رضوان گل۔
سينيئر رڪن
رضوان گل
اسان مهمان نواز آهيون، غيرن کي به جيءَ ۾ جايون ڏيڻ وارا، تڏي لنگهي آيل کي خون به معاف ڪري ڇڏيون!! اسان جون روايتون عظيم آهن اسان انهن روايتن جي پاسداري ڪندي ڪندي عظيم ٿيڻ جي چڪر ۾ ماڻهن جي سڃاڻپ ناهيون ڪندا ته ڪير ڪيتري عزت ۽ مان جي لائق آهي! ماضيءَ جي قصن کان ويندي حال جي حقيقت تائين اسان جي تاريخ غلطين سان ڀري پئي آهي، اسان جن کي جيءَ ۾ جايون ڏئي ويهڻ جي جاءِ ڏني هئي هاڻي انهن کان بيهڻ جيتري جاءِ به گھرجي ٿي ته سندن اکيون ڦوٽارجي وڃن ٿيون!!
اسان پنهنجي ئي گهر ۾ ٻين جي رحم ڪرم جي آڌار پيا جيئون! سڀئي ادارا ۽ اختيار ٻين حوالي ڪري اسان اگهور ننڊ ستل آهيون، بي روزگاري ۽ بدحالي، خوني تڪرار ۽ ڪاروڪاري ڪنهن ناسور جيان اسان جي چوگرد ڦري ويا آهن!! اهي لاڏائو ماڻهو جن کي ڪجهه به پنهنجو نه آهي نه ثقافت نه تهذيب نه ڪا تاريخ!! سي افسوس ته صدين جي عظيم تاريخ رکندڙ هن سڀيتا جي وارثن کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي بي گھر بڻائڻ واري عمل ۾ چُستيءَ سان رڌل آهن!!.
هر پاسي باهه جا ڀنڀٽ ڀڙڪي پيا آهن ڪا به ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي ناهي رهي!! ڪير چور ڪير ساد، ميڊيا جي موجودگيءَ اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي، پر پوءِ به هر ڪو اهي باهه جا ڀنڀٽ ۽ لاشن جا ڍير ڏسي خاموش ويٺل آهي. ماضيءَ جا ڪيس ۽ قهر ڇا اسان وساري ويهي رهيا آهيون.؟!! يا فقط هوٽلن ۽ اوطاقن ۾ ويهي حوال ڪٽڻ ئي اسان جو محبوب مشغلو بڻجي چڪو آهي!!؟
ذاتي نوعيت وارا ننڍڙا مسئلا پٺيءَ پويان اڇلائي، انائن جي آڙاهه ۾ جلندڙ جوانين کي هٿيارن بجاءِ علم جي طاقت سان ليس ڪري اچو ته پاڻ گڏجي شعور جي شمع روشن ڪيون اچو ته هڪ ٻئي خلاف بيان بازي ڪري وقت وڃائڻ بجاءِ پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ ڪجهه رستن جو تعين ڪريون اهڙا رستا جيڪي خوشحالي ۽ امن جي شهر تائين وٺي وڃن نه ڪي رهزنن جي جوءِ تائين..!!
دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته جتي به ان سماج جي ساڃهه وند ڌرين پنهنجي روشن خيالي ذريعي ڏتڙيل ۽ مظلوم عوام لاءِ ڪي پر امن ڀونءِ جا خواب ڏٺا آهن ته انهن لاءِ عملي طور اتان جي ماڻهن ۾ علم ۽ ادب ذريعي شعور جو درس ڏنو آهي... ظالم ڌرين خلاف مزاحمت ڪئي آهي، ان مزاحمت جي ڏوهه ۾ انهن اديبن ۽ ساڃهه وند ڌرين کي ڪيتريون ئي سعوبتون به برداشت ڪرڻيون پونديون آهن! پر جڏهن اراد پختا هجن ٿا ته ڏونگر به ڏري پوندا آهن. مزاحمتي ادب جي اهميت جا دنيا جي تاريخ مان سوين مثال ڏئي سگهجن ٿا، جن به مزاحمتي يا انقلاب تحريڪن ڪاميابيون ماڻيون تن جو بنيادي نقطو اديبن ۽ ليکڪن ئي اڀاريو. جڏهن ڪنهن قوم کان سڀ ڪجهه کسجي ويندو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ عام ماڻهو انتهائي پريشاني ۽ بي چينيءَ واري صورتحال ۾الجهي وائڙو ٿي پيو آهي، عام ماڻهوءَ جي اهڙي وائڙائپ لاءِ ڪي واهرو گهرجن، جيڪي دڳ ڏسن ته جيئن اسان جا ڀٽڪندڙ ماڻهو پنهنجي ئي گهر ۾ نڌڻڪائي واري احساس کان آجپو حاصل ڪري سگهن. قلم قبيلي سان واسطيدار انهن مڙني اديبن جن ماضيءَ ۾ ادبي مورچي کي ڀرپور انداز ۾ سنڀاليو کين التماس آهي ته موجوده صورتحال ۾ به ادبي لڏي کي گڏ کڻي هلن ته جيئن اسان ۾ پئدا ٿيل احساس محروميءَ واري شديد احساس جو خاتمو ٿي سگهي ۽ قبضا ۽ ڀتا خور گروهن کي اهو به احساس ڏيارجي ته خبردار! اگر اسان کي جيءَ ۾ جايو ڏيڻ ايندو آهي ته نڙيءَ تي ننهن ڏيڻ به اچي ٿو!!.
ظالم ڀل ڪيترو به طاقتور ڇونه بڻجي پوي پر نتيجي ۾ کيس پشيماني ۽ پڇتاءُ ئي پئله پوندو آهي، سندس منهن ۾ ڌوڙ ئي پوندي آهي شروع ۾ ڀلي ته هو ميدان ماري به وڃي پر انت ۾ فتح هميشه سچ جي ئي ٿيندي آهي!! ڪهري ڪاررواين ۾ جيڪي هٿ ملوث رهيا آهن تن جا چهرا به هاڻي وائکا ٿي چڪا آهن ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان کي هن موڙ تي ڇڙو ڇڙ ٿي پير پٺتي ڪرڻ بجاءِ اڳتي اچي هم آواز ٿيڻ گهرجي فقط اسان جو هم آواز ٿيڻ ئي اهڙن ڀتا خور گروهن جي لاءِ هڪ تمام وڏو پيغام هوندو.. اچو ته تبديلن جي سفر تي روان ٿيئون۽ ان طرف پهريون قدم کڻڻ لاءِ پنهنجي ادبي مورچي کي متحرڪ بڻائي عام ماڻهن ۾ اجتماعي شعور بيدار ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺون.
موجوده حالتون ۽ مزاحمتي ادب