شيبا جي اڏي تي ولائتي مال جو مزو سستي ۾ وٺڻ جو ڏس هن کي الائي ڪنهن ڏنو جو وڃي شيبا جي اڏي تي پهتو، هونئن به کيس شهر جي سڀني اڏن جي سٺيءَ پر ڄاڻ آهي، پر شيبا جو اڏو شهر جو نامي گرامي اڏو آهي، جتي فقط ۽ فقط والائتي، پيتي پيڪ ۽ سيل بند مال ملندو آهي، اهو به هن مهانگائيءَ واري دور ۾ رعائتي اگهه تي، هو لڪندو، لڪندو وڃي شيبا جي اڏي ته پهتو هو، هن ميش ڏيئي جلترنگ کي سڏ ڪيو جيڪو پڻ ڪنهن ٺاهوڪي گراهڪ جي انتظار ۾ هو جو ڪلهه ئي ولايت کان نوان ائٽم پهتا هئا، جن مان چانٽي ڪري سيل بند ۽ پيٽي پيڪ ائٽم صاحبن جي لاءِ محفوظ ڪيا ويا هئا، جن جي خوراڪ فقط کير ۽ ماکيءَ واري ٿيندي آهي، جو صاحبن کي بدبودار ائٽم پسند نه آهن، شيبا چوندي آهي، ” سنڌ جا صاحب صاف تري چٽڻ جا شوقين آهن“، سندن چوڻ آهي،” اسان جون رنو ڇيڳريون آهن ايتري قدر جو سندن بغلن ۾ به سدائين ڌپ هوندي آهي“، شيبا کي صاحبن جي خدمت ڪندي هاڻي سنڌ ۾ پندرنهون سال ٿيندو“، هن جلترنگ سان ڳالهايو، ” ڪر خبر اڄ ڪلهه ڪهڙو ريٽ آهي“، جلترنگ چيس، ” اڄ ڪلهه ريٽ به ڪجهه وڌيا آهن ۽ هڪ آسامي پڻ وڌي آهي جنهن ڪري ريٽ ويتر ڪجهه وڌي ويا آهن“، هن کيس چيو، ” اها، وري ڪهڙي نئين آسامي وڌي آهي، سپاهيءَ جي ڪميشن ته تون اڳ ئي وٺندو هئين“، جلترنگ چيس، ” ائٽم جا هاڻي هزار روپيه ٻڌا ٿيئي، منهنجا ٽي سو روپيه، جمعدار جا ٻه سو روپيه ۽ هڪ صحافيءَ جي آسامي وڌي آهي ان جا سو روپيه“، کائنس رڙ نڪري ويئي، چيائين، ” جهل ڙي! صحافي هتي به اچي پهتا“، هن جلترنگ کي چيو، ” تون مون کان ائٽم گرل جا، پنهنجا ۽ جمعدار جا پئسا وٺ ۽ صحافيءَ جا پئسا به ٻيڻا ڪري وٺ، پر مون کي واڙي صحافي ڏي، الاهي ڏينهن ٿي ويا آهن ڪا مند ڪونه مٽائي آهي، هونئن به چوندا آهن، ” جلترنگ اهو چڱو ٿيندو، جنهن جي پنهنجي ڍٻري به وڳل هوندي، صحافي هتي پهتو آهي ته سڀاڻي تنهنجو خال به ڀريندو“.