السلام عليڪم سنڌ سلامت جا دوستو دوستو ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ مون کي ادا زاهد چيو ته ڦلپوٽا فقير مون کي اهڙي ڪا ٽپ ٻڌا۽ ته جيئن مان پنهنجو پاس ورڊ ٻين کان لڪائي سگهان ڇو جو مان جڏهن به فورم ،ياهو تي لاگ ان ٿيان ته ادو رشيد مون جو پاس ورڊ ڏسي وٺي ٿو سو اهڙي ڪا ٽِپ هجي ته جيئن مان پاس ورڊ لڪائي سگهان سو دوستو ان لا۽ مان هي هڪ ٽِپِ شيئر ڪريان پيو ٻيا دوست مون کي يقين آهي ته عمل ڪندا پر جي نه ڪيو ته به خير آهي باقي زاهد فقير ته عمل ڪري ئي ڪري مون واري ٻڌايل ٽپ تي دوستو اچو ته توهان کي اها قيمتي ٽپ ٻڌايان مان ڪوشش ڪئي آهي ته توهان کي اها اسڪرين شاٽ جي ذريعي آساني سان سمجهايو وڃي سو ان لا۽ هي اسڪرين شاٽ حاضر آهي ٽِپ پسند اچي ته ريپلائي ضرور ڪجو دعائن ۾ ياد sindhsalamatsaathsal
واه ادا واه ڏاڍو زورآور آهين ..... مس وڃي ادا زاهد کي قابو ڪيو هيو سين ... پر ٽپ ڏسي اسان جا حوصلا ئي ختم ڪري ڇڏيوَ....
فقير سائين ، اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان اسان جي چوڻ تي اهو ڪم سر انجام ڏنو۔۔ پر ادا رشيد وري به مڙڻ جهڙو ناهي۔۔۔۔ اوسي پاسي کان واجهائي ڏسي ويندو۔۔۔ ادا اسڪرين شارٽ ۾ اهي مانيٽر، ڪي بورڊ ۽ هٿن تي چڙهيل جوراب ڏسڻ ۾ پيا اچن جيڪڏهن ايڏهن شڪارپور ۾ ملندا هجن ته اسان ڏي به موڪليندا ته اوهان جي مهرباني ٿيندي۔۔۔۔ نه ته ادو رشيد وري به اسان کي تنگ ڪندو رهندو
فقير کي ڇو ٿا تڪليف ڏيو، اونهاري ۾ پائڻ وارو سويٽر کڻو، اڌ پاڻ پهريو ۽ اڌ پنهنجي ڪمپيوٽر کي پهرايو. جيڪڏهن مٿان اجرڪ يا لوئي ويڙهي ڇڏيو ته سيڪيورٽي اڃان به وڌي ويندي.
shabashshabashshabashshabashshabashshabash hall charihall charihall charihall charihall charihall chari shal judy hujeen suhnan saan khil sahi sindhsalamatsaathsal