• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران احتجاجي بُک هڙتال

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران ٻيون ڀيرو سنڌي ٻوليءَ وارو بل رد ٿيڻ خلاف بُک هڙتال
رپورٽ: نثاراحمدناز​
اڄ بتاريخ 22 مئي 2011ع ٿوري دير پهرين سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران اسيمبليءَ ۾ ٻيون ڀيرو سنڌ ٻولي قومي ٻولي وارو بل رد ٿيڻ خلاف هڪ بُک هڙتال صُبح ساڍي نوين بجي کان ڏينهن جو هڪ وڳي تائين ڪئي ويئي، جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري محترم ڊاڪٽر عزيز ٽالپر، شاخ جو ڪائونسلر محترم رفيق آس لغاري، سينئر ميمبر مشڪور ڦلڪارو، سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمد ناز ، محمد خان غني ادبي تنظيم جي سرپرست محترم تاج ٽکڙائي، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيد سارنگ شاهه ، منظور عادل سومرو، محمد سومار ملهار، پيرل ميرجت کان علاوه جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما جناب ڊاڪٽر احمد نوناري، يونين ڪائونسل 3 جي سابق نائب ناظم ۽ هر دلعزيز رهنما ڊاڪٽر جي ايم گُل کان سواءِ پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جي سابق صدر محترم رمضان شورو، ايف ايم ٽنڊو محمد خان جو نمائندو محترم اعظم ڀٽي کان علاوه سوين سنڌي دوستن پڻ انهيءَ بُک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڳالهائيندي جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته خبر ناهي ڇو حُڪمران جيڪي سنڌي عوام جي ووٽن تي چونڊجي آيا پر اهي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي وارو درجو ڏيارڻ کان لنوائي رهيا آهن، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر چيو ته سنڌي ٻولي اسان جي سُڃاڻپ آهي، آئيني طور هتي جا حڪمران انهي ڳالهه جا پابند آهن ته هو سنڌي ٻولي کي پوري مُلڪ جي قومي ٻولي جو درجو ڏيارين ٻي صورت ۾ اهو سمجهيو ويندو ته اسان جا موجوده حُڪمران جيڪي اسان سنڌين جي ووٽن تي پنهنجي حُڪمراني پيا ڪن انهن کي سنڌي ٻولي سان ڪا به دلچسپي ڪانهي ۽ هو سنڌي ٻولي سان پيار ڪرڻ جي بجاءِ سنڌي ٻوليءَ سان نفرت ڪن ٿا، في الفور هو سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏياري پنهجو پاڻ کي سنڌي ٻوليءَ جو حلالي پُٽ ثابت ڪري ڏيکارين نه ته اهو ڏينهن پري ڪونهي جو کين سنڌي قوم جي غيض وغضب جو شڪار نه ٿيڻو پوي، انهي موقعي تي بُک هڙتالين کي گُلن جا هار پڻ پارايا ويا . ۽ بُک هڙتالين پنهنجي ٻانهن تي احتجاجي طور تي ڪاريون پٽيون پڻ ٻڌيون ۽ وڪٽري جا نشان ڏيکاري پنهنجي بلند حوصلي جو اظهار پڻ ڪيو.​
پيش آهن هن احتجاجي بُک هڙتال جون تصويري جهلڪيون

230326_10150204070458216_794048215_7024401_5750474_n.jpg

بُک هڙتالي ڪئمپ ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران هڪڙو بينر آويزان ڪيو ويو

249321_10150203989028216_794048215_7023693_7368316_n.jpg

بُک هڙتال جي دورن هڪ قومي ڪارڪن قومي گيت ٻُڌائي رهيو آهي جڏهن ته ضلع ٽنڊو محمد خان جو ڪي ٽي اين جو نمائندو محترم غلام نبي ڪيريو اهو احتجاجي گيت رڪارڊ ڪري رهيو آهي
247680_10150204036043216_794048215_7024131_5659151_n.jpg

روزانه شام جو نمائندو محترم محمد رمضان شورو بُک هڙتالين کي هار پارائڻ لاءِ تمام گهڻا گُلابي گُلن جا هار کڻي آيو هو
250008_10150204038898216_794048215_7024149_3800957_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري ڊاڪٽر عزيز ٽالپر ، وچ ۾ ڊاڪٽر جي ايم گُل ۽ جيئي سنڌ ترقي پسند جو مرڪزي رهنما ڊاڪٽر احمد نوناري احتجاجي بُک هڙتال ۾ ساٿ ساٿ
230400_10150204043033216_794048215_7024165_1277747_n.jpg

بُک هڙتال ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جا ڪارڪن ۽ مختلف قوم پرست جماعتن جا سربراهه ۽ ڪارڪن
227580_10150204047933216_794048215_7024190_3015231_n.jpg

ڀلوڙ شاعر ۽ جاکوڙي دوست محترم اعظم ڀٽي صاحب پنهنجي معصوم نياڻي سميت هن احتجاجي بُک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي
225913_10150204048388216_794048215_7024192_4285445_n.jpg

