• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لوڻ جو گهٽ استعمال به دل جي مرض جو سبب بڻجي سگهي ٿو !!

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
333zxa0.jpg


1r42ld.jpg



لوڻ جو گهٽ استعمال به دل جي مرض جو سبب بڻجي سگهي ٿو !!

عام طور تي اهو خيال ڪيو ويندو آهي ۽ ڊاڪٽر پڻ هاء بلڊ پريشر ۽ دل جي بيمارين کان بچڻ لاء لوڻ جي گهٽ استعمال جو مشورو ڏيندا آهن. پر تازو آمريڪا جي هڪ معروف طبي رسالي ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته لوڻ جو گهٽ استعمال به دل جي مرض جو هڪ سبب ٿي سگهي ٿو.

جرنل آف امريڪن ميڊيڪل ايسوسيئيشن ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق ۾ چيو ويو آهي ته ماهرينِ صحت جو عام مشورو ته لوڻ جو گهٽ استعما دل جي بيمارين کان بچائي ٿو مڪمل طور درست ناهي. 3600 مردن ۽ عورتن تي اها تحقيق ٿي جن جون عمريون 49 سال تائين هيون. اهو ڏٺو ويو ته گهٽ لوڻ استعمال ڪندڙ ماڻهن ۾ دل جي بيمارين جو امڪان گهڻو وڌي ويو جڏهن ته گهٽ اهڙا ماڻهو هئا جن جو بلڊ پريشر لوڻ سبب وڌي ويو هجي.

هن تحقيق تي آمريڪا ۾ لوڻ ٺاهيندڙ ڪمپنيون گهڻو خوش آهن. جڏهن ته هن تحقيق تي دل جي بيمارين جي اداري جي صدر هن ڳالهين تي شديد تنقيد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته لوڻ بلڊ پريشر کي وڌائي دل جون بيماريون پيدا ڪري ٿو. سالٽ ايسوسيئيشن وارا چون ٿا روزانه 2300 ملي گرام لوڻ واپرائڻ هر صحتمند ماڻهوء لاء ضروري آهي پر هارٽ ايسوسيئيشن اهو مقدار 1500 ملي گرام ٻڌائي ٿي.

ان باوجود ڊاڪٽر پنهنجي راء تي يقين رکن ٿا ته لوڻ بلڊ پريشر وڌائي ٿو ۽ صلاح ڏني آهي ته ماڻهن کي لوڻ کان بچڻ گهرجي ۽ ان سان گڏ ورزش به ضرور ڪئي وڃي .​

حوالو : وائيس آف آمريڪا جي اردو ويب سائيٽ تان ورتل
ترجمو: محمد سليمان وساڻ
 
جواب: لوڻ جو گهٽ استعمال به دل جي مرض جو سبب بڻجي سگهي ٿو !!

ادا اسان جهونن جي لاء واقعن لوٽ کائڻ ضروري آهي ادا مهنجو بليڊ پريشر اڪثر ڪري لو رهندو آهي ان ڪري ٻيو ڪڳ کائي نه کائي مان ته کائيندو آهيان باقي دل جا مريض اسان گهٽ آهيون عاشقن جي لاڀ اهو ڪامياب نسخو آهي باقي عاشق لوڻ کائين جا زهر کائين يا وري مٺآيون کائين سدائين ڪنهن نه ڪنهن سور ۾ ضرور هوندا آهي جي دل جو مرض وڌيو ته به ڪا پر واه نه هوندي اٿن
 
Back
Top