اسان جا سنڌي چينل سنڌي معاشري جو ڪهڙو عڪس ٺاهي رهيا آهن؟

'راءِ شماري' فورم ۾ نورعلي پاشا طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2011۔

  1. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    هڪ دور هو جڏهن اسان کي پي ٽي وي تي سنڌي پروگرام جي صرف اڌڪلاڪ ملندو هو ۽ ڪجهه عرصي کان پو اهو به بند ٿيڻ لڳو هو۔۔۔ پر انهي دور ۾ به اسان جي سنڌي فنڪارن، رائيٽرن ۽ ڊائريڪٽرن پاڻ مڃرايو ۽ اهيو ثابت ڪيو ته اسين ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪنهن ٻي قوم کان پوئتي ناهيون۔۔۔۔ انهي ڪسمپرسي جي دور ۾ ڪي ٽي اين هڪ انفرادي سنڌي چينل جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهيون ڪي ٽي اين جي مالڪان ذاتي مفاد يا سنڌي قوم جي خدمت ڪرڻ لا هڪ قدم کنيو جنهن کي اڄ سنڌي قوم وڌائيندي وڌائيندي ايستائين پهچائي ڇڏيو آهي جو اڄ اسان جا 7 کان 8 چينل تفريحي ۽ معلوماتي پروگرام نشر ڪري رهيا آهن۔۔۔۔۔۔۔ جس آهي انهن ماڻهن کي جنهن اسان کي اڌ ڪلاڪ کان 24 ڪلاڪن تائين جي نشريات ڏني۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر انهي سان گڏوگڏ افسوس آهي انهي ڳالهه تي ته ڇا اسان جا اهي چيئنل سنڌي معاشري جي صحيح عڪاسي ڪري رهيا آهن۔۔۔۔۔؟ ڇا انهن جي چينل تي جيڪا سنڌي ڳالهائي وڃي تي اها اسان جي ئي ٻولي آهي يا انهي ٻولي ۾ ڪيتريون ٻيون ٻوليون ضم ٿي چڪيون آهن ۔۔۔۔۔۔؟ ڇا انهن سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي اهڙي نموني سان منظر عام تي آندو آهي جو اسان جي ايندڙ نسل پنهنجي انهي تاريخ تي فخر سان ڪنڌ کڻي سگهي۔۔۔۔۔؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي هر حساس دل رکندڙ سنڌي جي ذهن ۾ گهمن ٿا پر اهيو ڪري ڪجهه نٿو سگهي۔۔؟ ڇا اڃان به هڪ اهڙي چينل جي ضرورت آهي جيڪو انهن سڀني شين کي مد نظر رکي ڪم ڪري ته سنڌي قوم ۽ سنڌي معاشرو انهي کي هٿي وٺرائيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟ آئون توهان دوستن کي عرض رکندس ۽ هن ويب سائيٽ جي اعلى اڳواڻن کي اهيو چوندس ته هن فورم تي هڪ سيڪشن انهي ٺاهيو وڃي جنهن تي اسين سڀ سنڌي چينلن هلندڙ ڊرامن، گانن، نيوز ۽ ڊاڪيومينٽريز تي ڪمنٽس ڏئي سگهون ۽ انهن جي سڌاري ڪو تحريري ۽ عملي قدم کڻي سگهون
     
  2. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: اسان جا سنڌي چينل سنڌي معاشري جو ڪهڙو عڪس ٺاهي رهيا آهن؟

    بلڪل ادا آئون اوهان جي ڳالهه سان متفق آهيان۔ اسان کي پنهنجي ٻولي جا 5 کان وڌيڪ چئنلز هئڻ تي ناز آهي پر ڇا اهي چئنلز سنڌي معاشري، ادب ، ثقافت کي ان طرح پيش ڪري رهيا آهن جهڙي انداز جي اشد ضرورت آهي۔۔ شايد ڪجهه چئنلز ته بلڪل به نه۔۔

    منهنجو انهي موضوع سان لالڳا پيل هڪ ليک روزاني عوامي آواز اخبار ۾ نشر ٿيو هيو۔۔
    http://www.awamiawaz.com/2011/February/23rd/Articls/AAF_01.htm







    ۔
     
  3. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    جواب: اسان جا سنڌي چينل سنڌي معاشري جو ڪهڙو عڪس ٺاهي رهيا آهن؟

    ادا عمران درويش صاحب ڏاڍي خوشي ٿي ته توهان به انهي حساس موضوع کي محسوس ڪندي اهيو سڀ ڪجهه لکيو مون توهان جي لنڪ جي مدد سان توهان جو لکيل ڪالم پڙهيو ڏاڍو سٺو لڳو بس دوست اسان سڀني کي ملي جدوجهد ڪرڻي پوندي تڏهن وڃي اهيو سڀ ڪجهه صحيح ٿيندو۔
     
  4. فقير محمد زڪي ۡکوسو

    فقير محمد زڪي ۡکوسو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 مئي 2011
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صفا واندو
    ماڳ:
    اصلي شهر ماتلي ضلع بدين اٿم پر اڄڪلھ ڪراچي ۾ رهندو
    جواب: اسان جا سنڌي چينل سنڌي معاشري جو ڪهڙو عڪس ٺاهي رهيا آهن؟

    ادا توهان سڀ صحيح ٿا چو پر ادا ان م اسان جي ماڻهن جو به وڏو قصور آهي۔۔ اهو مڃيل اصول آهي ته مارڪيٽ ۾ اها ّئي شي ايندي آهي جنهن جي ًگهرج هوندي آهي توهان اسٽار پلس، جينز ۽ ڌاڙيل ڪلچر کي شوق سان ڏسڻ شروع ڪيو ته ظاهر آ ته چينلز اها شي ئي ڏيکاريندا۔ اسان مان ڪيترا آهن جيڪي پي۔ٽي۔وِي نيشنل تي سنڌي ڊرامه ڏسندا آهن؟؟؟؟؟ اگر توهان هڪ شئي ماڪيٽ مان وٺندا ئي ڪونه ته ظاهر آ هڪ ڏينهن اها شي اذ خود ختم ٿي ويندي پر اهو ڪري ڪير خراب شين جو بائيڪاٽ ڪري ڪير۔۔؟؟؟؟ ان لحاظ کان پهريون قدم اهو ئي آهي ته انهن چينلز جي پروگرامن جو بائيڪاٽ ڪجي۔ مان ته سنڌي چينل ڏسندو آهيان ته ٻولي ٻڌي ڪاوڙ پئي ايندي آهي اسان جي مٺي ٻولي جو ٻيڙو غرق پيو ڪيو وڃي هاڻ ته مون سنڌي چينلز ڌسڻ ئي ڇڌي ڏنا آهن۔۔
    توهان جيڪو قدم کنيوآهي آئون ان لاء توهان جو ٿورائتو آهيان۔۔
    جيئ سنڌ۔۔ جيئ سنڌي ٻولي۔۔۔۔

    فقير
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو