جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
جسم دل جگر جو سنيهو کنيون وڃ
ڀنل اک ابر جو سنيهو کنيون وڃ
جي موسيٰ خدا ڏي وڃين ٿو ته اڄ تون
منهنجي آھ اثر جو سنيهو کنيون وڃ
اي بادِ صبا اڄ خدارا پرين ڏي
تون پياري پهر جو سنيهو کنيون وڃ
محل دل جو هن جي آ درشن لئي آتو
ها ديوارِ در جو سنيهو کنيون وڃ
ڏٺي سال ٿيا هن ها هُن کي اي قاصد
نماڻي نظر جو سنيهو کنيون وڃ
اُجاڙڻ لئي پيئدا ڪيئي ڇو خزان کي
ڪلي گل شجر جو سنيهو کنيون وڃ
جاويدنواز
دعائن۾ ياد