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سينئر ميمبر سيد سارنگ شاهه ۽ ڊاڪٽر عزيز ٽالپر
230678_10150204053743216_794048215_7024258_3884618_n.jpg

سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر سيد غلام علي شاهه ڪي ٽي اين جو مين ڪئميرا مين پنهنجون ذميواريون انجام ڏيندي
249992_10150204053938216_794048215_7024261_3898361_n.jpg

سنڌ سلامت جا ٻه نوجوان ميمبر ٻئي ڪي ٽي اين جا ڪئميرا مين جبران خاصخيلي ۽ سيد غلام علي شاهه پنهنجو فرائض منصبي ادا ڪندي بُک هڙتالي ڪئمپ جي رڪارڊنگ ڪندي
226345_10150204055283216_794048215_7024273_7301469_n.jpg

سنڌ جو ڀلوڙ شاعر محترم رفيق آس لغاري پنهنجي فرزند سميت هن بُک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي​
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران احتجاجي بُک هڙتال

محترم دوست ناز سائين؛
حق موجود؛ جيئي سنڌ

ٽنڊي محمد خان جي سنڌ دوست، سنڌ سڄڻن کي لک لک سلام ۔۔۔ اسين سندن جدوجهد کي عقيدت ڀريو سلام ڪريونٿا ۽ هر ان سنڌيءَ جو احترام ڪريونٿا جيڪو سنڌ جي جائز مسئلن ۽ سنڌين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو ۔۔۔ سنڌي ٻولي سنڌ جي قومي ٻوليءَ جو پورو پورو حق رکي ٿي، اسين هن اڱڻ ذريعي وس وارن کان ڀرپور مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي ڪري سنڌي ٻوليءَ سان انصاف ڪيو وڃي ۔۔۔

ٿورا دوست ناز جا هو وقت سان سنڌ سلامت کي سنڌ جي حقن ۾ ٿيندڙ ڪاوشن جي خبرن کي زينت ٺاهي ٿو ۔۔۔

سنڌ سان ظلم بند ڪريو ۔۔۔ سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران احتجاجي بُک هڙتال

سائين نثار ناز سلام

اوهان دوستن جي ان عمل تي اوهان کي سلام۔ پر ڇا اسان ان طرح سنڌي کي قومي ٻولي مڃرائڻ ۾ ڪامياب وينداسون؟؟ مان سمجهان ٿو ان ڪم لاء هڪ قومي ۽ اڻ کُٽ جدوجهد جي ضرورت آهي۔ پوء اوهان جو اهو عمل ساراهه جوڳو آهي۔

اوهان جي اهڙي عمل جي پوئواري پوري سنڌ کي ڪرڻ گهرجي
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران احتجاجي بُک هڙتال

محترم دوست ناز سائين؛
حق موجود؛ جيئي سنڌ

ٽنڊي محمد خان جي سنڌ دوست، سنڌ سڄڻن کي لک لک سلام ۔۔۔ اسين سندن جدوجهد کي عقيدت ڀريو سلام ڪريونٿا ۽ هر ان سنڌيءَ جو احترام ڪريونٿا جيڪو سنڌ جي جائز مسئلن ۽ سنڌين جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو ۔۔۔ سنڌي ٻولي سنڌ جي قومي ٻوليءَ جو پورو پورو حق رکي ٿي، اسين هن اڱڻ ذريعي وس وارن کان ڀرپور مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي قومي ٻولي ڪري سنڌي ٻوليءَ سان انصاف ڪيو وڃي ۔۔۔

ٿورا دوست ناز جا هو وقت سان سنڌ سلامت کي سنڌ جي حقن ۾ ٿيندڙ ڪاوشن جي خبرن کي زينت ٺاهي ٿو ۔۔۔

سنڌ سان ظلم بند ڪريو ۔۔۔ سنڌيءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيو ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
ادا نثار ابڙا تنهنجي مهرباني جو سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري تحريڪ کي هٿي ڏيارڻ واسطي پنهنجا بهترين رايا ۽ همت افزايون ساري دنيا جي سنڌين سان شيئر پيو ڪرين، دوست توڻي جو اسان جي سنڌي قوم اڃان اهڙين اهم ترين ڳالهين تي ڌيان ڪونه ٿي ڏي پر ان هوندي به اسان پنهنجي قوم مان مايوس ڪونه آهيون، دوست هميشهه ڦُڙِي ڦُڙِي تلاءُ ٿيندو آهي، اميد ته اسان جا سنڌي سٻاجها نيٺ ته ننڊ مان سُجاڳ ٿيندا، نيٺ ته پنهنجا حق ڦُري وٺندا۔
اسان اولاد سنڌڙيءَ جا سدائين سربُلند آهيون
سپر سينا ڪري سنڌ لئه ڪٽائيندا ته ڪنڌ آهيون
لکايون خُونَ پنهنجي سان چٽو نروار سنڌ نالو،
ڪروڙن کان مٿي آهيون ڀلي سمجهو جي چند آهيون(نثارناز)
 
جواب: سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران احتجاجي بُک هڙتال

ٽنڊو محمد خان جي سنڌين کي سلام آهي۔
 
Back
Top