اسين ڪپهه جي اپت جي حوالي سان دنيا ۾ پنجين نمبر تي ۽ في ايڪڙ اپت ۾ ڇٽيهين نمبر تي آهي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ نورعلي پاشا طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2011۔

  1. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    اسان جي ملڪ ۾ معيشت جو گهڻو دارومدار زراعت تي آهي. ان ڪري هن شعبي تي گهڻو ڌيان ڏيڻ سان ئي هي ملڪ وڌيڪ ترقي ڪري سگهي ٿو. سائنسي ترقيءَ جي نتيجي ۾ زراعت جي ميدان ۾ پڻ ان مان ڀرپور فائدو ورتو وڃي ٿو. ملڪ جا ڪيترائي تحقيقي ادارا ان شعبي جي ڀلائي لاءِ رات ڏينهن پاڻ پتوڙي رهيا آهن. گڏوگڏ سنڌ جو زراعت کاتو پڻ اهڙين ڪوششن ۾ اڳڀرو آهي. ان جو هڪ ادارو ايگريڪلچر ايڪسٽينشن زرعي شعبي جي ترقي ۽ آبادگارن جي ڀلائي لاءِ مختلف پروگرام ڪرائيندو رهي ٿو. هن وقت جڏهن سنڌ ۾ وونن جي پوک جو مرحلو آهي ۽ ان کان پوءِ فصل لهڻ تائين جي مختلف مرحلن تي آبادگارن جي مدد ۽ کين فصل جي سٺي سار سنڀال ۽ بهتر پيداوار لاءِ تازو ئي حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ زرعي دوائن جي ڪمپني فور برادرز جي سهڪار سان (ڪپهه جي پيداوار وڌائڻ جي موضوع تي سيمينار ٿيو) جنهن ۾ وڏي انگ ۾ آبادگارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته زرعي ماهرن کين فصل جي پوک بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏيئي. ان موقعي تي خاص مهمان ڊائريڪٽر پلانٽ پروٽيڪشن بشير احمد ڪيريو جن هئا. ان موقعي تي آبادگارن کي خطاب ڪندي بشير احمد ڪيريو چيو ته ملڪي معيشت زراعت تي 65 سيڪڙو ڀاڙي ٿي، ان کي وڌائڻ لاءِ اسان جون وڏي پئماني تي ڪوششون جاري آهن. ٻن سالن ۾ اسان ڦٽي، ڪڻڪ ۽ ڪمند ۾ سٺي پيداوار کنئي آهي ٻوڏ سبب آبادگارن جو ڪافي نقصان ٿيو، چانورن واري پٽي تمام گهڻي متاثر ٿي هئي، آبادگارن کي سٺي اپت ۽ نوان طريقا استعمال ڪرڻ لاءِ ڄاڻ ڏيئي رهيا آهيون، هن وقت زرعي توسيع کاتي طرفان روزانو ايس ايم ايس آبادگارن تائين پهچايون ٿا. جيڪي به ڊائريڪٽر جنرل زرعي توسيع عبدالوحيد شيخ جي ڪوششن سان شروع ڪيو ويو آهي، ته جئين آبادگارن کي وڌ کان وڌ زراعت بابت معلومات ملي سگهي، ته جئين اهي آبادگار وڌ کان وڌ اپت کڻي سگهن. اسان وٽ وسيلا ڏاڍا سٺا آهن، پر پنجاب صوبي وارا آبادگار اسان کان وڌيڪ محنت ڪن ٿا هتي ماحول به سٺو آهي، ڪمند، ڪپهه ۽ ڪڻڪ جي اپت ۾ اڃا به واڌ ڪري سگهون ٿا. 90 سيڪڙو زمين ۾ فاسفورس جي کوٽ آهي، آبادگارن کي ڄاڻ نه هئڻ جي ڪري ان جو نائٽروجن جي استعمال تي وڌيڪ زور آهي، تحقيقاتي ادارا پهرين ڪنهن به معاملي تي تحقيق ڪن ٿا. نقصانن جو جائزو وٺي روڪڻ لاءِ اپاءُ وٺندا آهن. هن موقعي تي ڊسٽرڪٽ آفيسر زراعت حيدرآباد دودو خان لغاري چيو ته ايگريڪلچر ايڪسٽينشن زراعت جي ڀلائيءَ لاءِ تبليغ ڪري رهيو آهي، اسان هر يونين ڪائونسل سطح تي زرعي پروگرام ڪيا آهن ڊي جي زراعت ضلعي هيڊ ڪوارٽرز ۾ به پروگرام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. انهيءَ جو مقصد آهي ته آبادگارن کي نئين ٽيڪنالاجي، پوک ۽ پيداوار وڌائڻ آهي، نئين ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ گهرجي آبادي وڌي پئي ۽ پيداوار گهٽجي پئي پاڻيءَ جي کوٽ سبب پيدوار گهٽجي پئي، جڏهن ته اسان کي پيداوار وڌائڻي آهي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان دنيا ۾ ڪپهه جي پيداوار جي حوالي سان 5 پنجين نمبر تي آهي پر ڪپهه جي في ايڪڙ پيداوار جي حساب سان اسان دنيا ۾ 36 هين نمبر تي آهيون. وڌيڪ اپت کڻندڙ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان جي ملڪ جي آب هوا به بهتر آهي، پر ان جي باوجود اسان جي اپت بهتر نه آهي. هن موقعي تي زرعي ماهر غلام مصطفيٰ چانڊيو آبادگارن کي خطاب ڪندي چيو ته هر فصل جي پيداوار وڌندي ته ملڪ ۾ خوشحالي ايندي دنيا جي رڳو 80 ملڪن ۾ وونڻن جي پوکي ٿئي ٿي. ڪيترن ئي ماڻهن جو روزگار به ووئنڻن سان لاڳاپيل آهي، معيشت کي به هٿي ملي ٿي. ووئڻن جي فصل جي وڏي اهميت آهي. هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته پيداوار ڪيئن وڌايون اسان وٽ محنتي آبادگار آهن موسم ڀلي آهي پر ان جي باوجود ٻين کان اپت گهٽ آهي آبادگارن کي زراعت کاتي جي هدايتن تي عمل ڪرڻ گهرجي، هاڻي ٽيڪنالاجي تمام سٺي آهي. تيزيءَ وارا معياري ٻج به دستاب آهن بهتر پلاننگ وونئڻن جي پوک کان اڳ ضروري آهي، ايراضي بابت، ڀاڻ جي استعمال، ٻج جي جنسن بابت هن سال 2 نيون جنسون سنڌ ون ۽ ململ متعارف ڪرائي آهي. آبادگار پيداوار گهٽائيندو ته معيشت متاثر ٿيندي. پيداوار جو دارومدار ٻوٽن جي گهڻائي يا گهاٽي فصل تي نه آهي. فصل کي صاف ڪريو گاهه گند ختم ڪريو. جيتن جي مسئلي جو حل رڳو ڦوهارو نه آهي آبادگار ڦوهاري ڪرڻ مهل غير احتياطي ڪن ٿا، لاپرواهي ڪن ٿا جيڪو نقصانڪار آهي. آبادگار بهتر طريقا استعمال ڪن، ڦوهارو فصل جو چوڪيدار آهي، فصل جي سار سنڀال ضروري آهي سيمينار ۾ ڊي ڊي او زراعت حيدرآباد چيتن مل چيو ته ڪوشش ڪريو ته آڳاٽي فصل کي ڪاهڻ گهرجي، موسم صحيح نه هوندي ته فصل کي ڪاپاري ڌڪ رسي سگهي ٿو. صحت مند فصل پوکيو، آبادگار مهينن تائين پنهنجن فصلن کي نٿا ڏسن، آبادگارن کي فصل دوست جيت پالڻ گهرجن ڇو ته جيترا جيت نقصانڪار آهن اوترا دوست جيت هوندا آهن، جيڪڏهن پاڻي سٺو آهي ته کرين تي پوک ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن پاڻي گهٽ آهي ته پوءِ ناڙيءَ تي پوک ڪرڻ گهرجي. صحتمند ٻوٽو رکي ان ۾ وڇوٽي ٿئي ته وري نئون ٻوٽو لڳائڻ گهرجي. سيمينار ۾ الطاف حسين سنگراسي زونل مئنيجر ٽارزن، فوربرادرز چيو ته فور برادرز تحقيقي بنيادن واري ڪمپني آهي، اسان زميندارن جي رهنمائي به ڪريون ٿا. اسان جي هر اها شئي تحقيق کانپوءِ مارڪيٽ ۾ ايندي آهي. ٽشو ڪلچر تي به ڪم ڪريون پيا، اسان اهڙيون ورائيٽيون ڏيون پيا جو 21 سيڪڙو اپت ٿيندي ٽشو ڪلچر ذريعي بيمارين کان پاڪ ٻج ڏيئي سگهنداسين، گذريل سال ڪڻڪ 4 انچ ڊرل متعارف ڪرائي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي ناڙي گهٽ ٿيندي آهي، هتي زمين نرم نٿي ڪئي وڃي جو ناڙي 4 انچ ٿئي، ڪاٽن تي هاءِ ڊيمسٽي پنجاب ۾ 5 هزار ٻوٽا لڳايا آهن.
    ووئنڻن جي ٻوٽن جي اوچائي نه پر ان مان اپت اهم آهي، 125.5 مڻ ڪڻڪ في ايڪڙ پيداوار لهي سگهي ٿي فور برادرز واحد زرعي ڪمپني آهي جيڪا تحقيق به ڪري ٿي ته جيئن پيدوار به بهتر ٿئي، هن موقعي تي ايگريڪلچر آفيسر غلام مجتبيٰ لاکو آبادگارن کي ٻڌايو ته ايگريڪلچر ايڪسٽينشن آبادگارن ۽ تحقيقي ادارن جي وچ ۾ پل وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ضلع ۾ ڪپهه جو معيار بهتر آهي حيدرآباد جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اپٽ 60 کان 70 مڻ تائين به لهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته آبادگارن کي گهرجي ته وقت تي فصل کي پوکين ۽ پاڻي، دوا گندگاهه صاف ڪرڻ گهرجي ته جيئن فصل جي بهتر پيدوار ٿي سگهي.
    انهيءَ موقعي تي ڊائريڪٽر انفارميشن ايگريڪلچر ديدار احمد ڀٽو پڻ مهمان خاص هئا، ان کان علاوه حيدرآباد ريجن جا مختلف ڊي ڊي اوز ايگريڪلچر ۽ آبادگارن سميت ڊي ڊي او زراعت حيدرآباد عبدالوهاب ميمڻ ۽ ڊي ڊي او محمد صفر پڻ موجود هيا ان کان علاوه آبادگار جي وڏي انگ شريڪ ٿي زرعي سيمينار مان ڄاڻ حاصل ڪئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو