جاويد نواز
سينيئر رڪن
غزل
درد وندي دل نماڻي کي ڏسو
ٿو وهي نيڻن مان پاڻي کي ڏسو
ٽهڪ ڏئي ڀلجان کلو ڪردار تي
پر لکيل منهنجي ڪهاڻي کي ڏسو
مون وٺي گهر آندي آ پرڻائي جا
سا اچي تنهائي راڻي کي ڏسو
سونهن سڀ ۾ ٿي وسي الله جي
ائين نه چئو ڪنهن کي ته ڪاڻي کي ڏسو
چيري سنڌو پيٽ جا کارائي ٿي
پنهنجا ٻچڙا تنهن مُهاڻي کي ڏسو
جاويد نواز
دعائن ۾ ياد