(حصو پهريون) [JUSTIFY]ڪوالالمپور جي جالان ڪلانگ لاما تي ”سري سنتوشا“ علائقي ۾ پهچي عليءَ ڊاڪٽر لياقت کي فون ڪيو ته اسان تنهنجي فلئٽن وٽ پهچڻ وارا آهيون هيٺ لهي اچ. ”ڇو ڀلا هن جي فلئٽ جي نمبر جي خبر نه اٿانو ڇا؟“ مون عليءَ کان پڇيو. ”خبر آهي پر سيڪيورٽي وارا بنا فلئٽ واري جي اسان کي ڪار به پارڪ ڪرڻ نه ڏيندا.“ عليءَ ٻڌايو. هن کان اڳ دل جي ڊاڪٽر شڪيل جي فلئٽ تي هن سان ملڻ وقت مون سمجهيو ته اهڙي سيڪيورٽي شڪيل وارن جي بلڊنگ سان ان ڪري آهي جو اها وچ شهر جالان منشي عبدالله (روڊ) تي آهي پر لڳي ٿو ته اهو سلسلو سڄي ملائيشيا ۾ آهي. ڊاڪٽر شفيع نظاماڻي به جي پاڻ مسجد ۾ ئي نه ملي ها ته هن جي فلئٽ تي به اسان کي ائين نه ڇڏين ها. ڪوالالمپور جي هڪ ملئي پوليس آفيسر دوست کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ان بابت پڇيو هوم ”توهان وٽ ته وزيراعلى، گورنرن ۽ سياستدانن جا گهر توڙي آفيسون عام ۽ خاص لاءِ هر وقت کليل هونديون هيون، هاڻ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟“ ”يار وقت سان گڏ هلڻو پوي ٿو.“ هن وراڻيو. ”وقت سان گڏ؟“ مون حيرت مان پڇيو ۽ وري مون ئي کيس جواب ڏنو، ”يار تون ته ماڪوڙيءَ واري ڳالهه پيو ڪرين.“ آئون جڏهن ملائيشيا ۾ رهندو هوس ته هن هڪ دفعو ماڪوڙي ۽ هاٿيءَ جو چرچو ٻڌايو هو ته ڪنهن نالي کي ٽِپڻ لاءِ ڪاٺ جي جهڙي تهڙي پل ٺهيل هئي. هڪ هاٿي ان تي سنڀالي سنڀالي قدم رکي ٽپي رهيو هو ته ان وقت ڪا ماڪوڙي به ان پل تان لنگهي رهي هئي. جڏهن ٻنهي ڄڻن پل ڪراس ڪئي ته ماڪوڙيءَ چيو ته شڪر آهي جو اسان ٻن جي وزن سان هيءَ پل ٽٽي نه پئي. سو مون پنهنجي دوست کي چيو ته بم اسان جي ملڪن ۾ پيا ڦاٽن، دهشتگرد اسان جي ملڪ ۾ ۽ چڪاس ۽ تپاس جي سختي توهان وٽ؟ ”ان ڪري جو توهان وٽ ته هر وقت بم ڦاٽڻ ڪري ڪا نئين ڳالهه ڪا نه آهي پر اسان جي ملڪ ۾ ڪو دهشتگرد گهڙي آيو ۽ ڪو بم ڦاٽو ته سڄو ملڪ ڊانوانڊول ٿي ويندو. ٽوئرسٽ توڙي اسان جي ملڪ ۾ ناڻو لڳائيندڙ ڇرڪجي ويندا. سو ان جي بچاءَ لاءِ اسان کي سخت تدبيرون وٺڻ کپن.“ هن چيو. بهرحال جيسين لياقت لهي، اسان ان ئي وقت پهچي وياسين ۽ مين گيٽ تي ٺهيل گارڊ روم ۾ اطلاع ڪيوسين. انهن لياقت کي فون ٿي ڪيو ته اتي هو پاڻ به پهچي ويو. ڪار جي اليڪٽرونڪ چڪاس ڪرائي هن اندر پارڪ ڪئي ۽ اسان کي ٻئي فلور تي پنهنجي فلئٽ ۾ وٺي آيو. ڀر واري فلئٽ ۾ چيني هئا جو هنن جي در ٻاهران ننڍڙي تابوت جهڙو مندر ڀت ۾ کتل هو ۽ پنهنجن ديوتائن کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻرندڙ اگربتين جي ڀر ۾ چار پنج صوف پڻ رکيل هئا. لياقت جي گهر جو در ان جي ويجهو هجڻ ڪري ائين نٿي لڳو ته هيءَ ننڍڙي Shrine ڪهڙي گهر جي آهي. عليءَ يڪدم لياقت کي چيو ته هي وري ڪڏهن کان ڪم شروع ڪيا اٿئي. لياقت کي چيم ته هن ملڪ ۾ مختلف مذهبن جا ماڻهو سڪون ۽ ميٺ محبت ۾ رهندا نظر اچن ٿا. عليءَ کي اهو به چيم ته چيني ماڻهو هونءَ ڪنجوس آهن پر پنهنجن ديوتائن کي هميشه اوچو مال آفر ڪندا. (ياد رهي ته ملائيشيا ۾ انناس، پپيو، ليچي وغيره سستا ميوا آهن. سڀ کان مهانگو ميوو صوف آهن جيڪي ٻاهرين ملڪن مان امپورٽ ٿين ٿا جو صوف ٿڌي ملڪ جو ميوو آهي ۽ ملائيشيا ۾ سال جو هڪ ڏينهن به سيءُ نٿو ٿئي.) لياقت سان ملاقات تي معلوم ٿيو ته هو اسان جي ڳوٺ جي حاجي الله ورايو ميمڻ جو فرزند آهي. سندس مامو محمد اسماعيل اسان جي هالا واري اسڪول جو هڪ اهم شاگرد ٿي گذريو آهي. هو ان ئي اسڪول جو هيڊ ماستر به ٿي رهيو. هو اسان کان ٽي چار سال سينئر هو. ٿلهي هجڻ ۽ چرچن ڀوڳن ۽ حاظر جوابي ۾ ماهر هجڻ ڪري ماڻهن مٿس انهن ڏينهن جي مشهور چرچائي ۽ دلپسند اداڪار جو نالو ”گوپ“ رکيو ۽ اسان اڄ به کيس گوپ جي حوالي سان سڃاڻون ٿا. مون کي ياد آهي ته 1955ع ۾ جڏهن اسين پنجين ڪلاس ۾پڙهندا هئاسين ته سائين غلام رضا ڀٽو صاحب هيڊ ماستر جي ڏينهن ۾هن اسڪول ۾ ڊرامو ٿيو هو، ان ۾ اسماعيل گوپ جي اداڪاري اڄ به نٿي وسري. ان ڊرامي جون تصويرون آئون اڄ تائين سانڍيندو اچان. ٿي سگهي ٿو اخبار يا ڪتاب جنهن ۾ منهنجو هي سفرنامو ڇپجي، ان ۾ انهن تصويرن جي ڇپجڻ جي گنجائش نڪري اچي ۽ پڙهندڙ اڌ صدي کان جهوني هن ڊرامي جي معيار ۽ ادائگي جو اندازو لڳائي سگهن. اسان جي اچڻ جو ٻڌي لياقت اوسي پاسي ۾ رهندڙ ٻين به دوستن کي گهرايو جن مان هڪ ته سڪرنڊ پاسي جي هڪ ڳوٺ بکر جمالي جو ڊاڪٽر (ميڊيڪل وارو) زينت الله هو جنهن 1999ع ۾ ڪراچي جي سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي. اڄڪلهه هو يونيورسٽي ملايا ۾ Ph.D ڪري رهيو آهي. پاڻ نوابشاهه جي قائدِعوام يونيورسٽي جي پروفيسر عزيز الله جمالي صاحب جو فرزند آهي. ان کان علاوه ٻيو سانگهڙ ضلعي جي ڳوٺ سرهاري جو عامر اقبال عمراڻي هو.25 سالن جو عامر قائدِ عوام يونيورسٽي مان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ بيچلر جي ڊگري BS (IT) حاصل ڪرڻ بعد سندس هڪ دوست عرفان ميمڻ جيڪو ”جوهوربارو“ جي UTM يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو، ان جي شوق ڏياڻ تي پنهنجي خرچ تي جوهور بارو پڙهڻ ويو جتي سال کن رهيو، جيسين سندس دوست عرفان هو. عرفان ميمڻ تعليم مڪمل ڪرڻ بعد جيئن ئي پاڪستان روانو ٿيو ته عامر باقي تعليم جو حصو هتي ڪوالالمپور جي UTM ۾ مڪمل ڪرڻ لاءِ هليو آيو آهي. هو MBA ڪري رهيو آهي ۽ سندس خاص سبجيڪٽ فائننس يا ڪميونيڪيشن بدران “Core” آهي. هي هڪ نئون سبجيڪٽ آهي جيڪو ملائيشيا جي هن يونيورسٽي وارن شروع ڪيو آهي. (هلندڙ)[/JUSTIFY]
جواب: ڳوٺ جي شاگردن سان ملاقات ( ا لطاف شيخ ) ادا عرس پريو صاحب۔اسلام عليڪم۔توهان جون تمام وڏيون مهربانيون۔جو هڪ عظيم جهازران ۽ سيلاني جي سفرنامه کي قسط وار هن فويم جي زينت بنائي اسان کي ان مان مستفيد ٿيڻ جو موقعو فراهم ٿا ڪيو۔سائين الطاف شيخ صاحب جون لکڻيون ايڏيون ته بهترين ۽ معلومات سان ڀريل هونديون آهن جوهر قسط جو اسان کي بچيني سان انتظار رهندو آهي۔