• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هاڻي اخبار ۾ ويڊيو اشتهار پڻ شايع ٿيندا

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
دنيا ۾ پهريون دفعو (ويڊيو ان پرنٽ) اشتهار آمريڪي شو بزنس ۾ ايندڙ مهيني شايع ٿيندو هن اشتهار لا۽ موبائيل فون جي ڊسپلي اسڪرين جيتري اسڪينر استعمال ڪئي وئي ويندي انهن ۾ بيٽري لڳل هوندي جيڪا پڻ چارج ٿئي سگهندي هن ٽيڪنالاجي ۾ ويڊيو محفوظ رکڻ لا۽ اها ئي چپ استعمال ٿيندي جيڪا عام موسيقي واري ڪارڊز ۾ استعمال ٿيندي آهي ۽ هي ويڊيو صفحو بدلائڻ سان نظر ايندو اهڙي چپ تي 40 منٽن ڪيل ويڊيو محفوظ رهي سگهي ٿئي هن جي پهرين ويڊيو اشتهار ۾ آمريڪي ٽي وي نيٽ ورڪ سي بي ايس جي پروگرامن جا تفصيل ، مشروب ساز ڪمپنين جا اشتهار هوندا اهڙين ويڊيو اشتهارن تي مشتمل ميگزين لاس اينجلس ، نيو يارڪ ۾ 17 سيپٽيمبر تائين دستياب هوندا ان اشتهار جي باري ۾ اهو پڻ چيو وڃي ٿو ته هن ۾ عام اشتهارن جي نسبت کان وڌيڪ خرچو ايندو ان جي باوجود بي بي سي جي نمائندي راجيش منچنداني جي چوڻ مطابق ته اشتهار ڏيندڙ ڪمپنيون اهو ڄاڻي چڪيون آهن ته انهن کي ڪسٽمرز جي توجهه حاصل ڪرڻ لا۽ ڪجهه الڳ ڪرڻو پوندو .

40842034.jpg

بي بي سي جي ٿورن سان

sindhsalamatsaathsal​
 
ادا لڳي ٿو هيري پوٽر واري فلم کان متاثر ٿي اهڙي قسم جون اخبارون بڻايون وڃن پيون....
هاڻي ڏسجي ته ان کي عام ٿيندي ڪيترو وقت ٿو لڳي....
 
ادا لڳي ٿو هيري پوٽر واري فلم کان متاثر ٿي اهڙي قسم جون اخبارون بڻايون وڃن پيون....
هاڻي ڏسجي ته ان کي عام ٿيندي ڪيترو وقت ٿو لڳي....



بلڪل ادا توهان جو اندازو صحيح آهي بي بي سي جي ان حوالي ۾ ان ڳالهه جو پڻ ذڪر ڪيو ويو هو بلڪل ادا ائين ئي آهي

دعائن ۾ ياد

sindhsalamatsaathsal
 
Back
Top