هارين جي حقن لاءِ اڻ لکيل ٺاهه جو قصو

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هارين جي حقن لاءِ اڻ لکيل ٺاهه جو قصو
    تحرير : اسحاق مڱريو​

    [JUSTIFY]گڏيل هندستان جي سياست واري دور کان وٺي سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ لاپي ۽ رسائي جي خلاف غلام محمد ڀرڳڙي ۽ وشنداس هرچندراءِ 1917ع ۾ قانون پاس ڪرايو هو پر سنڌ ۾ وڏيرا شاهي جي اثر ڪري ان تي عمل نه ٿي سگهيو. ان کان پوءِ 1940ع ۾ ممبئي حڪومت هارين جي حقن جي سلسلي ۾ ايڪٽ پاس ڪيو. سنڌ ممبئي جو حصو هئڻ جي باوجود سنڌ جي زميندار ۽ جاگيردارن ان ايڪٽ تي عمل ڪرڻ نه ڏنو. ان جي باوجود سنڌ ۾ هاري جدوجهد ڪندڙ ڌرين پنهنجي جدوجهد ذريعي هاري قانون جي حاصلات لاءِ هڪ وڏي مهم هلائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ ان دور ۾ سنڌ جي سياست اندر هارين جو معاملو اهم ايجنڊا تي اچي چڪو هو.

    هونءَ جدوجهد جا ڪئين طريقا سياست ۾ رائج آهن، جيڪي پنهنجي پارٽي يا طبقي جي حاصلات لاءِ اپنايا ويندا رهيا آهن، پر سنڌ جي سياست ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ کي پاس ڪرائڻ لاءِ ڪيل لابنگ يا وري اقتداري ڌرين سان پنهنجي طبقي جي حق ۾ حاصلات لاءِ ڪو ٺاهه ڪرڻ سياسي ڏاهپ ۽ وڏي بصيرت جو ڪم هجي ٿو. ان سلسلي ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ وڏي ڏاهپ جو ڪم ڪندي ان وقت جي سنڌ جي وزيراعظم يوسف هارون سان اڻ لکيل ايگريمينٽ ڪيو، جنهن ۾ هن يوسف هارون جي مقابلي ۾ ننڍي چونڊ دوران ان جي مقابلي ۾ اميدوار طور فارم انهيءَ شرط تي واپس ورتو ته يوسف هارون ان جي مقابلي ۾ سنڌ جي هارين جي حق ۾ ٽيننسي ايڪٽ وارو قانون اسيمبليءَ مان پاس ڪرائيندو. اهو تاريخ جو وڏو سچ ۽ هاري جدوجهد جي ليڊرشپ جي سياست جي غير معمولي ڪاميابي آهي. ٿيو هيئن جو سنڌ جي وزير اعظم پير الاهي بخش جي وزارت عظميٰ اليڪشن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 1948ع ۾ ڊسمس ٿي وئي . ان سان گڏوگڏ ان جي ميمبري پڻ ختم ڪئي وئي. ان جي جاءِ تي يوسف هارون سنڌ جو وزير اعظم مقرر ٿيو. يوسف هارون کي ان لاءِ اسيمبلي جو ميمبر ٿيڻو هو. سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ اهو دور سياسي حساب سان وڏي اهميت جو حامل آهي، ان ڪري ان کي وڌيڪ بحث هيٺ آندو ويو آهي. ان سلسلي ۾ ان وقت جي سياسي تاريخ شاهد آهي ته ڪيئن ڳٺ جوڙ ٿيندي رهي پر سنڌ جو وزير اعظم يوسف هارون اسٽبلشمنٽ جي مرضيءَ موجب سنڌ جو وزير اعظم ته ٿي ويو پر جڏهن ان جي چونڊ جو معاملو سامهون آيو ته ان لاءِ سنڌ جي ڪنهن به تڪ ۾ سنڌ جا وڏيرا هن لاءِ سيٽ ڇڏڻ تي تيار نه هئا. ان ڪري سنڌ جي بورجوا سياست جي تاريخ جو اهو هڪ دلچسپ داستان آهي. يوسف هارون جي وڏي وزير ٿيڻ کان پوءِ ان وقت سنڌ ۾ 6 سيٽون خالي ٿيل هيون، جنهن ۾ هڪ ته اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي موجب خالي ٿيون هيون جن ۾ پير الاهي بخش ۽ قاضي محمد اڪبر جون ٻيئي سيٽون خالي ٿيون هيون . ان کان سواءِ نواب شاهه ۾ ميان محمد اعظم جي فوت ٿيڻ ۽ شهدادپور مان علي محمد مري جي فوت ٿيڻ سبب سيٽون خالي ٿيون هيون. ساڳي طرح ايوب کهڙي جي ڊسڪواليفائيڊ ٿيڻ ڪري ان جي سيٽ خالي ٿي هئي ۽ عبدالستار پيرزادي جي مرڪز ۾ وڃڻ ڪري سکر مان ان جي سيٽ خالي ٿي هئي. ايترين سارين سيٽن جي خالي ٿيڻ باوجود يوسف هارون کي ڪوبه پنهنجي تڪ جي سيٽ ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. يوسف هارون کي ڏهه مهينن جو عرصو گذري چڪو هو پر هو ميمبري حاصل ڪري نه سگهيو هو. هو هر تڪ تي اميدوار ٿيڻ جو خواهشمند رهيو. ان لاءِ هن سڀ کان پهرين پير الاهي بخش واري تڪ تي اميدوار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. ان تڪ جي چونڊ هڪ دلچسپ صورتحال پيدا ڪئي.

    اسٽبلشمينٽ جي اميدوار يوسف هارون کي سنڌ جا وڏيرا چونڊ کٽائڻ لاءِ ڪٿان به تيار نه هئا. ان جو مثال ان مان به ملي سگهي ٿو ته يوسف هارون جي خواهش هئڻ جي باوجود هو ميمبر نه ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ ايوب کهڙو ان وقت اليڪشن لاءِ ڊسڪواليفائيڊ قرار ڏنل هو، ان جي باوجود هو پنهنجي سالي عبداللطيف پنهور کي انهيِءَ تڪ تان بنا مقابلي ميمبر چونڊرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جڏهن ته انهيءَ تڪ تي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي فارم ڀريو جنهن کي رٽرننگ آفيسر وٽ وڃڻ کان اڳ ۾ اغوا ڪيو ويو. جڏهن ته ان جي غير موجودگي ۾ ٻيو فارم جمع ڪرايو ويو، جنهن کي اهو چئي رد ڪيو ويو ته هن تي اصلي صحيح ٿيل نه آهي . ان تڪ تان پير شاهنواز جو فارم ننڍي عمر هئڻ ڪري ۽ ٻين ٻن اميدوارن تاج صحرائي جو ووٽر لسٽ ۾ صحرائي لکيل نه هئڻ ۽ آخوند شفيع محمد کي گرفتار ڪري فارم جمع ڪرڻ نه ڏنو ويو. جڏهن ته يوسف هارون ان کان اڳ ۾ انهيءَ تڪ تي پير علي محمد راشدي ۽ ٻين اميدوارن جي مقابلي ڪرڻ سبب گورنر پاران مداخلت ڪرائي چونڊ ملتوي ڪرائي هٿ کڻي ويو هو. ان ڪري تڪ صاف ٿي نه ملڻ ڪري هو ٻيهر اليڪشن ۾ ئي نه بيٺو هو.

