منهنجو تعارف

'تعارف' فورم ۾ غلام شبير ڪيريو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2011۔

  1. غلام شبير ڪيريو

    غلام شبير ڪيريو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 مارچ 2011
    تحريرون:
    180
    ورتل پسنديدگيون:
    50
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    ڳوٺ محمد حسن ڪيريو نزد هالانوان
    سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي اسلام عليڪم
    مونکي هن فورم جو ميمبر ٿيندي ته ڪافي ڏينهن ٿي ويا آهن پر مون پنهنجو تعارف نه ڪرايو هو
    منهنجو نالو غلام شبير آهي
    پنهجي ٿوري زمين آهي جيڪا گذر سفر جو ذريعو آهي
    منهنجو ڳوٺ محمد حسن ڪيريو هالا کان 6ڪلوميٽر پري هالا ڀاڻوٺ روڊ تي آهي
    منهنجي تعليم انٽر آهي
    شاعري ۽ سفرنامه پڙهڻ سان لڳاءُ اهي
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: منهنجو تعارف

    [​IMG]

    [JUSTIFY]محترم دوست غلام شبير ڪيريو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون

    تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔ مان سمجهان ٿو اهي دوست جيڪي فيس بوڪ استعمال ڪندڙ آهن اهي ادا شبير ڪيريو جي نالي کان چڱيء ريت واقف آهن ۽ انهن لاء ادا شبير ڪيريو جو تعارف رسمي آهي۔ ڀٽ شاه جي قربت رکندڙ ۽ مخدوم نوح جي شهر هالا جا ڪيترائي سنڌي سپوت آهن جن سنڌ جي خدمت ڪئي آهي۔ انهن ۾ مخدوم طالب المولا ۽ مخدوم فيملي، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو سرواڻ ۽ سماجي ڪمن جو سورهيه ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جا نالا قابل ذڪر آهن۔ اتي ان ئي شهر جي دوستن خاص ڪري ادا شبير ڪنڀار ۽ ادا شبير ڪيريو ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ٻوليء جي ترقيء ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي۔ سوکڙيء جهڙي ناياب نالي سان سنڌ ٻوليء جي جدوجهد ۾ شامل هنن دوستن کي سلام آهي۔

    محترم شبير ڪيريو جون ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي ڪيل چترڪاري ، اها شاهه لطيف جا بيت هجن، استاد بخاريء جي شاعري هجي يا حمل فقير ۽ سنڌ جي نوجوان شاعرن جي شاعري هجي خوبصورتيء سان پيش ڪندو رهي ٿو۔ سندس ڪم ڏسي دل مان تعريفي جملا پنهنجو پاڻ نڪري وڃن ٿا۔
    [/JUSTIFY]


    آيا آس ٿيام منهنجا ٻاروچا ڀنڀور ۾
    پسي پهر پنهون جي منهنجا نهسين نيڻ ٺريام
    گوندر وسريام سکن شاخون ڪڍيون۔

    اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔

    [​IMG]
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا غلام شبير صاحب، توهان کي هن محبتي اڱڻ تي ڀليڪار ٿا چئون۔توهان جي ليکڻن جو انتظار رهندو۔توهان سفرنام پڙهڻ جا شوقين آهيو۔ادا عرس پريو شيخ الطاف شيخ، جن کي اسان جا ڪجه ميمبر ابن بطوط سان تشهبي ڏيندا آهن ، جا سفرنام هن اوطاق جي ڪينوئس تي چٽي هڪ عظيم خدمت انجام ڏئي رهيا آهن،يقنن توهان انهن لکڻين ما مستفيد ٿيندا۔هميشه خوش رهو۔
     
  4. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا هن فورم تي ڀلي ڪري آيا
     
  5. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا هن محبتي اڱڻ تي ڀلي ڪري آيا هتي اوهان کي پيارا پيارا دوست
    ۽ انهن جا سهڻا ۽ سٺا ليک ڪثرت سان ملندا اميد ته اوهان به پنهنجا
    قيمتي ليک دوستن سان ونڊيندا رهندا
     
  6. همانگير سولنگي

    همانگير سولنگي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    1,101
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا دوست توهانکي هن سهڻي سنڌ جي فورم تي ڀليڪار ٿي چئجي اميد ته توهان پنهنجي قيميتي وقت مان هن فورم کي به ٽائيم ڏيندا ته توهانجي وڏي مهرباني ٿنيدي۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔​
     
  7. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا غلام سبير توهان کي هن سهڻي فورم تي ڀليڪار چئون ٿا۔
     
  8. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا غلام شبير ڀلي ڪري آيا
     
  9. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا غلام شبير صاحب، اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون۔
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا غلام شبير ڪيريو کي ڪير ڪونه سُڃاڻندو، پاڻ فيس بُڪ تي هميشه اسان کي پنهنجا پيار ڪڏهن شاهه لطيف سائين جي شاعري پنهنجي خوبصورت چترڪارين ذريعي سُونهن ۽ خوشبو جي صورت ۾ اسان سان ونڊيندو رهندو آهي ته وري ڪڏهن پنهنجا خوبصورت ڪامينٽس لکي اسان جون همت افزايون ڪندو رهندو آهي، شبير ڪيريو سهي معنا ۾ اسان جي سنڌ ڌرتي جي خدمت گُذارن ۾ آهي، سندس قلم جي نوڪ ۽ پاڻ سدائين سنڌ ڌرتي جي ثنا ۽ ساراهه ۾ پاڻ پتوڙيندو رهندو آهي، سچ پڇو ته مونکي ادا شبير ڪيريو جي هن سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تي ڀيرو ڀرڻ ايترو ته پيارو لڳو آهي جو دل چوي ٿي ته سنڌ سلامت تي سندس اچڻ جي خوشي ۾ ڇيرون ٻڌي جهمريون پائي نچان ، جڏهن پنهنجا پيارا پرين اسان جي هن محبتي اڱڻ جو ڀيرو ڀريندا آهن ته اسان جو هي محبتي اڱڻ سنڌ جي تازن گُلابن موتئن ، رابيلن جيان مهڪي پوندو آهي، آئون دل جي گهرائين پنهنجي ۽ سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران اسان جي محبتي دوست غلام شبير ڪيريو کي ڀليڪار ٿو چوان سندس آجيان انهي دُعا سان ڪريان ٿو ته اهو محبتن ڀريو سنڌ سلامت سان ناتو هڪڙي حلالي سنڌي سپوت وانگر هر جنم ۾ برقرار رهندو۔ آمين ڀلي ڀلي ڪري آئين ادا شبير ڪيريو صاحب ۔ شال جڙيو هُجين آمين
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: منهنجو تعارف

    شبير ڪيريو سنڌ سلامت تي ڇا آيو، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي سانوڻيءَ جو مينهن اچي ويو آهي، سنڌ جي شاعرن جي شاعريءَ کي پنهنجا ويس پارائي پيش ڪرڻ، انهن جي شاعريءَ جي سمجهه ۽ فهم کي ڦهلائڻ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪرڻ لاءِ اندر ۾ ايترو اتساهه اٿس جو دوست ڪل وقتي جاکوڙي ٿي پيو آهي، فيسبڪ هجي يا ٻيا انٽرنيٽ جا وسيلا هي دوست اڳ کان اڳرو آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت جو هي اڱڻ سنڌ دوستيءَ جو اڱڻ آهي، سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪرڻ جي اوطاق آهي، ۽ ان ساٿ ۾ شبير ڪيريا جهڙا دوست مالها ۾ موتين جو اضافو ثابت ٿين ٿا ۔۔۔ سنڌ سلامت تي تمام سلڇڻا ۽ سنڌ سڄڻ ايندا رهنٿا ۽ پنهنجين لکڻين سان، پنهنجين ڪاوشن سان پنهنجين خوشين ۽ غمن سان اسانکي به سنواري وڃنٿا ۔۔۔

    اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ ادا شبير ، اوهانکي دل جي گهراين مان ڀليڪار چوندي، ساٿ نڀائڻ جي گذارش ڪبي ۔۔۔ اسانجو ناز ته اوهانجي اچڻ تي ڇيريون ڇمڪايون آهن ۔۔۔ ۽ اسين اوهانجي راهن ۾ نيڻ ٿا وڇايون ۔۔۔

    دوست وڌن ۔۔۔ ميلا لڳن ته هو جمالا ڳائجن

    سڌائتـــي سڀ ڪــا، بک نه باســي ڪا،
    جيهي تيهي ذات جي جنبش ڪانهي جا،
    مونسي هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪــري۔

    اچو ته سنڌ سلامت واري ساٿ سان ساٿي ٿي پاڻ ملهائيندا رهون

    جي ايندي چوني آءُ، ويندي چوني ويهه،
    ڇڏي سارو ڏيــهه، اڱــــڻ اچج انهن جي۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  12. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: منهنجو تعارف

    ادا شبير اوهان کي اڱڻ تي ڀليڪار ٿو چوان۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو