سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ جوڙيل ”ٻولي ڪميٽيءَ“ سنڌ جو تيار ڪيل ڪيس [JUSTIFY]سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪ ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ، سنڌي ٻولي اٿارٽي ۽ ٻيا فرد ۽ ادارا، دل ۽ جان سان شامل آهن. ان حوالي سان سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي وزير محترمه سسئي پليجو، سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران سڏايل ”سنڌي ٻولي قومي ٻولي ڇو نه-مذاڪري“ ۾ تاريخ 22 جنوري 2010ع تي محمد ابراهيم جويي جي سربراهيءَ ۾ هڪ ”ٻولي ڪميٽي“ جوڙڻ جو اعلان ڪيو هو ته جيئن اها گڏجاڻي ڪري ”سنڌي ٻولي-قومي ٻوليءَ“ جو ڪيس تيار ڪري حڪومت سنڌ جي حوالي ڪري انهيءَ ”ٻولي ڪميٽي“، 20 فيبروريءَ 2010ع تي اهڙي گڏجاڻي، سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي ڪميٽي روم ۾ ڪئي، جنهن ۾ سڄو ڏينهن گهڻي سوچ ويچار، بحث مباحثي ۽ صلاح مصلحت کان پوءِ هڪ ڀرپور ڪيس جو ڊرافٽ تيار ڪيو ويو. 21 فيبروريءَ 2010ع تي ”ٻولين جي عالمي ڏينهن“ جي موقعي تي اٿارٽيءَ ۾ منعقد ڪيل علمي سيمينار ۾ اداري جي چيئرپرسن محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين ڄاڻايل ڊرافٽ سامعين کي پڙهي ٻڌائڻ کان پوءِ اجلاس جي خاص مهمان صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو کي پيش ڪيو، جيئن ان ڏس ۾ گهربل اڳڀرائي ٿي سگهي. ان موقعي تي محترمه وزير صاحبه ان ڊرافٽ کي سنڌ جي وڏي وزير تائين پهچائڻ کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ قانون سازيءَ لاءِ اماڻڻ جو اعلان ڪيو. پاڪستان قائم ٿيڻ بابت اهو دليل ڏنو وڃي ٿو ته برصغير جي مسلمانن جي ڌار وطن واري مطالبي جي ڪري اهو ٺاهيو ويو هو. اها ڳالهه هميشه ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي ته برصغير جا مسلمان هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ نه پر تاريخي طور تي گهڻيون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو هئا ۽ هنن انهيءَ وفاق ۾ شامل ٿيڻ لاءِ اهو سمجهي رضامندي ڏني هئي ته سندن انفراديت ۽ تشخص کي ڪو هاڃو نه رسندو. ان هوندي به نئين قائم ٿيل ملڪ ۾صرف ”هڪ ٻوليءِ“ کي رياست جي ٻوليءَ طور مڃتا ملي، جيتوڻيڪ اها اوڀر پاڪستان سميت سموري ملڪ جي ڪل آباديءَ جي رڳو 7.75 سيڪڙو آباديءَ جي ٻولي هئي (حوالو، بيورو آف اسٽيٽسٽڪس، حڪومت پاڪستان، ساليانو ڪتاب ص 24) نئين ملڪ جي ”گهڻ-ٻوليائي حيثيت“ کي ان وقت ڪنهن حد تائين قبوليت ملي، جڏهن بنگالين هلچل هلائي ۽ خوني تحريڪ کان پوءِ هنن پنهنجي بنگاليءَ کي اردوءَ سان گڏ پاڪستان جي ٻي رياستي ٻوليءَ طور مڃتا ڏياري. انهيءَ دور ۾ پاڪستان جو مغربي حصو هٿرادو ٺاهيل ”ون يونٽ“ ۾ قابو هو، ان ڪري جيئن ئي ون يونٽ ٽوڙيو ويو ته پنهنجي حيثيت واپس ماڻيندڙ وحدتن يا صوبن جي ٻولين کي ساڳئي فارمولي تحت رياست جون ٻوليون قرار ڏيڻ کپندو هو. باقي بچيل ملڪ جي مختلف وحدتن جي سڃاڻپ جي يڪجهتيءَ لاءِ ”مذهب“ جي جاءِ تي ٻولي کي آڻڻ جو نتيجو تڪرارن کي جنم ڏيندو. جنهن ڪري ملڪ ٽٽڻ جو انديشو ٿي سگهي ٿو. اهڙي خطري بابت اسٽيبلشمينٽ جي حامي عنصرن ڪڏهن به نه سوچيو آهي. ايتري قدر جو هڪ قومي ٻوليءَ جي حمايت ۾ فتوائون جاري ڪيون ويون، (اهڙي هڪ فتويٰ هتي شامل ڪئي وئي آهي). سنڌ ۾ ماڻهو پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت جي باري ۾ ڏاڍا حساس ۽ جذباتي آهن. پاڪستان ۾ ملڪ جي قومي ٻوليءَ جو معاملو ڏاڍو تلخ ۽ تڪراري معاملو رهيو آهي. دراصل اهو تڪرار ايترو ته خطرناڪ هو جو ان سبب اوڀر پاڪستان ۾ ڀيانڪ قتلام ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ آخرڪار اوڀر پاڪستان ڌار ٿي ويو، بنگالين ان وقت سفاڪيءَ سان قتل ٿيلن جي ياد ۾ پلٽڻ ميدان ڍاڪا ۾ هڪ قومي ٻولي جو وڏو يادگار کڙو ڪيو آهي، جيڪو ”شهيد مينار“ سڏيو ويو آهي. پيپلز پارٽيءَ جي پهرين حڪومت دوران ان وقت جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي خلاف هڪ سازش رٿي وئي هئي. انهن ڏينهن ۾ بنگالين جي مثال تي هلندي سنڌين جي هڪ وڏي انگ سنڌي ٻوليءَ کي باقي بچيل پاڪستان جي ”قومي ٻولين“ مان ”هڪ قومي ٻولي“ بڻائڻ لاءِ جدوجهد پئي ڪئي. سازشين ان خلاف هڪ تحريڪ هلائي ۽ وڏي پئماني تي فساد ڪرايا ويا، جن ۾ گهڻائي ماڻهو مارجي ويا. ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ باهين ۽ لٽ مار جي واقعن وڏو نقصان ڪيو. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت حالتن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ 1972ع ۾ مصلحتن صوبائي اسيمبليءَ ۾ ٻوليءَ جو بل آندو. جنهن ۾ بعد ۾ ترميم ڪري، سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به سنڌ صوبي جي سرڪاري ٻوليءَ طور شامل ڪيو ويو. جيئن ته هن بل ۾ ٻنهي ٻولين کي سنڌ لاءِ قومي ٻوليون هئڻ جو ڪو اشارو ڏنل ڪونه هو (ڇو ته اردو اڳئي سڄي پاڪستان جي قومي ٻولي هئي)،ان سبب سنڌ جا ماڻهو خوش ڪونه ٿيا هئا. بهرحال سياسي رهنمائن سنڌي ماڻهن کي اهو چئي پرڀايو ته انهيءَ بل ۾ ترميم ڪري سنڌيءَ (۽ ٻين پاڪستاني ٻولين) کي اردوءَ سان گڏ پاڪستان جون رياستي/قومي ٻوليون بڻايون وينديون. جنهن تي سنڌي ماڻهن کڻي بس ڪئي، جيتوڻيڪ بظاهر حالتون ماٺيون هيون، پر اندر ئي اندر سنڌ جي ماڻهن ۾ سياستدانن کان غير مطمئن هئڻ ۽ دوکو کائڻ وارا جذبا موجود هئا. اهو طوفان آهستي آهستي جهڪو ٿي ويو آهي، پر اندران جذباتي اٿل موجود آهي. نتيجي طور حال ۾ ”سنڌي ٻولي-قومي ٻولي“ تحريڪ سڄي سنڌ ۾ پکڙجي چڪي آهي، جيتوڻيڪ ماڻهو ضابطي ۾ آهن ۽ ڪنهن تشدد جو امڪان ڪونهي، پر سنڌ جو سمورو عوام انهيءَ تحريڪ جي حمايت ڪري ٿو. سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي ڇو قرار ڏنو وڃي؟ سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو مطالبو هيٺ دليلن تي ٻڌل آهي: 1: قومي ٻوليءَ جي وصف: سڀ کان پهرين اچو ته ڏسون ته قومي ٻوليءَ جي وصف ڪهڙي آهي؟ لسانيات جي سائنس جا ماهر ان خيال جا آهن ته ڪنهن ٻوليءَ کي هيٺين اصولن موجب قومي ٻولي قرار ڏئي سگهجي ٿو. (الف) سماج جي هر هڪ ڪارج لاءِ اها ماڻهن جي روز مرهه جي زندگيءَ ۾ استعمال ٿيندي هجي. (ب) جيڪا ڪنهن قوم جون سموريون پيڙهيون هميشه ۽ اڻ ڪٿيل وقت کان ڳالهائينديون آيون هجن. (ٻ) جيڪا سرڪاري، درٻاري ۽ عدالتي ٻوليءَ طور ۽ پرائمريءَ کان اعليٰ تعليم تائين ذريعا تعليم طور استعمال ٿيندي رهي هجي. (ڀ) جيڪا ادبي ۽ ميڊيا جي ذريعي طور استعمال ٿيندي هجي. (پ) جيڪا ڪنهن قوم جي مختلف احساسن جي مظهر هجي. (ت) جيڪا ڪنهن به ترقي يافته ٻوليءَ کان لفظ وٺي استعمال ڪري يا ان کي ڏئي سگهي ۽ اهڙن لفظن کي پنهنجي وياڪرڻي سٽاءَ موجب استعمال ڪرڻ جي صلاحت رکندي هجي. (ٽ) جيڪا ٻولي، قوم جي ڌرتيءَ منجھان ئي ڦٽي نڪتل هجي. (ث)ان ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ ان کي پنهنجي قومي ٻوليءَ طور پيش ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن. 2: پاڪستان هڪ گهڻ- ثقافتي، گهڻ-قومي ۽ گهڻيون ٻوليون رکندڙ ملڪ آهي: اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته پاڪستان هڪ گهڻ- ثقافتي، گهڻ- قومي ۽ گهڻين ٻولين وارو ملڪ آهي. اها به هڪ مڃيل ڳالهه آهي ته پاڪستان هڪ وحدت وارو ملڪ نه آهي، بلڪ مختلف صوبن/ اڪاين جو وفاق آهي. 23 مارچ 1940ع جي لاهور واري ٺهراءَ موجب پاڪستان وڌيڪ صوبن جو وفاق آهي. جنهن ۾ مختلف ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ جتي مختلف ثقافتون رائج آهن. وفاق ۽ مذهب جي قوت به کين پنهنجي پنهنجي منفرد سڃاڻپ کان ڌار ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. 3: سنڌيءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي ڇو قرار ڏنو وڃي؟: 1: پاڪستان ۾ رهندڙ سمورين قومن مطالبو ڪيو آهي ته اهي سموريون ٻوليون، جيڪي صوبن ۾ مادري ٻولين طور ڳالهايون وڃن ٿيون انهن کي پاڪستان جون قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي. خود پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس، 1994ع ۾ پاڪستان جي سمورين ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو هو پاڪستان جي جوڙجڪ اندر سمورن اڪاين/حصن کي ڄاڻ آهي ته اردو پاڪستان جي صرف 7 ڏهائي 75 سيڪڙو آباديءَ جي مادري زبان آهي، ته به اها پاڪستان جي باقي 92 ڏهائي 43 آباديءَ مٿان سندس مرضيءَ خلاف صرف هڪ ”قومي ٻوليءَ“ طور مڙهي وئي آهي. 2: ان مان ثابت ٿئي ٿو ته پاڪستان جي ماڻهن جي مادري ٻولين کي ”قومي ٻولين“ جو درجو نه ڏيڻ سان ساڻن ناانصافي ڪئي وئي آهي. 3: مٿين دليلن جي بنياد تي سنڌيءَ سميت پاڪستان جي سمورين مادري ٻولين کي پاڪستان حڪومت پاران قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي. 4: سنڌي، سنڌو ماٿريءَ جي اصلوڪي ٻولي آهي، جنهن ۾ دنيا جي ترقي يافته ٻولين واريون سموريون خوبيون موجود آهن. 5: سنڌي دنيا جي قديم ٻولين مان هڪ ٻولي آهي، ان جي قدامت ملڪي ۽ غير ملڪي عالمن کي موهي ڇڏيو آهي. 6: سنڌي ٻولي پاڪستان جو قومي سرمايو آهي، اها سنڌو ماٿريءَ جي تمام اهم زبان آهي. 7: سنڌي ٻولي لوڪ، ڪلاسيڪي، جديد، ترقي پسند ۽ سائنسي ادب سان مالامال آهي. 8: سنڌي انگريزن کان اڳ ۽ ان دور ۾ توڙي اڄ سوڌو سرڪاري، تدريسي، درٻاري ۽ عدالتي ٻولي رهندي آئي آهي. 9: موجوده وقت ۾ گهڻن ئي موضوعن ۽ مضمونن جا ڪتاب، نصافي ڪتاب، روزاني اخبارون، هفتيوار ۽ ماهوار اشاعتن سميت، باقاعدگيءَ سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ڇپجي رهيا آهن. 10: سنڌي ٻوليءَ جا اٺ سيٽلائيٽ ٽي وي چئنل ۽ ٻي اليڪٽرانڪ ميڊيا باقاعدگيءَ سان سنڌ ۽ ملڪ کان ٻاهر سرگرم آهن. 4: گذارشون: مٿين حقيقتن ۽ دليلن جي روشنيءَ ۾ گذارش ڪجي ٿي ته: 1: سنڌي هڪ مڃيل، قديم توڙي جديد سڌريل ٻولي آهي، جيڪا مٿي پيرا-01 ۾ قومي ٻوليءَ لاءِ مقرر ڪيل معيارن تي پوري لهي ٿي. 2: سنڌي ٻوليءَ کي اهو درجو ڏيڻ کان انڪار، ماضيءَ ۾ بنگالي ٻوليءَ کي نظرانداز ڪرڻ ۽ اهو صوبو هٿان وڃائڻ واري غلطيءَ جي ورجاءَ برابر ٿيندو. 3: موجوده حالتن جهڙوڪ: سياسي، سماجي، تعليمي ۽ معاشي حالتن جي تقاضا آهي ته سنڌيءَ کي قومي ٻولي قرار ڏنو وڃي. [/JUSTIFY] (مٿيون مضمون سسئي پليجو وزير ثقافت ابراهيم جويو جي اڳواڻيءَ ۾ اديبن جي هڪ گروپ سان گڏ تيار ڪرائي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر فيصل صالح ڪنڊي کي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ ڏنو هو.) روزانه عوامي آواز تان ورتل
جواب: سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جوڙيل ”ٻولي ڪميٽيءَ“ سنڌ جو تيار ڪ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کان سواءِ ڪا به قومي ٻولي طور قبول ناهي ناهي ناهي۔۔۔
جواب: سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جوڙيل ”ٻولي ڪميٽيءَ“ سنڌ جو تيار ڪ يار اسان به اهو ٿا چاهيون پر ڪٿي گم آهين جاني۔ اوهان جي ليپ ٽاپ جو ڪو فائدو ڪونه ٿيو
جواب: سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جوڙيل ”ٻولي ڪميٽيءَ“ سنڌ جو تيار ڪ باقي وارا ڪمينٽس ڪٽجي ويا آهن سڀني موضوعن مان 23 مئي 2011 کان جنهن جو ڏاڍو افسوس ٿيو آهي۔ ادا الحمد لله ليپ ٽاپ ايترو فائدو ڏنو آهي جيترو آءُ سوچي به نه پيو سگهان۔ دوستن جي مهرباني۔