين نه مليو آهي.“ ساحلي پٽيءَ تي سامونڊي طوفان جي اچڻ بعد علائقي ۾ اڻ ڳڻيون سياسي، سماجي، واپاري ۽ مذهبي ڌريون لٿل هيون. وفاقي حڪومت پاران تڏهوڪي وزير اعظم ميان نواز شريف ڳوٺ عبدالرحمان ڌانڌل کي ماڊل وليج ۽ تڏهوڪي پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف (هاڻي به شهباز شريف ئي پنجاب جو وڏو وزير آهي) ڳوٺ نور محمد چالڪو کي ماڊل وليج ٺهرائڻ جا اعلان ڪيا پر عمل نه ڪيائون. سامونڊي طوفان کان اڳ هن علائقي ۾ خوشحالي هئي، پر هاڻي علائقي ۾ لاپته ماهيگيرن جي سوڳ سان گڏ روزگار جو مک ذريعو هوڙو/لانچون نه هئڻ ڪري فاقه ڪشي ديرو ڄمائي ويٺل آهي. فوتي ماهيگيرن جا يتيم ٻار هاڻي به پنهنجي بيواهه مائرن کان پيءَ جي پڇا بدران ماني گهرن ٿا. درد ڀوڳيندڙ ٻن عورتن مائي سومري ۽ مائي ليلان جو قصو به ڪو گهڻو مختلف ناهي. ڳوٺ قادر ڏنو ٻوريو جي مائي سومريءَ جا ٽي ناٺي، هڪ ڏير ۽ هڪ ڳڀرو پٽ مري ويو هو، جنهن پنهنجن پيارن جي موت بابت ”اعلانيل معاوضي“ جي حلفيه فارم ڀرڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته، ”دل نٿي مڃي ته هو مري ويا آهن ۽ سرڪار تي به ڀروسو ناهي ته اها مدد ڪندي.“ سندس ڪٽنب جي 16 ڀاتين کي ڪڏهن ويلا ڪاٽڻا پون ٿا ته ڪڏهن پاڙي وارن کان ملندڙ رُکي ماني پاڻي ۾ ڀڄائي/پسائي کائڻي پوي ٿي. ڳوٺ ڇڇر ڌانڌل جي مائي ليلان سڄي ڪٽنب (18 ڀاتي) ۾ شامل نوجوان ننهن، ٻارڙن ۽ ڌيئرن کي علائقي مان روز خيرات وٺي پالڻ کان وڌيڪ پنهنجي فوت ٿيل ٻن پٽن، ٽن ناٺين ۽ مڙس جي وڇوڙي جو درد پاليندي هئي. سندس پراڻي ۽ چتين لڳل چولي جي ڦاٽل کيسي ۾ سندس وڇڙي ويل پيارن جون تصويرون موجود هونديون هيون. تصويرن کي هو چمندي طوفان جي ٻارنهن سال پورا ٿين کان ٻه مهينا اڳ فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڳوٺ عبدالرحمان ڌانڌل جو اهو يتيم ٻارڙو اسماعيل ولد عمر ڌانڌل هاڻي ته جوان اچي ٿيو آهي پر سندس پيءُ ۽ ڀائرن جي وڇوڙي تي تڏهوڪي گورنر معين الدين حيدر جو اهو اعلان هو هاڻي مال چارڻ دوران ڪچهريون ڪندي ٻڌائي ٿو ته، گورنر معين کيس پنهنجي گهر (ڪراچي) ۾ ترسائي پڙهائڻ جو اعلان ڪيو هو. ڪجهه ڏينهن آفيسر کائنس پڇا ڳاڇا ڪندا ۽ آسرا ڏيندا رهيا ته توکي ڪراچي ٿا پڙهڻ لاءِ موڪليون... پوءِ وري ڪنهن پوئتي مُڙي به نه ڏٺو. جيڪڏهن ساحلي پٽي جي سامونڊي تڙن تي نظر وجهبي ته اُتي لانچن ۽ هوڙن جي طوفان ۾ ٿيل تباهي کانپوءِ هوڙن ۾ آيل گهٽتائي ۾ ڪوبه فرق نه آيو آهي. ڪلڪان ڇاڻي، ڪامرن، زيرو پوائنٽ، شاهه سمابو ۽ کڏو وارن تڙن جي ويراني انهن ٻارنهن سالن ۾ جيئن جو تيئن موجود آهي. نظر جڏهن انهن ويران گهرن ۽ اجڙيل ڳوٺن تي پوي ٿي، ته منهنجي ذهن تي سيد احسن الهاشمي جو هي شعر تري اچي ٿو: نه پڇ حال منهنجو مون کان مان سڪل وڻ آهيان، سحر جو وڍي، مچ ٻاري، هٿ سيڪي ڇڏي ويو ڪاروان مونکي. زاهد اسحاق سومرو/جاتي روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: 1999ع وارو سامونڊي طوفان ۽ عمل سائين منهنجا هي ته اهو واقعو آهي جنهنکي 12 سال گذري ويا آهن پر جن ماڻهن جي تباهي کي اڃان سال به نه ٿيو آهي انهنجي ڪنهن سنڀال نه لڌي آهي ۽ ڪيترائي ماڻهون دانهون ڪندي چپ ٿي ويا آهن ته هنن 12 سالن وارن مسڪين ماروئڙن جي ڪير سنڀال لهندو ۔۔۔؟ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ به ڪا عقلمندي ناهي ۔۔۔ پر دانهون ضرور ڪرڻ گهرجن ۔۔۔ ڪوڪون ڪرڻ وس منهنجي ۔۔۔ الله پناه ڏي ظالمن کان ۔۔۔
جواب: 1999ع وارو سامونڊي طوفان ۽ عمل 1999 ۾ حڪومت جيڪي واعدا ڪيا اهي جيڪر پورا ٿين ها ته اڄ سامونڊي پٽي چمن ٿي وڃي ها پر حڪومت جا واعدا رڳو واعدا ئي هيا اڄ به سامونڊي پٽي جا ماڻهو 1999 جي ٻوڏ جي ناڪاري اثرن جو شڪار آهن، هونهن به سنڌ جي ساحلي پٽي جي ماڻهن لا اهڙا عذاب نئين ڳالهه ناهي هنن هر دور ۾ ڀوڳيو آهي