لاڙ جو اَبو مير غلام محمد خان ٽالپر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 مئي 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    لاڙ جو اَبو مير غلام محمد خان ٽالپر

    عطاءُ الله شاهه بخاري


    سنڌ جي هڪ مڃيل عالم، سياست دان ۽ دانشور جو چوڻ آهي ته ”جيڪڏهن ويهين صدي جي ابتدا ۾ سنڌصوبي اندر پنج ٻيا به غلام محمد ٽالپر پيدا ٿي پون ها، ته هوند سنڌ سڄاڻ سٿ ۾ شامل هجي ها نه صرف حالتن مطابق ترقي ڪري ها، پر رقيبن آڏو ڪنڌ کڻي هلڻ جي قابل ٿئي ها.“

    وڌيڪ لکي ٿو ته ”وڏي ڳالهه شعور ۽ احساس جي هئي. هو پهريون ماڻهو هو، جنهن پنهنجي ليکي محسوس ڪيو ته سنڌ ٻهراڙيءَ ۾ رهي ٿي ۽ نه شهرن ۾، ۽ جيستائين ٻهراڙيءَ جي غريب ڳوٺاڻي کي جهالت جي لاچاري مان ڪڍي علم سان آراسته نه ڪيو ويندو، اوستائين سنڌ ۾ نه ”جمهور“ هوندو نه ”جمهوريت“ ڄمندي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جو طريقو به اهو آهي ته ڳوٺاڻن کي علم ڏانهن وٺي وڃڻ بدران خود علم کي اوڏانهن ڇڪي آڻڻ جو انتظام ڪجي.

    بنيادي ڳالهه جنهن مير صاحب کي پنهنجي جملي همعصر مفڪرن ۽ اهل دل ماڻهن ۾ ممتاز مقام وٺي ڏنو، سا هيءَ ته هن ذهن ۽ روح سان محسوس ڪري ورتو هو ته تعليم کي سنڌ جي ڳوٺن ۾ عام ڪجي! جتي سنڌ جو حقيقي man power رهي ٿو. جت علم جي روشني آڻڻ سان، انساني زندگيءَ جي انهن قدرن کي زندهه رکي سگهبو، جيڪي دنيا جي بدليل ماحول ۾ حالتن سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ضروري آهن.هن ان ڪم ۾ عملي طور حصو ان وقت ورتو، جڏهن سنڌ جا ماڻهو اگهور ننڊ ۾ ستل هئا ۽ مستقبل جي باري ۾ وٽن ڪو به ويچار ڪونه هو.“ (پير علي محمد راشدي-اهي ڏينهن اهي شينهن)

    پير صاحب جو تجزيو ڪيڏو نه حقيقت تي ٻڌل آهي. اسان جي ميرن، پيرن ۽ وڏيرن هٿ وٺي، سنڌ جي عوام کي، جيڪو ارغونن کان وٺي انگريزن توڙي اڄ تائين ڳوٺن ۾ رهي ٿو، ان کي جاهل ۽ ڪاهل بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. ارغونن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته ساڻن اساسي شاعر قاضي قادن گڏ هو، جنهن کين صلاح ڏني هئي ته ”سنڌ جي سرزمين ڪلراٺي آهي، هتي ڪانڊيرا گهڻا پيدا ٿيندا آهن، ان ڪري پاڻ سان چنجور کڻڻ ضروري آهي.“ ان خيال کي اڳتي هلي سنڌ جي هڪ ٻئي شاعر عبدالرحيم گرهوڙي هٿي ڏني ۽ چيائين:

    سنڌ سنئين وڻ ڏنگا، ماڻهو منجهس خام

    جيڏانهن لڳين موچڙو تيڏانهن ڪن سلام.

    تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪو اسڪول ڪنهن ڳوٺ ۾ منظور ٿي ايندو هو ته تر جو مير، پير ۽ وڏيرو وس هلائي ان کي روڪرائيندو هو. جي ايئن ممڪن نه ٿي ڀايائين ته پوءِ اها بلا ڪنهن ٻئي جي ڪنڌ ۾ وجهندو هو. سندن ٻار ڪراچي ۽ بمبئي ۾ پڙهندا هئا. سندن سوچ سورهن آنا اها هوندي هئي ته ”ڄٽ ۽ ڦٽ ٻڌو چڱو آهي، جي غريب جو ٻار پڙهيو ته جڳ اڙيو.“ انهن سان ڪير ويهي مٿو کپائيندو! نه اهي پڙهندا ۽ نه وري سندن مقابلي جي سگهه ساريندا. اهڙي طرح سندن صاحبي هميشه قائم دائم رهندي.

