سنڌ سلامت جا دوستو۔۔۔!
مون کي اهو لکندي انتهائي افسوس پيو ٿئي ته سنڌ سلامت فورم تي اڄ ڪجهه نامعلوم عرب هيڪرس طرفان حملو ڪيو ويو ۔۔۔ جئين ته ان وقت آ پنهنجي نوڪري تي فرض نڀائي رهيو هيم ۽ سائيٽ تي موجود نه هئڻ ڪري ان بابت ترت آگاهي نه وٺي سگهيس ۔۔۔ پر سنڌ سلامت جا مهربان محترم سليمان وساڻ، محترم عامر ضياء چارڻ ۽ محترم طاهر سنڌي موبائيل پيغامن کانسواءِ ڪال ڪري آگاهي ڏني ته ڪجهه عرب هيڪرس سنڌ سلامت سائيٽ هيڪ ڪئي آهي۔۔۔ ۽ سندن پيغامن ۾ لکيل آهي ته جيئن ته هن سائيٽ ذريعي هڪ خاص مذهبي فرقي جي نمائندگي ڪئي پئي وڃي۔۔ پيغامن ۾ ان فرقي بابت وضاحت ۽ ڪجهه فتوائن جو وڊيوز لنڪس طور تي پڻ ڏنل آهن۔۔۔
ٽائيم گهٽ هئڻ ڪري محترم عامر ضياء چارڻ کي ڪجهه هدايتون ڏئي ان تي عمل ڪرڻ جي درخواست ڪيم ۔۔ ۽ جڏهن وقت مليو ته ان وقت تائين محترم علي علي فعال ٿي چڪو هو۔۔۔ جنهن هيڪرس طرفان ان ڀرپور حملي جو دفاع ڪندي ريڪوري جي ڪوشش ڪئي۔۔
پر جيئن ته حملو ڊيٽابيس تي ڪيو ويو هو ان ڪري سائيٽ کي ريڪور ڪرڻ ڪافي مشڪل هيو ان باوجود سندس ڪوشش رنگ لاتو ۽ سنڌ سلامت سائيٽ هڪ ڪلاڪ اندر ئي ريڪور ڪئي وئي۔۔۔
جتي ريڪوري سان خوشي ٿي اتي هڪ ڳالهه جو ڏک پڻ رهجي ويو ته سنڌ سلامت فورم تي آيل گذريل 3 ڏينهن جون تحريرون، موضوع، ايندڙ رڪن ۽ ٻيو مواد ضايع ٿي ويو۔۔۔
هتي سڀني دوستن اڳيان وضاحت ڪندي ٻڌائيندو هلجي ته سنڌ سلامت فورم تي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي ته مذهبي ڇڪتاڻ کي روڪيو وڃي ۽ فرقا واريت بجاءِ اسلام جي حقيقي عڪس کي سڀني مسلمان ڀائرن اڳيان آڻجي ته جيئن مسلمانن ۾ محبت ۽ ايڪو پيدا ٿئي۔۔۔
ان کانسواءِ هتي سنڌي ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ڪري هر مسلمان توڙي غير مسلم کي کليل دعوت ڏنل آهي ته جئين هُو پنهنجي ٻولي جي خدمت ڪرڻ ۾ اسان سان ساٿ نڀائي سگهن۔۔۔
جيئن ته سنڌ سلامت ڪنهن خاص فرقي يا گروهه بجاءِ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ ۽ نمائندا آهي۔۔ جنهن کي ڪجهه ماڻهون شايد سمجهي نه سگهيا آهن۔۔۔
خير دوستن کي هن حملي جي آگاهي ڏيڻ کان سواءِ اهو به ٻڌائجي ٿو ته سنڌ سلامت جي سيڪيورٽي کي هڪ نئين ترتيب ڏيندي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي ته جيئن آئنده اهڙن حملن کي بچي سگهجي۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي