ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - جيئي سنڌ جي نعري ۽ سنڌ ۾ هاري تحريڪ جو خالق
    محمد سليمان وساڻ

    سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا

    هي آزاد ۽ روشن خيال، اڏول ۽ ارڏو انسان هوش عقل ۽ جوش سان ڌرتيءَ وارثن لاءِ قومي جنگ جوٽيندڙ، سنڌين لاءِ سوڀون ماڻيندڙ قومي قافلي جو قائد، جيئي سنڌ نعري جو خالق، عملي انسان، قومي شاعر، انقلابي اديب، ليکڪ، قانوندان ۽ سياستدان، وڏيرڪي ڦرلٽ ۽ بيگاري نظام جو دشمن، قومي تحريڪن ويلن ۽ مهلن جو مڙس، غلامي کان نجات ۽ آزادي جو پيغام ڏيندڙ، انسانيت دوست، فلاسافر، ڏاهو، پيرن ۽ پٺي اگهاڙن، ڪوڏر، ٽوپي، پٽڪي، اجرڪ، بوڇڻ، ڏاٽي، ڪهاڙي، هر ڪاهيندڙ يڪتارو ۽ چنگ وڄائيندڙ هاري لاءِ جيون حوالي ڪندڙ حيدر بخش هڪ نيڪ مرد رئيس الهداد خان جتوئي جي گهر ۾ شاهوڪار تهذيب ۽ ثقافت واري ماٿري موهن جي دڙي لڳ خوش نصيب ڳوٺ بکو ديري اڳوڻي تعلقي لب دريا هاڻوڪو ڏوڪري ضلعو لاڙڪاڻي ۾ تاريخ 7 آڪٽوبر 1901 تي ڄائو. پاڻ اڃا ٻن سالن جي عمر جو هو سندس امڙ وفات ڪري وئي پوءِ والد، ڏاڏي ۽ پڦيء کيس پاليو.

    پاڻ 1918 ع ۾ سنڌي فائنل جو امتحان پاس ڪيائين ۽ سچي سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو، مئٽرڪ سنڌ مدرسي مان 1923ع ۾ پاس ڪيائين. 1927 ۾ بي اي بمبئي يونيورسٽيء مان پاس ڪيائون. روينيو ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪيائون پر پنهنجي عروج ۽ جواني ۾ سال 1943ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان استعيفيٰ ڏنائين. ان وقت سنڌ ۾ انهن عهدن تي انگريز نوڪريون ڪندا هئا ۽ سنڌي يا مسلمان اعليٰ عملدار ڪو نه هوندو هو ۽ اڌ سنڌ نوڪرين لاءِ ڌڪا کائيندي هئي.