    ٿيو هيئن ته انهيءَ اليڪشن ۾ دانهون، ڪوڪون، احتجاج ، مظاهرا فقط هاري ڪميٽي جي اميدوار حيدر بخش جتوئيءَ پاران ئي ٿي سگهيا ته چونڊن ۾ دانڌلي ٿي آهي. ان کان پوءِ شهدادپور واري تڪ تي پڻ محمد علي شاهه ڄاموٽ ۽ ٻيا اميدوار سامهون آيا، پر يوسف هارون جي مقابلي ۾ سڀ وڏيرن گڏجي محمد علي شاهه کي هٿ کڻائي جان محمد مريءَ کي ٽڪيٽ ڏياري بنا مقابلي کٽرائي ڇڏيو. يوسف هارون لاءِ اهڙي ڇڪ ڇڪان ۾ عبدالستار پيرزادي جي سکر مان خالي ڪيل سيٽ تي چونڊائڻ جو فيصلو ڪيو. يوسف هارون لاءِ اليڪشن جو ٿيڻ وڏو مسئلو هو. هن هر صورت ۾ پنهنجو پاڻ کي بنا مقابلي کٽرائڻ چاهيو پئي. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن اليڪشن جو اعلان ٿيو ته اميدوارن ۾ ٻين سان گڏوگڏ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پڻ اميدوار طور سامهون آيو هو . يوسف هارون وزيراعظم هجڻ باوجود پنهنجي تڪ تي بنا مقابلي چونڊائڻ لاءِ هن وڏيرن کي ته چئو چوان ڪرائي هٿ کڻائي ورتو هو پر هاري ڪميٽي وارا راڙها ۽ احتجاجي ڪامريڊ هئڻ ڪري انهن کي هٿ کڻائڻ يوسف هارون لاءِ سڀ کان ڏکيو ڪم هو. ان جو هڪڙو سبب اهو هو، جنهن ۾ جاگيردارن ۽ وڏيرن تي پير الاهي بخش ۽ قاضي محمد اڪبر جي چونڊ رد ٿي چڪي هئي. ان ڪري نفسياتي طور وزير ۽ وڏيرا ڪنهن ٽڪراءَ ۾ وڃڻ جي بدران معاملن کي ڳالهين سان طئه ڪرڻ چاهين پيا. ان ڪري انهيءَ چونڊ تڪ ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن لاءِ سڀ کان ڏکيو ماڻهو حيدر بخش جتوئي هو. ان ڪري يوسف هارون ڪنهن به معاملي ۾ ٽڪراءَ ۾ وڃڻ جي بدران ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان ڳالهيون ڪيون. انهن ڳالهين دوران اڻ لکيل هڪ اهم ٺاهه سامهون آيو. يوسف هارون جي انهيءَ واعدي تي ته هو هٿ کڻائڻ جي عيوض سنڌ ۾ ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرائيندو.

    حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهيءِ ٺاهه جي پاسداري هڪ ئي وقت ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪندي تڪ جي چونڊ تان هٿ کنيو ته ساڳي طرح يوسف هارون وري انهيءَ اڻ لکيل ٺاهه جي پاسداري ڪندي اسيمبلي مان وڏيرن ۽ جاگيردارن جي موجودگي ۾ ٽيننسي ايڪٽ منظور ڪرايو. انهيءَ ٺاهه جي منظوري لاءَ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کي ڇا ڪرڻو پيو ۽ يوسف هارون کي پنهنجي پاسي کان ڇا ڪرڻو پيو، اهو سڀ تاريخ جي شاگرد لاءِ اهميت جو حامل آهي ته سياسي اڳواڻ کي واعدي جي ساک رکڻ لاءِ ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو پيو. انهيءَ ٺاهه سنڌ جي سياست تي اڻ مٽ اثر ڇڏيا. انهيءَ اڻ لکيل ٺاهه موجب يوسف هارون کي وڏيرن جي اڪثريت هئڻ واري اسيمبليءَ مان هارين وارو ايڪٽ پاس ڪرائڻ وڏو مسئلو هو. ان لاءِ هن سياسي طور حڪمت عملي اختيار ڪندي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي تي بار وڌو ته هو سنڌ حڪومت تي پنهنجو سياسي دٻاءُ لاڳيتو وڌائي، جنهن ڪري هاري ڪميٽيءَ لاڳيتو پنهنجو احتجاج جاري رکيو، پر ان باوجود يوسف هارون کي انهيءَ قانون پاس ڪرائڻ ۾ ٻن سالن جو عرصو لڳو. ٻئي طرف هاري ڪميٽي ان لاءِ هزارين هارين جو ڪراچيءَ ۾ سنڌ اسيمبليءَ اڳيان تاريخي ڌرڻو هنيو. جڏهن ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ يوسف هارون جي گهر اڳيان اهو چئي هزارين هاري گڏ ٿي ويا ته ان کي يادداشت نامو ڏيڻو آهي. اهڙي طرح يوسف هارون هاري ڪميٽي وارن کي ڪيل ٺاهه موجب فيسيليٽيٽ ڪيو ۽ سنڌ جي وڏيرن کان وڏي ڏاهپ سان هارين جو وڏو دٻاءُ وجهائي هاري ايڪٽ پاس ڪرائي وڃڻ ۾ ڪامياب ويو . انهيءَ سڄي ڪم جي پويان هاري ڪميٽي جي ليڊرشپ جي سياسي ڏاهپ ۽ يوسف هارون جي واعدي وفائي جو گڏيل عمل دخل هو . ان ڪري ايڏو اهم سياسي ڪم عمل ۾ آيو.

    (نوٽ: اڄ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي ملهائي پئي وڃي)[/JUSTIFY]

    روزانه عبرت تان ورتل
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو