[justify][justify]مان لوڪي سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب کان گذري رهيو هوس ته ماڻهن جي پيهه نظر آئي، معلومات ڪرڻ تي پتو پيو ته منافق ماهي حيدرآباد آيل آهي، استاد ولي ۽ دل پسند انقلابيءَ وٽ سندس دعوت آهي، مون کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي، لوڪي کي چيم، ” گرمين جي ههڙن هاڙي وارن ڏينهن ۾ جڏهن اسان کان به ٽرسو ٿو وهي، منافق ماهيءَ جو حيدر آباد اچڻ سمجهه ۾ نه ٿو اچي، منهنجي دماغ جو ڪمپيوٽر ڪم نه ٿو ڪري هل ته ڪٿي ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهيون ۽ ڪنهن خيراتي مٽ جو ٿڌو پاڻي پئون“، لوڪي منهنجي ڳالهه مڃي ۽ اسان ٻيئي اچي هڪ وڻ جي ڇانوَ ۾ ويٺاسين، مون لوڪي کان پڇيو، ” توکي منافق ماهي جو استاد ولي ۽ دل پسند انقلابيءَ وٽ اچڻ تي ڪو عجب نه لڳو“، چيائين، ” گگدام سان عجب وري ڪهڙو ماڻهو، ماڻهوءَ وٽ آيو آهي ان ۾ عجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي، جي شينهن ماڻهوءَ وٽ اچي ها ته اها عجب جي ڳالهه هجي ها“، چيومانس، ” پوءِ به، جيڪڏهن ٻه الڳ، الڳ سوچن، خيالن ۽ نظرين وارا ماڻهو پاڻ ۾ ملن ته اها ڳالهه عجب جهڙي ضرور ٿيندي“، لوڪي چيو، ” سائين پوءِ ”ماڻهوءَ“ جو ”ماڻهو“ هجڻ ضروري آهي، سياستدان نه، سياستدان جيڪي عوام جي لاءِ سياستون ڪن ۽ پنهنجا ڪارخانه به هلائين ته اُهي سياستدان نه ٿا ٿي سگهن، اهي ته واپاري هوندا آهن، ۽ اهڙا سياستدان عوام جو هڏ ماس پٽيندڙ ڪتا هوندا آهن، سياستدان ته لکين عوام جي محنت تي هزارين ڪارخانه هڻندا آهن، جن جي آمدني انهن جي خوشحاليءَ جو سبب بنبي آهي، هي سياستدان ته ڪتا آهن ۽ ”ڪتا ڪتي ڪا ڀائي هو تا هي“، ان ۾ به عجب جهڙي ڪا ڳالهه نه آهي“، لوڪي چيو، ” گگدام سائين منافق ماهيءَ جو حيدرآباد اچڻ عجب جهڙو نه پر سازش جهڙو آهي، هو پنهنجي سازش ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ اسان وارا پنهنجي سياست ۾ ناڪام ٿي ويا“، چيومانس، ” لوڪا مون کي تو واري ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي، مهرباني ڪري کولي ٻڌاءِ“، چيائين، ” گگدام سائين، منافق ماهي اسان جي مورچي ۾ اچي، اسان جي ڀريل بندوق، اسان جي ڪلهي تي رکي، اسان جي ئي سيني ۾ وهائي، اسان جو ئي سينو پروڻ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اسان وارا همراهه تاڙيون پيا وڄائين“، مون کي لوڪي جو اهڙو تجزيو انتهائي درست لڳو، جو هو حيدر آباد گاڏي کاتي ۾ پنهنجي سڄي زندگيءَ گذاري چڪو آهي، تنهنڪري هو حيدرآبادي اديبن، شاعر، ليکڪن، دانشورن، سياستدانن، شاگرد اڳواڻن، استادن ۽ پروفيسرن، سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽيءَ جي اڳواڻن جي پتي کان واقف آهي ۽ چاليهه سالن کان سمورن سايسي اڳواڻن، دانشورن ۽ صحافي سان اليڪ سليڪ اٿس جو هو گاڏي کاتي چونڪ تي گذريل چاليهه سالن کان پراڻا ڪتاب، رسالا ۽ اخارون کپائڻ جو ڪم ڪندو رهيو آهي“ پڇيومانس، ” ڀلا، منافق ماهيءَ جي حيدرآباد اچڻ بعد صورتحال ۾ ڪا تبديلي ايندي“، لوڪي چيو، ” گگدام سائين، منافق ماهي جي حيدر آباد اچڻ بعد دل پسند انقلابيءَ ۽ استاد وليءَ طرفان جيڪا چانهه جي ڪوپ ۾ طوفان آڻڻ واري انقلاب جي اميد هئي، هاڻي اها به ختم ٿي ويئي آهي، هاڻي قوم پرست ساست جو تاڃيپيٽو ئي مڪمل طور تي مٽجي ويندو جو سنڌي ماڻهو منافقن ماهيءَ کي ڪڏهن به پسند ناهي ڪيو ۽ هاڻي ته هو منافق ماهيءَ کي پسند ڪرڻ وارن کي به پسند نه ٿا ڪن“، لوڪي چيو، ” استاد پليءَ جي استاد ولي ٿيڻ بعد سندس جي سياسي زندگي ۽ جدوجهد سخت متاثر ٿي آهي ۽ جڏهن کان سندس جي وچين ڄنگهه کي اڌ رنگو ٿيو آهي، تڏهن کان سندس صحت به سخت متاثر آهي ۽ پسند خان انقلابي به جيڪڏهن ڀل ۾ شگر واري ربڙي کائيندو آهي ته سندس به طبعيت خراب ٿي پوندي آهي، تنهنڪري کيس خوارڪ ۾ رڳو شگر فري ربڙي پسند آهي، ٻنهي جي هن عمر ۾ منافق ماهيءَ سان دوستيءُ جو مقصد آهي، ماکي چٽڻ ۽ ماکي ٻنهي جي صحت لاءِ ٺيڪ ناهي“. [/][/justify]
جواب: / منافق ماهيءَ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي / منافق ماهي پرايو مانهو آهي ۽ دل پسند انقلابي پنهنجو آهي آهن ٻئ هڪ جهڙا۔ دل پسند اقتدار جو اڃايل پکي آهي ۽ منافق ماهي هن کي پاڻي جو آسرو ڏيڻ آيو هو۔ پر کوه تي اڳ ۾ ئي اسان جي مردود ۽ ۡخونخوار ڳٍجهن جو قبضو آهي۔