رضوان گل عالمي امن جو بهانو آ [JUSTIFY]هميشه طاقتور قوتن مظلوم قومن جو اصتحصال ڪيو آهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته ڏاڍي هيڻي جي نڙيءَ تي هميشه ننهن رکيو آهي، پاڪستان جي سياسي تاريخ جو جائزو وٺبو ته اها سڌ چڱيءَ پر پوندي ته اسان جي حڪمران طبقي جمهوريت جي نالي کي استعمال ڪندي غير جمهوري طرح پنهنجا فيصلا عوام تي ايئن مڙهيا آهن جيئن اسانجي وڏيرڪن فيصلن ۾ خون کي خون ۾ ڪَٽَ ڪري باقي ڌرين تي ڏوهه ڏنڊ رکي ڏنڊي جي زور تي فيصلو مڃرايو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙي ناجائزيءَ تي چپ چوريندو آهي ته سندس چپن ڪٽيل فوٽو ٻئي ڏينهن جي اخبار ۾ ان ڪئپشن سان ڇپيل هوندو آهي ته ڌريون پاڻ ۾ اٽڪي پيون جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان جا چپ ڪٽيا ويا ... جڏهن ته اهو ”نيڪ ڪم“ انهن ئي چڱن مڙسن جو هوندو آهي جن جي فيصلن تي ڳالهائڻ جي گھٽ کان گھٽ سزا اها هوندي آهي. موجوده دور ۾ هر اهو گروهه جيڪو بظاهر پاڪ صاف دامن سڏجي رهيو آهي، اهو ئي دراصل جھيڙي جي جَڙَ آهي، ڪير ظالم آهي ڪير مظلوم اهو ڪنهن کان به ڍڪيل نه آهي پر پوءِ به طاقت جي ٻل تي داداگيري ڪندڙ اهڙن بين القوامي طاقتن تي آڱي کڻڻ لاءِ ڪوبه ميدان ۾ لهڻ لاءِ تيار نه آهي. اهڙن عالمي داداگيرن ۾ آمريڪا جو نالو سرفهرست آهي جنهن وقت بوقت هن خطي جي مختلف ملڪن تي پنهنجون ميريون نظرون ڄمائي رکيون آهن، ڪجهه سال اڳ ايران کي اکيون ڏيکارڻ کان ويندي افغانساتن ۽ عراق ۾ ڪيل يباهين تائين جيڪا ويجھي تاريخ آهي سا ته اسان سڀني جي سامهون آهي. ايران تاريخي ۽ تهذيبي حوالي سان پوري دنيا ۾ تمام گهڻي اهميت جو حامل رهيو آهي ۽ روايتي طور ايران جا ماڻهو اڏول ارادن جا مضبوط ۽ مشڪلن سان منهن ڏيڻ جا عادي رهيا آهن. ايران ۾ ”تهران ايٽمي مرڪز“ 1958 ۾ وجود ۾ آيو، شاهه ايران جي دور حڪومت ۾ ايٽمي پروگرام ڏانهن تمام گهڻو ڌيان ڏنو ويو ۽ انهيءَ وقت ايران ۽ اسرائيل جا تعلقات به بهتر هئا. امريڪا جو هميشه اهو خواب رهيو آهي ته وچ اوڀر جي ملڪن ۾ موجود تيل جي ذخيرن تي قبضو ڪري انهن ملڪن کي محڪوم بڻائي پنهنجو راڄ قائم ڪجي! ايران طرف ميريون نظرون به انهيءَ خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ واري منصوبي جي ايجنڊا ۾ شامل آهي ٻيو ته ٺهيو پر خود امريڪي مبصرن جو پڻ اهو ئي خيال آهي ته ايران ۾ اکيون وجھڻ جو بنيادي نقطو به اهو ئي آهي. ايران جو صدر احمدي نجاد پنهنجي بين الاقوامي دورن ۾ بهادريءَ وارا بيان ڏيندو رهيو، سوڊان واري دوري ۾ هن بلڪل واضح نموني امريڪي ۽ اسرائيلي پاليسين جي مخالفت ڪئي صدر محمود احمدي نجاد ايران جي صدر هئڻ ناتي انتهائي جرئتمنداڻا فيصلا ڪيا. جهڙيءَ ريت هو امريڪا ۽ اسرائيل جي بدنيتن جي کول ڪندو رهيو ۽ امريڪي سربراهن بابت پنهنجي تقريرن ۾ کليل ريت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو رهيو سو يقينن قابل داد آهي ”دهشتگرديءَ خلاف جنگ“ ته فقط بهانو آ، امريڪا جا اصل مقاصد هن خطي جي امن کي سوليءَ چاڙهي هتي موت جا جهنڊا ڦڙڪائڻ آهي، صرف عالمي طاقت هئڻ سبب پنهنجي مرضي ٻين تي مسّلت ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي!! پاڻ وٽ بارودن ۽ بمن جا ڍڳ جمع ڪري ننڍن ملڪن تي پنهنجي مرضي مڙهي هراسان ڪرڻ امريڪا جو پراڻو مشغلو رهيو آهي، هو ته عالمي امن جي نالي عالمي جنگ واري ماحول کي هوا ڏيندي نظر اچي رهيا آهن!! بقول وفا ناٿن شاهي جي:[/JUSTIFY] عالمي امن جو بهانو آ، عالمي جنگ جو زمانو آ، صرف طاقت جي بادشاهي آ، حڪمران ڀي فقط خزانو آ. [JUSTIFY] اسرائيل ايران ۽ عراق وچ ۾ ويڙهاند ڪرائي فقط پنهنجا عراق جي ايٽمي پروگرام کي تباهه ڪرڻ وارا مفاد حاصل ڪيا ۽ پوري خطي ۾ نسلي فسادن جو بنياد پڻ وڌو. ان دوران اسرائيل جي ڳجهين ايجنسين ڪيترائي عراقي ايٽمي سائنسدان گم ڪري ۽ ماري ڇڏيا! جنهن سان عراق جي ائٽمي پروگرام کي تمام گهڻو ڌڪ پڻ رسيو. ماسڪو پاران ايران کي مسلسل حمايت حاصل رهي آهي باوجود ان جي ته امريڪا ماسڪو کي ايران جي ان قسم جي مدد ڪرڻ کان منع به ڪيو پر ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪندي ماسڪو ايران سان پنهنجا رابطا مسلسل برقرار رکيا. هن وقت جيڪڏهن مجموعي طور ان سموري صورتحال کي ڏسبو ته امريڪا پنهنجي فوجي منصوبه بنديءَ واري عمل کي تمام تيزيءَ سان هر حوالي سان اهميت ڏئي رهيو آهي. پر اها ڳالهه به آمريڪا جي بد مست حڪمرانن کي واضح هجڻ گھرجي ته ننڍا ملڪ غريب ضرور آهن پر وچ اوڀر جي ملڪن جا حوصلا بلند آهن ، هو زلزلو بڻجي دشمنن کي ڌوڙ ڪرڻ جي عزم سان مسلسل وڌي رهيا آهن، استاد بخاريءَ جي هنن سٽن جيان: [/JUSTIFY] پنهنجي اوندهه آڻ منهنجي سوجهري جي سامهون، تنهنجو منهنجو مامرو آ فيصلي جي سامهون، پير پنهنجا کوڙ جي کوڙي سگهين او ڪوڙَ، ٻڌ! ڌوڙ ٿي ويندين جو آئين زلزلي جي سامهون.[JUSTIFY]اچو ته ظالم کي ظالم چوڻ جي سگھ پيدا ڪري انهن اڳواڻن جي ضميرن کي جھنجھوڙي کين اهو احساس ڏياريئون ته دنيا جي هر خطي ۾ وسندڙ ماڻهو به اوترو ئي اهم آهي جيترو ڪو آمريڪي شهري.[/JUSTIFY]
جواب: عالمي امن جو بهانو آ ادا رضوان گُل جا ٿورا جنهن هيڏو سٺو ڪالم ونڊ ڪيو آهي۔۔۔ عالمي امن جو بهانو بڻائي روس جي خلاف جهاد جو ڊرامو ڪري افغانستان ۾ وڙهندڙن جي مالي ۽ جاني مدد آمريڪا ئي ڪري رهيو هو ۽ پاڪستان کي ان جو آلئه ڪار ٺاهيو ويو هو۔ جڏهن اهي مفاد پورا ٿيا ۽ روس کي شڪست آئي ته آمريڪا ڀڄي ويو ۽ پوء سندس ئي هٿيارن جي ذريعي آمريڪا لاء به جنگي محاذ کڙو ٿيو۔ افغانستان ۾ ڪيل ظلم هجي يا عراق ۾ ڪيل بربريت هجي آمريڪا ڪنهن جواز کانسواء ئي پنهنجا مفاد پورا ڪري ٿو۔ عرب ملڪن ۽ وچ اوڀر ۾ موجود تيل جا ذريعا ئي انهن ملڪن لاء دشمنيء جو سبب بڻيا آهن، پر هڪ ڏينهن اهي طاقتون مليا ميٽ ٿيڻيون آهن۔ اميد ته اوهان جا ليک باقائدگيء سان سنڌ سلامت جي زينت بڻبا رهبا۔