جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي هر مسلمان جي هيءَ چاهت هجي ٿي ته الله تعاليٰ ان سان محبت ڪري، ان جي دعائن کي شرف قبوليت عطا فرمائي. مشڪل وقت ۾ ان جي مدد ڪري. ان جي گناهن تي دنيا ۽ آخرت ۾ پردو رکي ۽ ان ماڻهو جي معاشري ۾ عزت هجي. وغيره وغيره. انهن سڀني خواهشن جي تڪميل جي خاطر هر ماڻهو پنهنجي وس آهر ڪوشش به ڪندو رهي ٿو ۽ الله تعاليٰ کان دعاڳو به رهي ٿو. هن مضمون ۾ الله تعاليٰ جي ان سنت (طريقي) کي واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪو شخص الله تعاليٰ جي بندن سان جهڙو سلوڪ رکندو الله تعاليٰ به ان سان اهڙو ئي سلوڪ فرمائيندو. مثلاً: جيڪو ماڻهو الله تعاليٰ جي مخلوق تي رحم ڪندو الله تعاليٰ به ان تي پنهنجي رحمت جي پالوٽ فرمائيندو. جيڪو ماڻهو الله تعاليٰ جي ٻانهن جي مصيبت وقت مدد ڪندو. الله تعاليٰ به مصيبت جي وقت ان جي مدد فرمائيندو. ان جي لاءِ جيڪو ماڻهو مٿي لکيل ڳالهين جو خواهشمند آهي ان کي کپي ته الله تعاليٰ جي ٻانهن سان اهڙو سلوڪ رکي جهڙي سلوڪ جي پنهنجي لاءِ الله تعاليٰ ۾ اميد رکي ٿو. ٻانهن تي ظلم ڪرڻ واري کي ڪنهن به قسم جو حق نه آهي ته اهو شخص الله تعاليٰ جي رحمت جون ڪوڙيون اميدون پنهنجي دل ۾ رکي. ان مختصر تمهيد جي بعد قارئين جي خدمت ۾ صحيح حديثن جي روشني ۾ ڏهن اهڙين شين کي پيش ڪيو وڃي ٿو جنهن جي متعلق الله تعاليٰ جو اهو ئي طريقو آهي ته جيئن ڪندؤ تهڙو ڀريندؤ. يعني جهڙو سلوڪ الله تعاليٰ جي ٻانهن سان رکندؤ ته توهان به اهڙي ئي سلوڪ جا الله تعاليٰ وٽ حقدار ٿيندا. (1) رحم سيدنا عبدالله بن عمرو بن عاص کان روايت آهي ته نبي ﷺجن ارشاد فرمايو. رحم ڪرڻ وارن تي رحمان رحم ڪري ٿو. توهان زمين وارن تي رحم ڪريو.آسمان وارو توهان تي رحم فرمائيندو. (سنن ابي دائود حديث نمبر 4941) سيدنا ابوهريره روايت ڪن ٿا ته نبي اڪرم ﷺجن فرمايو. مَنْ لَا يَرْحَمُ لَا يُرْحَمُ .....(بخاري حديث نمبر: 5997) جيڪو الله تعاليٰ جي مخلوق تي رحم نه ڪندو ان تي به رحم نه ڪيو ويندو. صرف انسانن تي ئي رحم ناهي ڪرڻو بلڪه الله تعاليٰ جي ٻي مخلوق جيئن جانور، پکي، انهن تي رحم ڪرڻ جي باري ۾ نبي اڪرم ﷺجي فرامين ۾ تمام گهڻي تاڪيد آئي آهي. سيدنا قره بن معاويه بيان ڪن ٿا ته هڪ ماڻهو نبي ﷺجي خدمت ۾ حاضر ٿي چوڻ لڳو. آئون ٻڪري ذبح ڪريان ۽ (ٻڪري ذبح ڪرڻ وقت) آئون ان تي رحم ڪندس. پاڻ ڪريم ﷺ فرمائڻ لڳا. وَالشَّاةُ إِنْ رَحِمْتَهَا رَحِمَكَ اللّهُ ....... (مسند احمد: 5/34) جيڪڏهن تون ٻڪري تي رحم ڪندين ته الله تعاليٰ تو تي رحم فرمائيندو اهڙي طرح سيدنا ابو امامه جي بيان ڪيل روايت ۾ پاڻ ڪريم ﷺفرمائين ٿا. مَنْ رَحِمَ وَلَوْ ذَبِيحَةَعُصْفُوْرِ رَحِمَهُ اللهُ يَوْمَ الْقِيَامَةِ ....(سلسلة الاحاديث الصحيحة: 27) جيڪو رحم ڪري ٿو ڀلي کڻي پکيء جي ذبح تي رحم ڪري. الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان تي رحم فرمائيندو. (2) ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ تڪليفون ختم ڪرڻ سيدنا عبدالله بن عمر بيان ڪن ٿا رسول الله ﷺجن فرمايو هڪ مسلمان ٻئي مسلمان جو ڀاء آهي. ان تي ظلم نه ڪري ۽ ان تي ظلم ٿيڻ به نه ڏئي جيڪو شخص پنهنجي مسلمان ڀاء جي ضرورت پوري ڪندو الله تعاليٰ ان جي ضرورت پوري فرمائيندو. جيڪو ماڻهو ڪنهن مسلمان جي مصيبت کي ختم ڪندو الله تعاليٰ ان جي قيامت جي مصيبتن مان هڪ مصيبت ختم فرمائيندو. (صحيح بخاري 2442) معلوم ٿيو ته الله تعاليٰ اهڙي شخص جون ضرورتون پوريون فرمائي ٿو جيڪو ٻين جي ضرورتن جو خيال رکي ٿو ۽ پنهنجي حيثيت جي مطابق ٻين جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هيء ذميداري خاص طور تي حڪمرانن جي آهي ته انهن جي رعايا ۾ جيڪي به ضرورتمند آهن حڪومت انهن جون ضرورتون پوريون ڪري. ٻي صورت ۾ نبي ﷺدرج ذيل حديث مبارڪ ۾ اهڙن حڪمرانن جي مذمت بيان فرمائي آهي جيڪي ماڻهن جي ضرورتن جو خيال نه ٿا رکن. سيدنا معاويه کان روايت آهي ته رسول الله ﷺجن فرمايو. الله تعاليٰ جنهن ماڻهو کي مسلمانن جي ڪمن جو والي مقرر فرمائي ٿو ۽ اهو انهن جي ڪمن ۽ ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۽ مصيبتن کي ختم ڪرڻ ۾ انهن جي مدد نٿو ڪري ته الله تعاليٰ به ان حڪمران جي ڪمن ۽ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ان جون مصيبتون ختم ٿيڻ ۾ ان جي مدد نه فرمائيندو. (سنن ابي دائود 2948) موجوده حالات ۾ اسان جا حڪمران هر وقت غربت جو روئڻ روئن ٿا ۽ مدد جي لاءِ غيرن جي سامهون هٿ جهلڻ کان شرم محسوس نٿا ڪن. انهن کي کپي ته پنهنجي عوام جو فڪر ڪن ۽ ذاتي ملڪيت ٺاهڻ بدران عوام جي ضرورتن جو خيال رکن تڏهن ئي اسان جا معاشي حالات بهتر ٿي سگهن ٿا. ڇو ته رسول الله ﷺ جن جو فرمان آهي. وَمَنْ كَانَ فِي حَاجَةِ أَخِيهِ كَانَ اللَّه فِي حَاجَتِهِ .....(صحيح البخاري: 2443) جيڪو ماڻهو پنهنجي ڀاء جي ضرورت پوري ڪندو الله تعاليٰ به ان جي ضرورت پوري فرمائيندو. (3) معاف ڪرڻ انسان خطائن جو گهر آهي. هر ماڻهو کان غلطي ۽ گناهه ٿي وڃي ٿو. پوءِ اهو الله تعاليٰ کان معافي جو طلبگار هجي ٿو. الله تعاليٰ کان معافي وٺڻ جو آسان طريقو هي آهي ته انسان ٻين ماڻهن کي معاف ڪرڻ وارو قردار اپنائي. جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ٻين کي معاف ڪرڻ واري عادت اپنائيندو ته الله تعاليٰ به اهڙي شخص جي گناهن خطائن کي معاف فرمائيندو. الله تعاليٰ جو فرمان مبارڪ آهي. وَلْيَعْفُوا وَلْيَصْفَحُوا أَلا تُحِبُّونَ أَن يَغْفِرَ اللَّه لَكُمْ وَاللَّه ُغَفُورٌ رَّحِيمٌ(النور: 22) معاف ۽ درگذر ڪرڻ کپي. ڇا اوهين نٿا پسند ڪريو ته الله تعاليٰ اوهان جا قصور معاف فرمائي. الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي. يعني توهان پسند ڪريو ٿا ته الله تعاليٰ توهان کي معاف فرمائي ته توهان ماڻهن کي معاف ڪرڻ سکو ۽ ڪنهن جي غلطي هجڻ ڪري ان کي سزا ڏيڻ يا بدلو وٺڻ جي بجاءِ ان کي معاف ڪري ڇڏيو. رسول الله ﷺجن فرمائين ٿا. اِرْحَمُوا تُرْحَمُوا وَاغْفِرُوا يَغْفِرْ اللَّه ُلَكُمْ .......(مسند احمد: 2/165، صحيح الجامع: 897) توهان ٻين تي رحم ڪريو توهان تي به رحم ڪيو ويندو ۽ توهان ٻين کي معاف ڪندا ڪريو. توهان کي به بخش ڪيو ويندو. (4) آساني ڪرڻ رحمت عالم ﷺجن جو فرمان مبارڪ آهي. وَمَنْ يَسَّرَ عَلَى مُعْسِرٍ يَسَّرَ اللَّه ُ عَلَيْهِ فِى الدُّنْيَا وَالآخِرَةِ ....(مسلم: 2499) جيڪو ماڻهو ڪنهن لاچار تي آساني ڪندو ته الله تعاليٰ ان شخص تي دنيا ۽ آخرت ۾ آساني فرمائيندو. نبي ڪريم ﷺهڪ خوشحال ماڻهو جي باري ۾ بيان فرمايو اهو ماڻهن کي قرض ڏيندو هو ۽ جڏهن ڪنهن لاچار تنگدست کي ڏسندو هو ته پنهنجي نوڪرن کي چوندو هو ته ان کان درگذر ڪيو مهلت ڏيو. شايد الله تعاليٰ به اسان کي درگذر فرمائي. نبي ڪريم ﷺفرمائين ٿا ته الله تعاليٰ ان ماڻهو کي معاف فرمائي ڇڏيو. (صحيح بخاري 2078) (5) نرمي ڪرڻ سيده عائشه بيان فرمائي ٿي رسول اڪرم ﷺجن فرمايو. إِنَّ اللَّه َ رَفِيقٌ يُحِبُّ الرِّفْقَ وَيُعْطِى عَلَى الرِّفْقِ مَا لاَ يُعْطِى عَلَى الْعُنْفِ وَمَا لاَ يُعْطِى عَلَى مَا سِوَاهُ....(مسلم: 2593) الله تعاليٰ تمام گهڻي نرمي ڪرڻ وارو آهي ۽ نرمي کي پسند فرمائي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه نرمي ڪرڻ تي عنايت فرمائي ٿو. سختي ڪرڻ يا ٻيو رستو اختيار ڪرڻ تي نٿو عنايت فرمائي. نبي ڪريم ﷺدعا فرمائي آهي ته الله تعاليٰ ان ماڻهو سان نرمي ڪري جيڪو ٻين ماڻهن سان نرمي ڪري ٿو ۽ الله تعاليٰ ان ماڻهو سان سختي ڪري جيڪو ٻين ماڻهن سان سختي سان پيش اچي ٿو. پاڻ ڪريم ﷺجن جي دعا جا الفاظ هن ريت آهن. اللَّهُمَّ مَنْ وَلِىَ مِنْ أَمْرِ أُمَّتِى شَيْئًا فَشَقَّ عَلَيْهِمْ فَاشْقُقْ عَلَيْهِ وَمَنْ وَلِىَ مِنْ أَمْرِ أُمَّتِى شَيْئًا فَرَفَقَ بِهِمْ فَارْفُقْ بِهِ ... (مسلم:1828) اي الله جيڪو شخص منهنجي امت ۾ ڪنهن ڪم تي ذميدار بڻايو وڃي ۽ اهو ماڻهن تي سختي ڪري ته تون به ان تي سختي ڪر ۽ جيڪو ماڻهو منهنجي امت جو والي (حڪمران) بنايو وڃي ۽ اهو ماڻهن سان نرمي ڪري ته تون به ان سان نرمي ڪر. (مسلم 1828) (6) عيب ڍڪڻ هر شخص جي چاهت هجي ٿي ته الله تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي گناهن ۽ عيبن تي پردو رکي ۽ معاشري ۾ ان جي عزت محفوظ رهي. هاڻي انسان کي کپي ته هو ٻين ماڻهن جي عيبن کي تلاش نه ڪري ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي غلطي يا عيب جو پتو پئجي وڃيس ته ان کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪري. رسول الله ؐ الله عليه وسلم جن جو فرمان مبارڪ آهي: وَمَنْ سَتَرَ مُسْلِمًا سَتَرَهُ اللَّه ُ فِى الدُّنْيَا وَالآخِرَةِ ..... (مسلم: 2699) جيڪو شخص ڪنهن مسلمان جي عيب کي ظاهر نه ڪندو ته الله تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي عيبن تي پردو رکندو. ان جي برعڪس جيڪو ماڻهو مسلمانن جا عيب تلاش ڪندو. الله تعاليٰ ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ذليل ۽ خوار ڪندو. سيدنا عبدالله بن عمر بيان فرمائن ٿا ته هڪ ڏينهن نبي ﷺمنبر تي چڙهيا ۽ بلند آواز سان فرمائڻ لڳا اي انهن ماڻهن جي جماعت جن پنهنجي زبان سان ايمان آندو آهي اڃان تائين ايمان انهن جي دلين ۾ ناهي پهتو. مسلمانن کي ايذاء نه پهچايو ۽ انهن کي عار نه ڏياريو ۽ انهن جا عيب نه تلاش ڪريو. ان جي لاءِ ته جيڪو پنهنجي مسلمان ڀاء جا عيب تلاش ڪندو ته الله تعاليٰ به ان جا عيب ظاهر ڪري ڇڏيندو ۽ جنهن جا عيب الله تعاليٰ ظاهر ڪري ڇڏي الله تعاليٰ ان کي ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيندو. جيتوڻيڪ هو پنهنجي گهر ۾ ڇو نه هجي. (جامع ترمذي 2032) (7) عزت جي حفاظت ڪرڻ ڪڏهن ڪڏهن انسان جي زندگي ۾ اهڙو به وقت اچي ٿو جو ان کي پنهنجي عزت بچائڻ ناممڪن نظر ايندي آهي تڏهن اهو شخص الله تعاليٰ کان دعا ڪندو آهي ته ان جي عزت محفوظ رهي ۽ ماڻهن جي سامهون ذلت ۽ خواري کان بچي وڃي. عزت بچائڻ خاطر جيڪڏهن هن کي پنهنجي زندگي جي پوري ڪمائي لٽائڻي پوي ته ان جو به فڪر نه ڪندو آهي. الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن جي عزت جي حفاظت فرمائيندو آهي جيڪي ٻين مسلمانن جي عزت جي حفاظت ڪندا آهن. سيدنا جابر بن عبدالله ۽ سيدنا ابو طلحه بيان ڪن ٿا ته رسول الله ﷺ جن فرمايو جيڪو ماڻهو ڪنهن مسلمان جي اهڙي جڳهه تي مدد کان هٿ کڻي ٿو جتي مسلمان جي حرمتي ۽ بي عزتي ڪئي ويندي هجي ته الله تعاليٰ به ان ماڻهو جي اهڙي جڳهه تي مدد نه فرمائيندو جتي ان کي مدد جي سخت ضرورت هوندي ۽ جيڪو ماڻهو ڪنهن جي اهڙي جڳهه تي مدد ڪندو جتي ان جي بي حرمتي ۽ بي عزتي ڪئي ويندي هجي ۽ الله تعاليٰ به ان جي اهڙي جڳهه تي مدد فرمائيندو جتي ان کي مدد جي سخت ضرورت هوندي. (سنن ابي دائود 4884) اهڙي طرح سيدنا ابو درداء بيان فرمائي ٿو ته نبي اڪرم ﷺجن فرمايو. مَن رَدَّ عَنْ عِرْضِ أَخِيْهِ رَدَّ اللهً عَنْ وَجْهِهِ النَّارَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ (جامع الترمذي: 1931) جيڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءَ جي عزت تان اهڙي شيءِ کي پري ڪري جيڪا شيء ان جي عزت ۾ رڪاوٽ آهي. الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن ان جي چهري کي جهنم جي باهه کان پري رکندو. (8) محبت ڪرڻ الله تعاليٰ جي محبت حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو هيءُ به آهي ته ماڻهو الله تعاليٰ جي نيڪ ۽ پرهيزگار ٻانهن سان محبت ڪري جيڪو ماڻهو ڪنهن سان صرف الله تعاليٰ جي رضا لاءِ محبت ڪري ٿو الله تعاليٰ ان سان محبت ڪري ٿو. حديث قدسي آهي ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو: حَقَّتْ مَحَبَّتِي لِلْمُتَحَابِّينَ فِيَّ .....(مسند احمد: 5/328، صحيح الجامع: 4321) منهنجي خاطر هڪ ٻئي سان محبت ڪرڻ وارن لاءِ انهن سان منهنجي محبت ڪرڻ ضروري آهي. سيدنا ابوهريره روايت ڪن ٿا ته پاڻ ڪريمن ﷺجن فرمايو هڪ شخص ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ پنهنجي ڀاء سان ملاقات لاءِ نڪتو الله تعاليٰ واٽ ۾ هڪ فرشتي کي بيهاري ڇڏيو جڏهن اهو ماڻهو ان فرشتي وٽ پهتو ته فرشتي پڇيس ته ڪيڏانهن روانگي آهي؟ ان ماڻهو فرشتي کي جواب ڏنو ته فلاڻي ڳوٺ ۾ منهنجو ديني ڀاءُ رهي ٿو ان سان ملاقات لاءِ وڃي رهيو آهيان. فرشتي پڇيس ته ڇا تو تي ان جو ڪو احسان آهي ان جي ڪري تڪليف پيو ڪرين؟ جواب ۾ ان شخص چيو ته اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي بلڪه صرف الله تعاليٰ جي رضا لاءِ ان سان محبت ڪريان ٿو ۽ ملڻ وڃان پيو. فرشتي ان شخص کي چيو ته آئون الله تعاليٰ جو قاصد آهيان. الله تعاليٰ به تو سان اهڙي نموني محبت ڪري ٿو جيئن تون ان شخص سان محبت ڪرين ٿو. (صحيح مسلم 2567) معلوم ٿيو ته نيڪ ۽ پرهيزگارن ماڻهن سان الله تعاليٰ جي رضا لاءِ محبت ڪرڻ الله تعاليٰ جي محبت حاصل ڪرڻ جو هڪ ذريعو آهي ان جي برعڪس جيڪي ماڻهو پرهيزگارن ۽ الله جي ولين سان نفرت ڪن ٿا الله تعاليٰ انهن سان جنگ جو اعلان فرمايو آهي. حديث قدسي آهي الله تعاليٰ فرمايو: مَنْ عَادَى لِي وَلِيًّا فَقَدْ آذَنْتُهُ بِالْحَرْبِ ..(صحيح البخاري: 6506) جيڪو شخص منهنجي ولي سان دشمني رکندو آئون ان سان جنگ جو اعلان ڪريان ٿو. (9) مال خرچ ڪرڻ ڪو به ماڻهو پنهنجي مسلمان ڀاءَ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ جيترو به مال خرچ ڪندو الله تعاليٰ ان کي ان جي بدلي ۾ اڃان وڌيڪ عطا فرمائيندو. حديث قدسي ۾ الله تعاليٰ فرمائي ٿو: أَنْفِقْ يَا ابْنَ آدَمَ أُنْفِقْ عَلَيْكَ ....(صحيح البخاري: 684. مسلم: 993) اي آدم جي اولاد (منهنجي راهه ۾) خرچ ڪر آئون تو تي خرچ ڪندس. ان جي برعڪس جيڪو ماڻهو الله تعاليٰ جي راهه ۾ مال خرچ نٿو ڪري بلڪه شمار ڪري جمع ڪري رکي ٿو، الله تعاليٰ به اهڙي ماڻهو کي شمار ڪري عطا فرمائي ٿو. سيده اسماء جو بيان آهي ته پاڻ ڪريم ﷺجن فرمايو: لَا تُوكِي فَيُوكَى عَلَيْكِ .... (صحيح البخاري: 1433) صدقه ۽ خيرات کي نه روڪ پوءِ تنهنجو رزق به (الله جي طرف کان) رڪجي ويندو. (10) دعا ڪرڻ پنهنجي مسلمان ڀاءَ لاءِ ان جي غير موجودگي ۾ دعا ڪرڻ دعا جي قبوليت جو ذريعو آهي جيڪڏهن ڪو به شخص چاهي ٿو ته ان جون دعائون الله تعاليٰ پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي اهڙي شخص کي گهرجي ته پنهنجي دعائن ۾ پنهنجي مسلمان ڀاءَ کي ياد رکي. سيدنا ابو درداء بيان ڪن ٿا ته مون رسول الله ﷺکان ٻڌو: ما مِنْ عَبْدٍمُسْلِمٍ يَدْعُ لأَخِيهِ بِظَهْرِ الْغَيْبِ قَالَ الْمَلَكُ الْمُوَكَّلُ بِهِ آمِينَ وَلَكَ بِمِثْلٍ ........(مسلم: 2732) جڏهن ڪو به ماڻهو پنهنجي مسلمان ڀاءَ جي لاءِ ان جي غير موجودگي ۾ دعا ڪندو آهي ته الله تعاليٰ جي طرفان مقرر ڪيل فرشتو چوندو آهي ته الله تعاليٰ تو کي اهو ئي ڪجهه عطا فرمائي جيڪو تو پنهنجي مسلمان ڀاءَ لاءِ گهريو آهي. اسان هن مضمون ۾ نموني جي طور تي صرف ڏهن شين جو ذڪر ڪيو آهي ورنه انهن کان علاوه تمام گهڻين حديثن ۾ اهو ئي اصول بيان فرمايل آهي ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. (ماهوار ضياءِ حديث جي شڪرئي سان )