    سنڌ جي هارين جي ابتر ۽ مظلوميت واري زندگي ڏسي حيدر بخش جتوئي سال 1945ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو. مسٽر ڄيٺل رام، جمشيد مهتا، عبدالقادر ميوا خان کوکر، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪوششن سان سال 1930ع ۾ ٺهيل سنڌ هاري تحريڪ جيڪا گهڻي عرصي کان غير موثر ٿي وئي هئي سا هاڻي وري سال 1945ع ۾ حيدر بخش جي شموليت سان نئين رنگ روپ جوش جذبي ۾ وري نروار ٿي اڀري، جتوئي صاحب هن پليٽ فارم تان پنهنجن خيالن يا نظريي کي عملي شڪل ۾ پيش ڪرڻ لاءِ هفتيوار اخبار هاري حقدار جاري ڪري سنڌ ۾ هاري انقلاب جي رستي ۽ منزل کي آسان بڻائڻ، جاگيردارن ۽ وڏيرن پاران هارين تي ٿيندڙ ناانصافين ۽ حق تلفين خلاف آواز اٿارڻ کان علاوه هارين جي مسئلن کي کڻڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي. جتوئي صاحب جي اڳواڻي ۾ هاري ڪميٽي يا هاري پارٽي هارين ۾ ايترو ته شعور پيدا ڪيو جو هاري پنهنجا نمائندا صدين کان قابض وڏيرن سردارن ۽ نوابن جي مقابلي ۾ بيهاريا. نتيجي ۾ پاڪستان جي خالص جماعت مسلم ليگ کان پوءِ ٻئي نبر تي هاري پارٽي جي حامين کي اليڪشن ۾ ووٽ ملڻ لڳا. پهريون ڀيرو سنڌ جي تاريخ ۾ وڏيرن نوابن ۽ سردارن کي آرام وارن بنگلن مان ٻاهر نڪري ووٽن حاصل ڪرڻ لاءِ عوام جي دروازن تائين پنڌ ڪرڻو پيو نه ته اڳ هو ننڍن وڏيرن ۽ ڪامورن معرفت ووٽ حاص ڪندا هئا. جاگيرداري ۽ وڏيرڪي سياست ۾ حيدر بخش هي پهريون انقلاب آندو. سال 1951ع ۾ قمبر ضلعو لاڙڪاڻو ۾ سردار سلطان احمد چانڊيي جي مقابلي ۾ فارم ڀريو پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. هتي نواب سلطان احمد خان جي اشاري تي سندس راڄ جي ماڻهن جتوئي صاحب تي پٿر وسايا ۽ ورڪ ڪندڙ سڀني جيپن جا ٽائر ڦاڙي ڇڏيا. کيس اغوا ڪري زخمي ڪرڻ بعد سڃ ۾ ڦٽو ڪيو ويو. سندس ساٿين سان پڻ ساڳيو سلوڪ ڪيو ويو. 10 مارچ ا1951ع واري اليڪشن خلاف هاري پارٽي اپيل ڪئي ۽ سلطان احمد خان چانڊيو صاحب جي اليڪشن کي غلط قرا رڏنو ويو. ڇاڪاڻ ته نواب چانڊيو صاحب جي عمر اليڪشن ۾ بيهڻ جي نه هئي. ڪوڙو سرٽيفڪيٽ ڏيندڙ هيڊ ماستر کي به سزا نه ملي پر سنڌ جي جاگيردارن ۾ وڏو غصو پيدا ٿيو ۽ هنن ڪامريڊ جتوئي کي گرفتار ڪرائي جيل اماڻيو.

    هڪ تاريخي ڪانفرنس 15 مارچ 1953ع تي تجرباغ هاڻوڪو هوشو پارڪ لاڙڪاڻي ۾ ٿي. صدارت حيدر بخش جتوئي صاحب ڪئي. هي سنڌ جي يادگار هاري ڪانفرنس هئي، جنهن کي محترم جي ايم سيد، ميان افتخار احمد، پير الاهي بخش، برڪت علي آزاد، جمال الدين بخاري، غلام محمد لغاري، رسول بخش پليجو، قادر بخش نظاماڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. وري ساڳي باغ ۾ 4 اپريل 1954ع تي ضلعي هاري ڪانفرنس زير صدارت حيدر بخش جتوئي صاحب جي منعقد ٿي. ون يونٽ خلاف پڻ هاري ڪانفرنس مارچ 1957ع ۾ لالو رانڪ وارهه تعلقي ۾ ٿي صدارت حيدر بخش جتوئي ڪئي. 15 مئي 1957ع تي ڪامريڊ علي محمد عباسي جي ڪوششن سان ڳوٺ وليد تعلقو لاڙڪاڻي ۾ هاري ڪانفرنس ٿي جنهن جي صدارت ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ڪئي.

    سنڌ حڪومت جي سربراهه خان بهادر محمد ايوب کهڙي کيس سال 1954ع ۾ گرفتار ڪيو پر عدالت مان هن کي نيٺ آزادي حاصل ٿي. حيدر بخش پهريون سنڌي سياستدان هو جنهن ون يونٽ جي کلي عام مخالفت ڪئي. هن ڏس ۾ هن سنڌ جو دورو ڪيو، پريس ڪانفرنسون ڪيون، پمفليٽ جاري ڪيا، پاڻ ورهائيا، ريل ۽ بسن ۾ سفر ڪيو ۽ تقريرون ڪري عام ماڻهو تائين ون يونٽ سبب سنڌ کي پهچندڙ نقصانن بابت ڄاڻ ڏيندو رهيو. سنڌ ۾ هي پهريون دفعو ڪنهن قومي مقصد لاءِ سڌو سنئون عوامي رابطا مهم جو آغاز هو. سنڌ ۾ هاري ڪميٽي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي قيادت ۾ حقن حاصل ڪرڻ لاءِ وڏيون تحريڪون هلايون ۽ ڪاميابيون ماڻيون، هن جي دور ۾ سنڌ جو وڏيرو، ڪامورو ۽ وزير هاري ورڪر کان ڪن هڻندو هو.

    جديد سنڌ جي تاريخ جا ٽي اهم ڪردار خاص طور تي اوهان نوجوانن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجن، هڪڙو شهيد الله بخش سومرو ٻيو ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ ٽيون سائين جي ايم سيد اسان جي موجوده جيڪا ذلت واري صورتحال آهي، غلامي واري ذلت، وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي بالادستي، بي روزگاري واري موجوده حالت، طبقاتي استحصال واري صورتحال انهن سمورين ذلتن مان جيڪڏهن توهان پارٿيڻ چاهيون ٿا ان مان جيڪڏهن اوهان سنڌ ۽ سنڌي قوم کي ٻاهر ڪڍڻ چاهيو ٿا ته مٿي ڄاڻايل ٽنهي ڪردارن جي سوچن، ڪردار ۽ جدوجهد کي سامهون رکي اڄ جي حالتن مطابق اوهان جدوجهد جي اڳواڻي ڪندئو ته مون کي يقين آهي ۽ اهو ڏينهن پري ناهي جو اوهان سنڌ کي هن غلامي مان آزادي ڏياري هڪ خودمختيار حيثيت سان ڏسندئو.

    شهيد الله بخش سومرو برصغير ۾ جديد قومپرستي جي تصور جي شروعات ڪئي ۽ سيڪيولر سوچ کي هٿي ڏني، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هتان جي ماڻهن کي طبقاتي سوچ ڏني ۽ طبقاتي بيانن تي ٿيندڙ استحصال کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو، اهي ظالم جاگيردار ۽ وڏيرا غريب ۽ پورهيت ماڻهوءَ کي پاڻ سان گڏ ويهارڻ به پسندن نه ڪندا هئا، حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته اهي پورهيت انسان وڏيري ۽ جاگيردار کان انساني گڻن جي حساب سان اُتم هيا ۽ آهن ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو محنت ڪري اناج، ڪپهه ۽ مختلف ميوا پاڻي انساني زندگي ۽ تهذيب جو سامان ميسر ڪري رهيا هئا اهڙن عظيم انسانن کي ظالم جاگيردار ۽ وڏيرا هيٺ ويهاريندا هئا ۽ پاڻ ڪجهه به نه ڪندي مٿي ڪرسي تي ويهي نام نهاد فخر ڪندا هئا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين کي اها سوچ ڏني ته اهي وڏي عزت جي لائق آهن هن سماج ۾ هن معاشري ۾ انهن کي اها عزت ملڻ گهرجي.

    هن صحافت به ڪئي ۽ ڪيترا مضمون لکيا، شاعري پڻ ڪئي جنهن جو محور سنڌ هئي. هن 21 مئي 1970 ع تي وفات ڪئي. اڄ سموري سنڌ کيس سلام پيش ڪري رهي آهي.

    حواله:

    ستار ڀٽيء جو لکيل عوامي آواز ۾ ليک
    هاشم کوسو جو لکيل ليک

    توتي سنڌ هزار سلام!
    خوش رهه باغ بهار مدام!
    خوش رهه خندان با آرام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    ”ڀاءُ آ پنهنجو هر انسان!“
    پنهنجو آهي هي ايمان!
    پنهنجو آهي هي سلام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!
    ”ڪينو فتنو ٿئي برباد!“
    ”قرب محبت زندهه باد!“
    خاص ۽ عام پئن هي جام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    جيئي هنڌ ۽ جيئي سنڌ!
    جيئي جيءَ مٺو هر هنڌ!
    پيار بهار ٿئي عام ۽ جام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    سنڌي سهڻو سادو صاف،
    هن جي تلاش آ حق انصاف!
    هن وٽ آهه نقاق حرام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    جيئي پنهنجي مٺڙي زبان!
    جيئي پنهنجو شعر بيان!
    جيئي پنهنجو غزل سلام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    جيئي جمالو ڇلو ڏور!
    جيئي دلو، سرندي سور!
    جيئي ڏوهو، ڪافي ڪلام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    جيئي سنڌو جو درياهه!
    جيئي سنڌو! پنهنجو ساهه!
    آب حيات آ جنهن جو جام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    جيئي سکر جي بئراج!
    جيئي گدو هي گج گاج!
    جيئي ڪوٽڙي ڌم ڌام!
    جيئي ٻيلو، نم، ٻٻر!
    جيئي ڪيلو، سنڌڙي، سر!
    جيئي باغ بهار تمام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    جيئي ڪاڇو، جيئي ٿر!
    جيئي لاڙ، جيئي ڪينجهر!
    جيئي منڇر، انڇر جام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    جيئي سنڌ زمين دلشاد!
    جيئي کيت کيت آباد!
    جيئي سرسبزي هر گام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    جيئي هاري ۽ مزدور!
    جيئي هارياڻي پر نور!
    پورهئي اندر صبح ۽ شام!
    جيئي سنڌ ! جيئي سنڌ!!
    جيئي سنڌي دلبر جان!
    مرد ۽ زال هر انسان!
    ٻچڙو ۽ ٻچڙي گلفام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    جيئي سنڌين سان هي سنڌ!
    سنڌين جي امان هي سنڌ!
    سنڌين جو ناموس اڪرام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    سنڌ جو نام ٿو مٽجي ڪيئن؟
    سنڌ جو نام ٿو گهٽجي ڪيئن!
    هردم سنڌ جي زندهه نام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    ٻوڙا! سنڌ جي ٻڌ فرياد!
    گم ٿي ويا ڪيئي شداد!
    ڪيئي نام ٿيا گمنام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    بي انصافي جو بنياد
    ٿئي نابود ۽ ٿئي برباد!
    آ تاريخ جو هي انجام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    سنڌ جا دشمن! ڇڏ هي جور!
    دور! هي جور جو بڇڙو دور!
    سنڌ کي مار نه بي الزام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    سنڌ کي مار نه سمجهي هيچ!
    سنڌ کي مار نه سمجهي نيچ!
    سنڌ کي سمجهي هڪ گگدام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    سنڌ سٻاجهڙي رنج نه ڪر!
    رنج رسائي ۽ گنج نه ڪر!
    ڦرلٽ آهه تمام حرام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    فوج ۽ جنگ تي باور ڇڏ!
    تير ۽ تفنگ تي باور ڇڏ!
    ڪٽجي ويا فوجن جا امام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    حاڪم وارو ڪر نه خمار!
    ڀاءُ سان ڀاءُ مثال گذار!
    ڀاءُ جي کٽ جس ۽ انعام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    حاڪم وارو ڪم نه غرور!
    سور ڏيئي ٿو ٿيئن مسرور!
    گهر ۾ پوندءِ رڙ ماتام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    سنڌ، سمجهه! آ ستل شير!
    ڪينڪي رهندو تنهنجي زير!
    سنڌ ۾ سهسين سورهيه ڄام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    سنڌي پيارا! صلح پسند!
    ظالم ڪيئن ٿو سمجهي پند!
    ظالم جا ظالم احڪام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!
    هيرا، موتي هيئن نه هار!
    بي قدرن وٽ ڇا ويچار؟
    ڪوڏين کان گهٽ تنهنجو ڪلام:
    ”جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    سنڌي پيارا! همت ڪر!
    هار نه مڃ، ڪجهه جرئت ڪر!
    ظلم جي هر هام تمام!
    جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!
    همت سان آ سڀ آسان!
    قرباني ڪر، ٿي قربان!
    جيئي سنڌي، خاص ۽ عام!
    جيئي سنڌ، جيئي سنڌ!!
    سنڌ جو سڏ آ- چو لبيڪ!
    پنهنجو آهه ”سلام عليڪ!“
    پنهنجو آهه ”سلام عليڪ!“
    ”جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!“
    سڻ جي حيدر جو آواز!
    آواز آهي ڇا انداز!
    آواز آهي يا الهام!
    ”جيئي سنڌ! جيئي سنڌ!!

    ادا ممتاز وگهيو پاران ونڊ ڪيل ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ڪهاڻي پڙهڻ لاء هت ڪلڪ ڪيو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا

    سائين موقعي جي مناسبت سان تمام سٺو ونڊ ڪيو اٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي ياد آهي ته مان ٻيون درجو پڙهندو هيس ٻئين ڪلاس جي سنڌيء جي ڪتاب ۾ حيدر بخش جتوئي جو سبق هوندو هيو هاڻ آهي الاء نه۔۔۔۔ استاد مونکي سبق پڙهڻ لاء چيو ء مان بغير ڏسڻ جي سڄو سبق پڙهي ويس استاد کي حيرت ٿي هن وري پڙهڻ لاء چيو مون وري پڙهي ٻڌايو تنهن تي هو مونکي هيڊ ماستر ڏانهن وٺي ويو ء ان کي ٻڌايو ته هي ڇوڪرو سڄو سبق ياد پرهي ٿو وڃي۔۔۔۔ هيڍ ماستر پڙهڻ لاء چيو ء مون ان کي به سڄو سبق ياد پڙهي ٻڌايو ان تي هيڊ ماستر شاباس ڏني ء مونکي چار آنا (25 پيسا) انعام ڏنو مان ڏاڍو خوش ٿيس( هي شايد 1981 يا 1982 جي ڳالهه آهي) ء گهر اچي سڀني کي ٻڌايم ته مونکي انعام مليو آهي۔۔۔۔۔۔جڏهن ته مون ان سبق کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي هئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    جڏهن سمجهه آئي ته حيدر بخش جتوئيء جي باري ۾ خبر پئي ته هو غريبن جو همدرد هيو، وڏيرڪي نظام ء غلاميء جي خلاف جدوجهد ڪندڙهيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سمجهه کان پوء هن سان سچ پچ ته هڪ فطري لڳاء ٿي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اڄ توهان هي ونڊ ڪري منهنجي ياد تازه ڪري ڇڏي۔۔۔۔

    اهڙي ونڊ جي مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا

    سلام سنڌ جي سڄڻ، ڏاهي، غريبن جي همدرد، هارين جي ساٿي، حب الوطن ۽ اوندهه ۾ روشنيءَ جي اميد سائين محترم حيدربخش جتوئي صاحب کي جن سنڌ کي هڪ اهڙو فڪر ڏنو جنهن جي روشنيءَ ۾ ڪيترائي ڏاها پئدا ٿيا، سندس ڪيل جدوجهد مان سنڌي هارين کي مڪمل نه ته به ڪنهن حد تائين آزادي ملي ۽ کين هڪ اهڙي واٽ ملي جنهن تي هلي ڪري سنڌ ۽ سنڌ جو هاري ڪيتريون ئي سوڀون حاصل ڪري سگهي ٿو ... سلام لک سلام سنڌ جي عاشقن ، سڄڻن ۽ سچن انسانن کي ... لک سلام

    دوست وساڻ کي لک شاباسون جنهن سنڌ جي آسمان تي چمڪندڙ هن تاري جي ڏينهن کي ياد ڪيو ۽ اسانکي به ياد ڪرايو ۔۔۔ لک ٿورا دوست

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا

    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيء جي ورسيء جي مناسبت سان هي مضمون اڄوڪي هلال پاڪستان ۾ به ڇپيو آهي۔

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي - سندس ورسيء تي کيس ڀيٽا

    سنڌ جي هن هيڏي وڏي شخصيت تي ڳالهائيندي، سوچون جواب ڏين ٿيون، لفظ کٽي پون ٿا، جملا جڙن نٿا، انڪري کيس سلام ،،، لک سلام

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي جي موقعي تي سنڌ سلامت پاران کيس سلام پيش ڪيون ٿا۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو