سنڌ جو ڀلوڙ مشڪرو آچر لاشاري

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ جي ڪاڇي سان تعلق رکندڙ آچر لاشاري فقير (مشهور عوامي مشڪرو)
    [​IMG]


    اسين جڏهن 5 درجو پاس ڪري لاڙڪاڻي پائلٽ اسڪول ۾ داخلا ورتي ته پورو لاڙڪاڻو لتاڙي اسڪول وڃڻو هوندو هو، ڇاڪاڻ علي گوهر آباد کان پائلٽ اسڪول وڃڻ معني ته لاڙڪاڻي جو سير ۔۔۔ خئير اسين جڏهن خاص طور تي جناح باغ وٽان اچي گذرندا هياسون ته آچر مشڪرو پنهنجي مشڪري لايون ويٺو هوندو، ننڍا ٻار،نوجوان، پوڙها سڀ چوڌاري مڙي ويندا هيس، لطيف جا بيت، ننڍڙا ننڍڙا ٽوٽڪا، چرچا گهٻا ۽ ڪئي نموني جا ناٽڪ ڪري ماڻهن کي کلائي کلائي اصل اهڙو ته ڪري ڇڏيندو هو جو ماڻهون اصل نئون بنو ٿي ويندا هئا ۔۔۔ آخر ۾ ڪپڙو وڇائي ڪجه ڏوڪڙ پني ماڻهن کي دعائون ڪندو هليو ويندو هو ۔۔۔ اسانجو تعلق به سندس ڀوڳن ٻڌڻ ۽ مزي وٺڻ تائين هوندو هو ۔۔۔ نه سندس ڪڏهن نالو پڇيوسين ۽ نه وري سندس جا سور ٻڌاسون، اسين ته بس هڪ مشڪرو سمجهي پيا گد گد ٿيندا هئاسون ۔۔۔

    اڄ جڏهن پيري ۾ بيماري جي حالت م ڪاوش ٽي وي تي نطر آيو ته اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ته اهو شخص جيڪو سڄي ڄمار ماڻهن کي کلائيندو ۽ انهن کي لطيف سمجهائيندو رهيو اڄ اهو بيمار ۽ پوڙهو آهي ۔۔۔ سندس حالت خراب آهي ۽ هو ويچارو ڪنهن آڏو گهرڻ جهڙو به ناهي ۔۔۔ فقير ته آهي پر هاڻ هو مجبور آهي ۔۔۔

    الله اڪبر ، سنڌ ڪيتري نه نماڻي آهي جو انجا اديب، شاعر، مشڪرا يا فنڪار اهڙي خراب زندگي گذاريندي مرندا وڃن پر سندن ڪو پرسان حال ناهي ۔۔۔ جڏهن سنڌ ڪو سڃو ملڪ ناهي، سنڌ سون آهي ٻين لا دبئي آهي پر سنڌين لا ٿر ۽ ڏڪار آهي ،،،،، صد افسوس صد افسوس

    منهنجو هن فورم ذريعي دوستن کي عرض آهي ته هو هن فقير جو ڏس پتو ڳولهي لهن ۽ کيس جيتري مدد ٿي سگهي اوتري ڪن ته جئين فقير جي ڪجهه ساهتا ٿي سگهي ۽ الله به راضي ٿئي ۔۔۔

    الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن ۔۔۔

    رب اوهان دوستن جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جو ڀلوڙ مشڪرو آچر لاشاري

    سائين نثار سلام

    سنڌ جي منن روايتي مزاح جي ماڻهن جي هاڻي گهتتائي ٿيندي وڃي۔ اسان سڀ آچر لاشاري جي بهتري لاء دعاگو آهيون ۽ دوستن کي عرض ته سندس مدد ڪيئن ڪجي ۽ هن تاائين ڪيئن پهچجي ۔ضروري جاچ ڪري ٻڌائن۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو