موجوده حالتون ۽ مزاحمتي ادب

'مختلف موضوع' فورم ۾ رضوان گل۔ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2011۔

  1. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    رضوان گل

    موجوده حالتون ۽ مزاحمتي ادب
    [JUSTIFY]
    اسان مهمان نواز آهيون، غيرن کي به جيءَ ۾ جايون ڏيڻ وارا، تڏي لنگهي آيل کي خون به معاف ڪري ڇڏيون!! اسان جون روايتون عظيم آهن اسان انهن روايتن جي پاسداري ڪندي ڪندي عظيم ٿيڻ جي چڪر ۾ ماڻهن جي سڃاڻپ ناهيون ڪندا ته ڪير ڪيتري عزت ۽ مان جي لائق آهي! ماضيءَ جي قصن کان ويندي حال جي حقيقت تائين اسان جي تاريخ غلطين سان ڀري پئي آهي، اسان جن کي جيءَ ۾ جايون ڏئي ويهڻ جي جاءِ ڏني هئي هاڻي انهن کان بيهڻ جيتري جاءِ به گھرجي ٿي ته سندن اکيون ڦوٽارجي وڃن ٿيون!!
    اسان پنهنجي ئي گهر ۾ ٻين جي رحم ڪرم جي آڌار پيا جيئون! سڀئي ادارا ۽ اختيار ٻين حوالي ڪري اسان اگهور ننڊ ستل آهيون، بي روزگاري ۽ بدحالي، خوني تڪرار ۽ ڪاروڪاري ڪنهن ناسور جيان اسان جي چوگرد ڦري ويا آهن!! اهي لاڏائو ماڻهو جن کي ڪجهه به پنهنجو نه آهي نه ثقافت نه تهذيب نه ڪا تاريخ!! سي افسوس ته صدين جي عظيم تاريخ رکندڙ هن سڀيتا جي وارثن کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بي گھر بڻائڻ واري عمل ۾ چُستيءَ سان رڌل آهن!!.
    هر پاسي باهه جا ڀنڀٽ ڀڙڪي پيا آهن ڪا به ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي!! ڪير چور ڪير ساد، ميڊيا جي موجودگيءَ اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي، پر پوءِ به هر ڪو اهي باهه جا ڀنڀٽ ۽ لاشن جا ڍير ڏسي خاموش ويٺل آهي. ماضيءَ جا ڪيس ۽ قهر ڇا اسان وساري ويهي رهيا آهيون.؟!! يا فقط هوٽلن ۽ اوطاقن ۾ ويهي حوال ڪٽڻ ئي اسان جو محبوب مشغلو بڻجي چڪو آهي!!؟
    ذاتي نوعيت وارا ننڍڙا مسئلا پٺيءَ پويان اڇلائي، انائن جي آڙاهه ۾ جلندڙ جوانين کي هٿيارن بجاءِ علم جي طاقت سان ليس ڪري اچو ته پاڻ گڏجي شعور جي شمع روشن ڪيون اچو ته هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ڪري وقت وڃائڻ بجاءِ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڪجهه رستن جو تعين ڪريون اهڙا رستا جيڪي خوشحالي ۽ امن جي شهر تائين وٺي وڃن نه ڪي رهزنن جي جوءِ تائين..!!
    دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته جتي به ان سماج جي ساڃهه وند ڌرين پنهنجي روشن خيالي ذريعي ڏتڙيل ۽ مظلوم عوام لاءِ ڪي پر امن ڀونءِ جا خواب ڏٺا آهن ته انهن لاءِ عملي طور اتان جي ماڻهن ۾ علم ۽ ادب ذريعي شعور جو درس ڏنو آهي... ظالم ڌرين خلاف مزاحمت ڪئي آهي، ان مزاحمت جي ڏوهه ۾ انهن اديبن ۽ ساڃهه وند ڌرين کي ڪيتريون ئي سعوبتون به برداشت ڪرڻيون پونديون آهن! پر جڏهن اراد پختا هجن ٿا ته ڏونگر به ڏري پوندا آهن. مزاحمتي ادب جي اهميت جا دنيا جي تاريخ مان سوين مثال ڏئي سگهجن ٿا، جن به مزاحمتي يا انقلاب تحريڪن ڪاميابيون ماڻيون تن جو بنيادي نقطو اديبن ۽ ليکڪن ئي اڀاريو. جڏهن ڪنهن قوم کان سڀ ڪجهه کسجي ويندو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو انتهائي پريشاني ۽ بي چينيءَ واري صورتحال ۾الجهي وائڙو ٿي پيو آهي، عام ماڻهوءَ جي اهڙي وائڙائپ لاءِ ڪي واهرو گهرجن، جيڪي دڳ ڏسن ته جيئن اسان جا ڀٽڪندڙ ماڻهو پنهنجي ئي گهر ۾ نڌڻڪائي واري احساس کان آجپو حاصل ڪري سگهن. قلم قبيلي سان واسطيدار انهن مڙني اديبن جن ماضيءَ ۾ ادبي مورچي کي ڀرپور انداز ۾ سنڀاليو کين التماس آهي ته موجوده صورتحال ۾ به ادبي لڏي کي گڏ کڻي هلن ته جيئن اسان ۾ پئدا ٿيل احساس محروميءَ واري شديد احساس جو خاتمو ٿي سگهي ۽ قبضا ۽ ڀتا خور گروهن کي اهو به احساس ڏيارجي ته خبردار! اگر اسان کي جيءَ ۾ جايو ڏيڻ ايندو آهي ته نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ به اچي ٿو!!.
    ظالم ڀل ڪيترو به طاقتور ڇونه بڻجي پوي پر نتيجي ۾ کيس پشيماني ۽ پڇتاءُ ئي پئله پوندو آهي، سندس منهن ۾ ڌوڙ ئي پوندي آهي شروع ۾ ڀلي ته هو ميدان ماري به وڃي پر انت ۾ فتح هميشه سچ جي ئي ٿيندي آهي!! ڪهري ڪاررواين ۾ جيڪي هٿ ملوث رهيا آهن تن جا چهرا به هاڻي وائکا ٿي چڪا آهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي هن موڙ تي ڇڙو ڇڙ ٿي پير پٺتي ڪرڻ بجاءِ اڳتي اچي هم آواز ٿيڻ گهرجي فقط اسان جو هم آواز ٿيڻ ئي اهڙن ڀتا خور گروهن جي لاءِ هڪ تمام وڏو پيغام هوندو.. اچو ته تبديلن جي سفر تي روان ٿيئون۽ ان طرف پهريون قدم کڻڻ لاءِ پنهنجي ادبي مورچي کي متحرڪ بڻائي عام ماڻهن ۾ اجتماعي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺون.
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: موجوده حالتون ۽ مزاحمتي ادب

    مهرباني سائين

    خبر ناهي ڇو اڄوڪا ليکڪ مزاحمتي لکڻين لکڻ کان ڊڄن ٿا ؟؟ منهنجي سمجهه مطابق ان جو هڪ سبب معاشري پاران اهڙن ماڻهن جو ساٿ نه ڏيڻ پڻ آهي۔ جيڪڏهن ڪو لکي ٿو ته ان جو حشر رياستي ادارا يا پنهنجا ڪهڙو ڪن ٿا اهو سڀني اڳيان واضح آهي۔ اسان ذاتي انائن ۽ مفاهمت سبب خاموش به آهيون ۽ سچ کي سچ چوڻ جي همت به ڪونه پيا ڪيون، جيڪا وڏي بد نصيبي آهي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: موجوده حالتون ۽ مزاحمتي ادب

    مذاحمتي ادب يا اديب پئدا ٿيندا آهن، مذاحمتي حالتن ۽ مذاحمتي اڳواڻن جي موجودگي سبب، مثلن سنڌ ۾ مذحامتي ادب پئدا ٿيو جڏهن ون يونٽ لڳو، هارين جي حقن جي ڳالهه شروع ڪئي وئي ۽ ٻولي جا مسئلا ٿيا، اهي ته هيون سياسي حالتون پر انهن سياسي حالتن جي پويان تمام سگهارا مذاحمتي اڳواڻ به موجود هئا، جن ۾ حيدربخش جتوئي، جي ايم سيد، شيخ اياز ۽ ٻيا سماجي ۽ علمي اڳواڻ پڻ مذاحمتي ادب جا سرواڻ هئا ۔۔۔

    هن وقت سنڌ ۾ مذاحمتي ادب نه پئدا ٿيڻ جا ڪارڻ به ڪجهه هن طرح سان، جيتوڻيڪ سياسي حالتن جي حساب سان ته مسئلا اڳ کان به وڌيڪ ڳرا ۽ ڳوڙها ٿيل آهن، ٻولي جا مسئلا موجود آهن، شهرن ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ مالڪي وارو مسئلو موجود آهي، سياسي ۽ اقتصادي غلامي جا مسئلا اڳ کان وڌيڪ واضح آهن پر پو به سنڌ اندر ايترو مذاحمتي ادب پئدا نٿو ٿئي انجو ڪارڻ صرف ۽ صرف سنڌ جي اندر مذاحمتي شخصيتن جي کوٽ آهي ۔۔۔

    پ پ پ، پورو جو پورو ڀٽو خاندان وڃائي هاڻ ويڪائو بارشي ڏيڏرن جي پارٽي ٿي پئي آهي، قومي تحريڪن ۾ جاندار اڳواڻ نه رهيا آهن ۽ جيڪي آهن سي ذاتي مفادن يا گهٽ عقل فهم جي مالڪي جو ثبوت ڏيندي ڪو خاص ٻوٽو ٻارڻ جي قابل نه رهيا آهن ۔۔۔

    هيٺيون ۽ وچولو طبقو جنهن سان اسانجا اديب يا ليکڪ واسطو رکنٿا، انهن جي آڏو ڪي به آدرشي انسان يا سچا يا وفادار يا سورهيه اڳواڻ موجود ناهن، جنهن سبب مذاحمتي ليکڪ پئدا ٿيڻ بند ٿي ويا آهن ۔۔۔

    سنڌ جون قومي پارٽيون ۽ جيڪي پاڻ کي ترقي پسند يا جمهوري پارٽيون چورائن ٿيون جيستائين انهن جي هلچل ۾ ڪا تبديلي نه ايندي ۽ انجي موٽ ۾ ڪي سڄاڻ اڳواڻ پئدا نه ٿيندا تيستائين، ادب ۾ به مذاحمتي ادب جي ڪمي رهندي ۔۔۔ جيئن اڄ جا ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ شاعر قومي، سماجي يا جمهوري حقن جي ڳالهه ڪندي ادبي تخليقون ڪن ٿا، باقي سڀ عشق، پيار ۽ محبوب جي ڪاڪل تي موهجي ويٺا پنهنجو ۽ قوم جو وقت ضايع ڪن، پر پو به شابس هجين جو قومي ٻولي ۾ جهڙو تهڙو ئي سهي ادب پئدا ٿي رهيو آهي ۔۔۔ جنهن سان ٻولي جي واڌ ۾ مدد ملي ٿي ۔۔۔

    دوست رضوان گل سان گڏ آ به التجا ڪندس پنهنجن دوستن کي ته هو مذاحمتي تحريڪن کي سوڀارو ڪندي، مذاحمتي ادب پئدا ڪري قوم کي اتساه ڏيندا رهن ۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔

    محترم رضوان جا لک ٿورا جنهن اڄ تمام سٺا ليک سنڌ سلامت جي زينت ڪيا آهن ۔۔۔

    ٿورا ناهن ٿورا
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: موجوده حالتون ۽ مزاحمتي ادب

    محترم رضوان گل جن جي تحرير سنڌ سلامت جي زينت ۾ ڪافي اضافو آندو آهي بيحد خوشي ٿي جو سائين جن پنهنجي انمول تحريرن سان اسان کي مستفيد ڪري رهيا آهن اميد ته آئنده به پنهنجي نوازشن کي جاري رکندا۔
     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: موجوده حالتون ۽ مزاحمتي ادب

    ماشاء الله ! سائين رضوان الحق گل صاحب اوهان کي اهڙي بهترين ۽ ڄاڻ سان ڀرپور مضمون ونڊ ڪرڻ تي مبارڪون هجن ، ۽ ڀلا ڀاگ اسان جا جو اوهان جهڙو علمي دوست جو اضافو ٿيو ،
    اسين اميد ڪريون ٿا ته وقت سر اوهان جون قيمتي لکڻيون هن اڱڻ جو زينت بڻجنديون ۽ دوست اوهان جي ليکن مان پڻ استفادو حاصل ڪندا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو