سنڌي ٻولي قومي ٻولي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي
    ستار پيرزادو
    انڊس هيرالڊ جي ٿورن سان

    جيجل جهولي، ڏئي پئي لولي
    سنڌي ٻولي قومي ٻولي
    استاد بخاري
    [​IMG]


    • هن ملڪ يعني پاڪستان کي قائم ٿئي 64 ورهيه ٿيڻ وارا آهن، تنهن هوندي به ڌرتيءَ جي اصل ڌڻين جي ڪنهن به حڪمران اها ڳالهه ٻڌڻ کان ئي انڪار پئي ڪيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪي اٽل صوبا به آهن جيڪي هن ملڪ جا خالق آهن ۽ انهن جي ڪا ڳالهه ٻڌي وڃي ۽ انهن سان انصاف ڪيو وڃي. هن ملڪ ۾ اها ڪنهن کي پروڙ ناهي ته ملڪ جا 1971 کانپوءِ باقي بچيل صوبا به پنهنجي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي رکن ٿا. ان حد تائين جو انهن صوبن يعني سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ پختون خواهه جي عوام جي تهذيب ۽ ٻولي مختلف آهي. سندن سوچن ۽ لوچن جو محور پڻ مختلف آهي تنهنڪري انهن جا مفاد به سندن ثقافت ، ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان واڳيل آهن. پر انهن چئن صوبن مان سنڌ صوبو ، جيڪو پاڪستان لاءِ قرارداد به پيش ڪرڻ وارو پهريون صوبو هو، ان صوبي جي ٻولي ٻين ٽن صوبن جي ٻولين کان سؤ سيڪڙو وڌيڪ شاهوڪار آهي. ان حد تائين جو 1947ع کان اڳ سنڌي ٻولي سنڌ صوبي جي سرڪاري ۽ ڪورٽ جي ٻولي جي حثيت رکندي هئي جنهن لاءِ سر بارٽل فريئر جا سنڌي اڄ تائين به ٿورائتا رهندا آهن
    اڄڪلهه جڏهن ته پاڪستان ۾ پ پ پ حڪومت آهي، جنهن کي اڪثر سنڌي عوام جي حمايت حاصل رهي آهي، ان حڪومت جي وفاق ۾ ڪيترا ئي سنڌي ڳالهائيندڙ وزير، مشير ۽ اسمبلي ميمبر موجود هئڻ جي باوجود به وفاقي حڪومت جي اسمبليءَ ۾ نه صرف سنڌي ٻولي پر ان سان گڏ ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ڇهن ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي لاءِ محترمه مارئي ميمڻ، يوسف ٽالپر، ظفرعلي شاهه ۽ ڪجھ ٻين ميمبرن ٻيو ڀيرو بل پيش ڪيو ته وفاقي حڪومت جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين نسيم اختر چوڌري جيڪا پنجاب مان پيپلز پارٽيءَ جي ميمبر آهي ان ۽ ڪميٽيءَ جي ٻين ميمبرن جن جو واسطو پ پ پ ۽ ايم قيو ايم سان هو انهن بل تي نه صرف غور۽ بحث جي اجازت نه ڏني پر اهو چئي بل رد ڪري ڇڏيو ته ، اهو بل ملڪ دشمن آهي ۽ پهرين به رد ٿي چڪو آهي ته پوءِ ان کي ٻيهر پيش ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. بل کي قبول نه ٿو ڪري سگھجي ۽ نه ئي وري ان تي عمل ڪري سگھجي ٿو. پر ان جو ڪو به مثال نه ڏنو ويو آهي ته ان تي عمل ڇو نه ٿو ڪري سگھجي
    • ان مان ته ائين ٿو لڳي ته نسيم چوڌري ايم ڪيو ايم وارن جي ونگار پئي وهي ۽ پنهنجي پنجابي ٻوليءَ کي به قومي ٻولي قرار ڏيارڻ تان هٿ کنيو جو ان جو في الحال فائدو سنڌي ٻولي ۽ سنڌي عوام کي ملي سگھي ٿو پر اڳتي هلي پنجابي ٻوليءَ جي واڌ ويجھه پڻ ٿيندي پر حيرت ته پ پ پ پنجاب جا ٻالڪا سنڌ جي پ پ پ جي ٻالڪن سان سهمت ناهن پر هو سدائين پنهنجي فرسوده سوچ جا حامي رهيا آهن ۽ سنڌ جي وفاقي اسمبلي ۽ سينيٽ جي سنڌي ميمبرن جي پڻ ڀرپور مخالفت ڪندا رهندا آهن. ايم ڪيو ايم جو ته اصل کان سنڌ دشمن رويو عالم ۾ پڌري پٽ وائکو ٿيل آهي پر پ پ پ وارن جي پاران ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ ستن وڏين ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ ۾ ڪهڙي ملڪ دشمني آهي؟ جنهن جي جواب ۾ ڪو به دليل نه صرف اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرمين چوڌري نسيم اختر ڏئي سگھي ٿي نه ن ليگ جا ميمبر نه ئي پ پ پ يا ايم قيو ايم جا ميمبر
    • رهيو سوال ته قائدِ اعظم محمد علي جناح جي پاران ڪيل هڪ غلطي سا به هند جي انهن ويجھن دوستن کي خوش ڪرڻ لاءِ هن اردو ٻولي قومي ٻولي قرار ڏني هئي. ان تي اڄ تائين ڳنڍ ٻڌي بيهي رهڻ ڇا جي لاءِ آهي؟ منهنجو سوال هي آهي ته هاڻ جڏهن قائدِ اعظم محمد علي جناح جي چيل ٻين ڪهڙين ٻولاچارين تي هو ڳنڍ ڏئي بيٺا آهن؟ پاڪستان جو آباديءَ جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو بنگال ڪنهن جي ڪري ڌار ٿيو؟ ڇاجي ڪري؟ 1970 کان اڳ پاڪستاني نوٽن تي بنگالي ٻولي به لکي ويندي هئي. ۽ نيٺ قائد اعظم جي ڳالھ کي رد ڪندي بنگاليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو هو. بنگال کي ڌار ڪرڻ کان پوءِ اڄ بنگال ڪٿي بيٺو آهي. جنهن جي لاءِ انهن ڏينهن ۾ اها ڳالهه عام هوندي هئي ته بنگال جي عوام کي ته اولهه پاڪستان وارا پالي رهيا آهن، هاڻ بنگال نه صرف پاڻ پلجي رهيو آهي پر سندس ڪرنسي ٽڪو اسان جي رپئي کان ڪيترو مٿي آهي ۽ هاڻ اهو بنگال کي کارائيندر پاڪستان قرض ۾ ڪيترو ٻڏل آهي؟ ڇاڪاڻ ته هي پاڪستان ته قائدِ اعظم وارو پاڪستان ته رهيو ناهي. قائدِ اعظم جي پاڪستان جو روح ملڪ مان 1970 ۾ ئي پرواز ڪري ويو
    اسان سنڌ وارن ازل کان اياز
    ڪنهين لاءِ مندي سمائي نه من
    ٻولين جو اهڙو ساڳيو مسئلو هندوستان سان پڻ لاڳو آهي پر انهن آزادي ماڻڻ کان پوءِ ٻولين جو مسئلو حل ڪري گھڻ قومي ۽ گھڻ ٻولين وارن ملڪن لاءِ مثال بڻائي ڇڏيو
    • اسان جي ملڪ ۾ خاص ڪري اردو ڳالهائيندڙ ۽ پنجاب جي سول ۽ مليٽري آفيسر شاهي سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ناهن. پنجاب جي ماڻهن جي رويي جو سبب هي به ٿي سگھي ٿو ته هنن کي پنهنجي مادري ٻوليءَ سان بنهه دلچسپي ناهي
    • ملڪ ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ عوام جوتعداد 2008 جي آدمشماريءَ مطابق ڀل کڻي 15 سيڪڙويا هاڻ کڻي 16سيڪڙو هجي، تنهن هوندي به سنڌي ٻولي صدين کان نه صرف لکبي، ڳالهائبي ۽ پڙهبي رهي آهي، هن ٻوليءَ ۾ نه صرف سنڌ ۾ پر ڪيترن ئي ڌارين ملڪن ۾ Ph.D جي ڊگريءَ تائين پاڙهي ٿي وڃي. هن وقت سنڌ يا ملڪ ۾ ٻولين جي لحاظ کان جيترا ماهر سنڌي ٻوليءَ ۾ Ph.D ٿيل آهن اوترا شايد ئي پنجابي، سرائڪي، پشتو، بلوچي، براهوي ۽ هندڪو ٻولين جا هوندا
    • هاڻ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي ءَ طور سڀ کان وڏو اعتراض اردو دان طبقي کي آهي، جيڪو ملڪ جي آدمشماريءَ جو فقط 8 سيڪڙو تعداد آهي جيڪو پڻ گھٽ به ٿي سگھي ٿو. ڇاڪاڻ جو 2008 ۾ اردو ڳالهائيندڙ طبقي ايم ڪيو ايم حڪومت جو حصو هئي ۽ اها ڪنهن به حالت ۾ اثر انداز ٿيندي پئي آئي آهي. جيڪا ڳالهه ڪيترا ئي ملڪي ماڻهو ۽ ڳڻپ وارن ادارن جا آفيسر تسليم ڪري چڪا آهن جنهن جو وڏو مثال اپريل 2011 ۾ ٿيل گھر ڳڻپ کان پوءِ سامهون آيو. هنن جي سوچ ۽ ذهنن ۾ اها ڳالهه ويٺل آهي ته هو سنڌ جا فاتح آهن. جيڪي پناهگير طور هند جي مختلف پرڳڻن مان لٽجي ڦٽجي آيا هئا ۽ سندن وڏڙن کي اهو به ياد هوندو ته 47 ۾ جڏهن ريل گاڏين ۾ ايندڙ انهن پناهگيرن کي پنجاب جي ڪنهن به ريلوي اسٽيشن تي اهو چئي لهڻ نه ڏنو ويندو هوته پاڪستان اڳتي آهي ۽ ملڪ جي ڏاکڻي طرف ڪراچي ئي ريل گاڏيءَ جي آخري منزل هئي ۽ اڄ تائين به آهي. کين قائدِ اعظم جي اهائي ڳالهه وڻي هئي ۽ ان تي ڳنڍ ٻڌيو بيٺا آهن ته اردو هن ملڪ جي قومي ٻولي هوندي ۽ ڪڏهن ته اهو به چوندي ٻڌا ويا آهن ته اردو ٻوليءَ جي مخالفت معنيٰ پاڪستان جي مخالفت آهي يا اسلام جي خلاف آهي جنهن جا ڪيترا ئي شاهد اڄ به موجود آهن
    • سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ باقي ملڪ ۾ ڳالهائندڙ سمورين ٻولين کي پنهنجو ڪو خاطر خواهه رسم الخط آهي ئي ڪونه ۽ نه ئي وري هنن وٽ ڪو عالمي سطح جو ادب ئي آهي نه سندن ٻوليءَ جا ڪي وڏا ماهر ئي آهن. انهيءَ خوف کان پنجابي، پشتون ، ۽ بلوچ سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ڪيتريون ئي بلوچ ذاتيون مستقل رهائش پذير آهن ۽ اهي لکن، پڙهن ۽ ڳالهائن سنڌي ٿا. مون کي اها به ڄاڻ آهي ته بلوچي قوم جا ڪيترا ئي سردار سڳورا سنڌي ڳالهائيندا ۽ پڙهندا آهن. حيرت ته سرائڪي ٻولي ڳالهائيندڙن تي ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ٻوليءَ جو 90 سيڪڙو سنڌي هجڻ جي باوجود اردو رسم الخط ۾ لکندا آهن
    • آخري ڳالهه اها آهي ته قومي اسمبليءَ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جا ڪهڙا ميمبر آهن جيڪي ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ مڙني ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جي لاءَ مسئلن جي وڌڻ جون ڳالهيون ٿا ڪن؟ جڏهن ته انهن مان ڪنهن به هڪڙي ميمبر ڪنهن به هڪڙي مسئلي جي نشاندهي نه ڪئي آهي. اڃان به کڻي ائين چئجي ته انهن مانوارن ميمبرن مان ڪيترا ٻولين جا ماهر آهن؟ ڪنهن به ٻوليءَ جي ترقي ملڪي ترقيءَ جي مددگار ثابت ٿيندي آهي يا تنزليءَ جي؟ ان جو جواب اهي سڀ ميمبر حضرات ڏئي سگھن ٿا؟ يا اها فقط سنڌ ۽ سنڌي ٻولي دشمني ئي ڄاتي وڃي؟
    واڪا ڪرڻ مون وسِ، ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو
     
  2. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي

    ادا ڏاڍو سٺو ائين قومي ٻولي لا انفرادي طور تي ئي ڪم ڪندا رهيا سين ته به اسان هڪ نه هڪ ڏينهن پنهنجو مقصد حاصل ڪري وينداسين
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي

    تمام سٺو ۽ سهڻو ليک محترم ستار پيرزادي جو

    سنڌي ٻوليء کي قومي ٻولي مڃرائڻ لاء اسان جون ڪوششون ته گهڻيون رهيون آهن پر معاف ڪجو ڪا اهڙي تحريڪ ڪانه اٿي آهي جيڪا حڪمرانن کي مجبور ڪري۔ ٻي ڳالهه اها ته اسان اڃان به ناڪام رهيا آهيون ۽ اسان لابننگ ڪرڻ به ڪونه سکيا آهيون يا ان جي ڪوشش ڪانه ڪئي آهي۔ ان ڏس ۾ جيڪڏهن بلوچ، سرائيڪي، پشتو ۽ پنجابي دوستن سان ملي ڪا گڏيل تحريڪ هلائجي ته ان جا هاڪاري نتيجا ايندا۔

    ٻيو ته مان ان حق م ناهيان ته هن مسئلي لاء انفرادي ڪوششون ڪجن ، ڇو ته انفرادي ڪوششون سواء طاقت وڃائڻ ۽ وقت جي برباديء جي ڪجهه ناهن۔ هڪ گڏيل ۽ تمام طاقتور تحريڪ هلي ته سڀ وفاقي ۽ قومي پارٽيون به ان جو حصو هونديون، ڇو ته هنن کي به سياست ڪرڻي آهي۔ پر اسان اهو مڃيون ته اسان اهو ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهيون۔

    پوء به اميد جو دامن نه ڇڏيو آهي ۽ مستقبل ۾ ضرور هڪ سرگرمي اٿندي ۽ پوء حڪمران مجبور هوندا ۽ سنڌي پنهنجي قومي ٻولي هجڻ جو تشخص بحال ڪري وٺندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو