• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

نثارابڙو

نائب منتظم
دوستو! پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي ڪراچي ۽ هاڻي جي ڪراچي بابت سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جو سڄڻ امر جليل پنهنجي ڏکائتي انداز سان ڪٿا بيان پيو ڪري ۔۔۔ ۽ شهر کي حسرت ڀرن نگاهن سان ڏسي، شايد اهو پيو سوچي ته الائجي هي شهر وري سنڌين کي موٽي ملندو الائجي نه؟

اوهان به ڏسو جي اوهانکي به ڏک ٿئي ته پاڪستان جي ٺهڻ تي افسوس ڪري ڇڏجو ۔۔۔

 
جواب: ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ ٽرام جو دور ۔۔۔ جنهنکي پڻ ڪراچي جي سونهن چيو ويندو هو ۔۔۔۔۔

 
جواب: ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

ڪراچي جي پراڻين عمارتن جي تباه حالي ڏسي روئڻ اچي ته اوهان افسوس نه ڪجو ۔۔۔ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جڏهن ڪنهن عمارت ۾ ڪو نخص ٿيندو آهي ته انکي وري اهڙو جو اهڙو ٺاهي فخر ڪندا آهن ۔۔۔ هن وقت آمريڪا، برطانيا، آسٽريليا، فرانس روس ۽ ٻين يورپي ، آفريڪي، آمريڪي يا ايشيائي ملڪن ۾ عمارتن تي ٺهڻ جي تاريخ جاچيندا ته 300 سال کان به مٿي جي ملندي، پر سنڌ ۾ اهي عمارتون ڪيئن آهن،

پاڻ ڏسو

 
جواب: ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

ڪراچي جي پراڻين عمارتن جو تفصيلي جائزو ۽ سير ڪريو

 
جواب: ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

سائين نثار ڪراچي ڇا هئي اهو ته ان وقت جي دوستن کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو۔ جيڪي روئندا ٿا وتن۔

اڄ جي ڪراچي ڇا آهي ۔۔۔۔ ڇا ٻڌايان ۔۔۔ڪاله شام 7 کان بجلي بند آهي ۽ اڃان ڪونه آئي آهي۔ درجه حرارت اڄ 44 ڊگري سينٽيگريد آهي۔
 
جواب: ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

ادا سليمان بجلي واري انهي ڊگهي بريڪ ڊائون (لڳ ڀڳ 21 ڪلاڪ) جا شڪار اسان به اوهان سان گڏ ئي ٿياسين ۽ 1981 کان پوءِ پهريون دفعو گرم ترين ڏينهن (ڇنڇر) جنهن تي هوا ۾ نمي جو تناسب 29 فيصد رهيو، ڏاڍو ڏکيو گذريو۔

پر تازو دبئي مان آيل هڪ دوست ڳالهه ڪئي ته اتي ڪنهن به گهر يا ڪمرشل يونٽ کي پهريان 3 مهينا بجلي ناهي ڏني ويندي۔ ۽ ڌڻي پاڻ جنريٽر تي سڄو لوڊ هلا۔يندو آهي۔ ۽ بجلي جي کپت جي رپورٽ بجلي کاتي ڏانهن وڃي ٿي۔ جنهن کان پوءِ هو سسٽم ۾ اوتري بجلي جي پيدوارا وڌائين ٿا ۽ تڏنهن وڃي نئون ڪنيڪشن ملندو آهي۔ ۽ پاڻ وٽ ماشاالله جڳهه ٺهي ناهي ته سٺي تار جو ڪنڊو لڳائي ميٽر لاءِ سوچبو ئي رهبو آهي۔
هر ڪم ايئن آهي ته پوءِ بيڊ پلاننگ جا نتيجا اهي ئي اچڻا هئا ته تاريخي شهرن ۽ مڪانن جو ميسارجڻ ۽ بجلي بنا گهرن ۾ سڙڻ۔
 
جواب: ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

ادا سليمان امرجليل جو پروگرام ڪراچي، سنڌ ۽ امرجليل ڏٺو ۽ سمجيهو ته اڳي ڪراچي ڇا هئي ۽ هاڻي ڇا آهي ۽ ادا سليمان توهان کي هڪ گذارش ٿي ڪجي ته اسان پنهنجي ڪا به تحرير مسئلن شاعري، ڪهاڻي، ڊرامه ۽ مضمون وغيره ڪئين هن فورم ۾ شامل ڪري سگهون ٿا ادا سليمان توهان جي جواب جو انتظار رهندو۔
 
جواب: ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

ادا سليمان امرجليل جو پروگرام ڪراچي، سنڌ ۽ امرجليل ڏٺو ۽ سمجيهو ته اڳي ڪراچي ڇا هئي ۽ هاڻي ڇا آهي ۽ ادا سليمان توهان کي هڪ گذارش ٿي ڪجي ته اسان پنهنجي ڪا به تحرير مسئلن شاعري، ڪهاڻي، ڊرامه ۽ مضمون وغيره ڪئين هن فورم ۾ شامل ڪري سگهون ٿا ادا سليمان توهان جي جواب جو انتظار رهندو۔

سهڻا دوست معظم علي صاحب ۔۔۔۔ اوهانکي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔ اوهان جهڙي طرح سان جواب لکيو آهي ته ان مان خبر پوي ٿي ته اوهان سٺي سنڌي لکي وڃو ٿا ۔۔۔ اها هڪ سٺي ڳالهه آهي ۔۔۔ جيستائين اسانجو دوست سليمان وساڻ اوهانجو هو ليک پڙهي تيستائين آءُ اوهانکي صلاح ڏيندس ته اوهان سنڌ سلامت جي مکيه پني تي موجود ” سنڌ سلامت جي سکيا“ واري ڌاڳي ۾ ويندا ته اوهانکي کوڙ ساترا اهڙا ليک ملندا جن سان اوهان سنڌ سلامت تي پنهنجا ليک، تصويرون ۽ وڊيو وغيره موڪلي سگهندا ۔۔۔۔

اميد ته اوهانجا مسئلا حل ٿي ويندا ۽ جيڪڏهن اڃان نه ٿين ته اطلاع ڪجو ته سنڌ سلامت جا دوست اوهانکي سنڌ سلامت جي سکيا جو بندوبست ڪن ۔۔۔۔ يا وري هيٺ ڪلڪ ڪري سنڌ سلامت جي سکيا واري ڌاڳي ۾ به وڃي سگهجي ٿو ۔۔۔

سنڌ سلامت سکيا فورم
دعائن ۾ گڏ
 
جواب: ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

سائين نثار صاحب ڪراچي ڇا هئي ۽ هاڻي ڇا آهي مووي ڏسي واقعي ڏاڍو ڏک پيو ٿئي۔ ڌڻي سائين کان دعا آهي ته ڪراچي سنڌين کي وري جلدي ملي۔ آمين
 
جواب: ڪراچي، سنڌ ۽ امر جليل

ڪراچي کي ڇو ٿو تباھ ڪيو وڃي....آخر ڇو......هر وقت هر ڏينهن ڪراچي ۾ قتل عام آھي.....گهر کان نڪرڻ آزار بڻجي ويو آھي.
 
آمن ء تهذيب جي وادي آهي
ظلم ء ڏاڍ سهڻ جي عادي آهي
هر دورجي ڌاڙيلن لٽيو آ هن کي
هي ڪراچي آهي سنڌ جي ڱادي آهي
 
Back
Top