    افسوس جو تعليم جي باري ۾ پوري ننڊي کنڊ ۾، سنڌ ۾ اها سوچ سمايل هئي. غريبن جو واهي، هو جهنگ جا جانور ته ٿي رهيا پر 20 صدي جا جمهوري عوامل ٿي نه سگهيا. نتيجو اهو نڪتو ته اڄ به سنڌ ۾ جمهوريت نالي ڪا شيءِ موجود نه آهي.نه عوام آهي، نه عوامي سوچ. فيصلا، جيڪي حڪمران ڪن. نه کانئن ڪو پڇڻ وارو نه مقابلو ڪرڻ وارو. ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو ترقياتي پروگرام ڪٿي شروع ٿئي ٿو ته ان جي ترقياتي عمل توڙي نتيجن کان اسان جو عوام بلڪل ناواقف آهي، جنهن سبب 80 سيڪڙو اسڪيمون شروع ٿي، مڪمل کان اڳ ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ اربين رپيا ضايع ٿي وڃن ٿا.

    ان ڪري تمام ضروري آهي ته اڄ مير صاحب جي جنم ڏينهن تي، اسان سڀ ننڍا وڏا فيصلو ڪريون ته تعليم جي ترهي کي تار ڪنداسين. ڳوٺن جي عوام کي تعليم جي اصل مقصد کان آگاهه ڪنداسين. اڄ اسان سڀني سنڌ واسين کي اٽل فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ مير غلام محمد ٽالپر جي واٽ وٺڻي پوندي.

    مير غلام محمد ولد مير محمد خان سن 1876ع ۾ ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ ڄائو. سندس تعلق ميرن جي ملڪاڻي پاڙي سان هو. پاڻ مشهور سماجي خدمتگار ۽ غريب پرور انسان ٿي گذريو آهي. سندس تعلق ٽنڊي باگي شهر جي باني مير باگي خان جي خاندان سان هو.

    مير غلام محمد خان ٽالپر قرآن شريف جي تعليم ۽ ان وقت جي رواج موجب سنڌي ۽ فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. سندس تعلق هڪ جاگيردار خاندان سان هو، پر پاڻ هميشه غريبن جو هم درد ۽ هڏڏوکي رهيو. غريبن ۽ مسڪينن جي خدمت ڪرڻ هن جو خاص مقصد رهيو.

    مير صاحب هونءَ ته سماج جي سڌاري لاءِ ڪيترائي ڪم ڪيا، پر تعليم جي حوالي سان هن جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ان سلسلي ۾ هن محمد صديق ”مسافر“ سان صلاح ڪري 1919ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ هڪ عظيم الشان درس گاهه جو بنياد رکيو. پهرين اتي اي وي ڪلاس کوليا ويا. جنهن جي عمارت جو ڪم 1922ع کان شروع ٿيو ۽ 1924ع ۾ اسڪول نئين عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو، ان تي مير صاحب جو ان وقت هڪ لک رپيا خرچ آيو. اسڪول جو نالو ان وقت جي انگريز عملدار لارينس جي پٺيان ”لارينس هاءِ اسڪول“ رکيو ويو. هيءُ اسڪول مير صاحب پنهنجي ذاتي خرچ سان ٺهرايو هو، شاگردن جي تعليم، رهائش ۽ خوراڪ پڻ مير صاحب جي طرفان هوندي هئي.

    مير صاحب پنهنجي مشن کي مناسب نموني هلائڻ لاءِ ڪافي رقم اينڊومينٽ (Endowment fund) طور رکي، جتان شاگردن جي طعام ۽ قيام جو مناسب نموني بندوبست ٿيندو هو. اهڙن فنڊن جو اهتمام انگريزن جي دور ۾ شروع ٿيو. ڪنهن به فلاحي ڪم لاءِ اهڙن فنڊن جي ضرورت اڄ به محسوس ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي حوالي سان اهو هڪ جديد طرزِ عمل هو، جنهن جي شروعات مير صاحب ڪئي. ان لاءِ هن پنهنجن وسيلن مان چڱي رقم سيڙائي رکي.

    جڏهن اسڪول باقاعدي هلڻ لڳو ته لوڪل بورڊ طرفان ان کي گرانٽ ملڻ شروع ٿي. پر مير صاحب ان جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي ۽ پنهنجي اصول ۽ طريقي موجب باقي گهربل رقم پاڻ مهيا ڪندو هو. ڪڏهن به اسڪول انتظاميا توڙي بورڊنگ هائوس انتظاميا کي شڪايت جو موقعو نه مليو فنڊ جي مناسب استعمال سبب ڪجهه پيسا بچندا هئا، ان مان مير صاحب غريب پر هوشيار شاگردن کي اسڪالر شپس ڏيندو هو، ان ۾ مسلمانن سان گڏ هندو ڇوڪرا به شامل هوندا هئا.

    ٽنڊي باگي جو ڄاڻايل اسڪول سنڌ جي انهن شروعاتي چئن يا پنجن اسڪولن مان هڪ آهي، جن سنڌ ۾ علم جي روشني پکيڙي ۽ انهن درس گاهن مان فارغ التحصيل شاگردن نه صرف سنڌ جي ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪيو، پر انگريزن جي خلاف جهاد ڪيو ۽ پاڪستان جي تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

    مير صاحب کي انهيءَ ڳالهه جو شدت سان احساس هو ته تعليم عورت لاءِ پڻ اوتري ضروري آهي جيتري مرد لاءِ، ان ڪري هن نياڻين جي تعليم واسطي پڻ ٽنڊي باگي شهر ۾ هڪ زنانو اسڪول 1928ع ۾ برپا ڪيو. سنڌ جي تاريخ ۾ نياڻين لاءِ خانگي شعبي ۾ اهو پهريون اسڪول هو.

    تعليم جي حوالي سان، مير صاحب جا احسان سنڌ ڪيئن لاهيندي؟ هن دورانديش انسان، نه صرف پنهنجي علائقي ۾ اسڪول کولي سرندي وارن کي ڪوٺ ڏني ته سنڌ جي مستقبل لاءِ هو اڳتي اچن، پر ان سان گڏ، هن ان سلسلي ۾ ڏور رس اپاءَ به ورتا، جن ۾ عمر بن محمد دائود پوٽي کي پنهنجي خرچ تي ولايت پڙهڻ لاءِ موڪليو. ۽ مير بنده علي کي پڻ باوجود پنهنجي مال ملڪيت جي ولايت پڙهڻ لاءِ مڪمل مالي سهائتا مهيا ڪئي. تعليم جي شعبي ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي خدمتن جو ڪير انڪار ڪري سگهندو! هن پنهنجي صلاحيتن سان، سنڌ جي تعليم کي جديد راهن تي استوار ڪيو. پرائمري توڙي سيڪنڊري تعليم کي جديد بنياد فراهم ڪيا. ان سان گڏ، هو غريب طبقي لاءِ هڪ مثالي انسان هو. ڊاڪٽر صاحب کٽون واڻي، امير شاگردن جون ڪاپيون فيئر لکي، پنهنجي تعليم مڪمل ڪئي. اعلى تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن ان جو ڀرپور نموني استعمال ڪيو. هزارين ذهين ماڻهن کي مختلف نجي ملاقاتن توڙي اسڪولن جي معائني دوران پرکي، انهن کي مفت ۾ نوڪريون ڏنيون.

    ٻئي طرف مير بنده علي جو ڪردار اسان کي ون يونٽ واي دور ۾ نظر اچي ٿو. کيس زوري ون يونٽ جي حق ۾ ووٽ لاءِ چيو ويو، پر هن انڪار ڪيو. نتيجي ۾ کيس اٺ تي ويهاري ٿر جي رڻن ۾ رلايو ويو پر هن آڻ نه مڃي ۽ ون يونٽ جو مخالف ٿي بيهي رهيو. هو هڪ باصلاحيت ۽ اصول وارو سياست دان هو.

    اهڙي طرح سندس نظر هڪ ٻئي عالمي ۽ اديب تي پڻ پئي، جنهن کي حيدرآباد مان گهرائي اچي پنهنجي اسڪول ۾ استاد ۽ م/نيجر مقرر ڪيائين. ان جو نالو محمد صديق مسافر هو، جنهن سڀ کان پهرين سنڌي ٻوليءَ جي ”ادبي تاريخ“ لکي. سندس شاعري جي به ان دور ۾ وڏي هاڪ هئي. ’مسافر‘ تخلص ڪم آڻيندو هو.

    هن نيڪ صفت انسان مير صاحب کي تعليم سان گڏ، انسان جي صحت جو پڻ گهڻو خيال هوندو هو. لاڙ ۾ نڪاسي جو انتظام ڪونه هوندو هو. مينهن جي موسم ۾ هر هنڌ پاڻي بيهي رهندو هو، جنهن ڪري ڪيتريون ئي وبائي بيماريون پکڙبيون هيون. جنهن لاءِ پاڻ حيدرآباد، ڪراچي ۽ بمبئي جا ڊاڪٽر گهرائي بيمارن جي علاج لاءِ ڪئمپون لڳرائيندو هو. عورتن جي علاج لاءِ1931ع ۾ ٽنڊي باگي ۾ هڪ زناني اسپتال به قائم ڪرايائين.

    مير غلام محمد خان ٽالپر 12 فيبروري 1933ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.


    سنڊي ميگزين جي ٿورن سان
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو