نثارابڙو
نائب منتظم
سنڌ جا شهيد ٿيل اڳواڻ؛
ڳالهه شروع ڪجي ٿي انگريزن جي آخري دور حڪومت کان؛
سورهيه بادشاه صبغت علي شاهه معروف پير پاڳاري کي 1943 ۾ شهيد ڪيو ويو ...
سورهيه بادشاهه جڏهن انگريزن جي خلاف جنگ جوٽي وطن يا ڪفن ۽ سنڌ جي آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي ته کيس شهيد ڪيو ويو .... مخالف ايترا خائف رهيا جو سندس جسد خاڪي به وارثن جي حوالي نه ڪيو ويو. سورهيه بادشاه پير سائين پاڳارو حر تحريڪ ذريعي سنڌ جي جنگ وڙهڻ شروع ڪئي هئي ... وطن ۽ ڪفن جو نعرو هڻي انگريزن جي ڪوٽن ۾ ڏار وجهي ڇڏيا ۽ هڪ شينهن جيئان انگريزن جي رات جون ننڊون ۽ ڏينهن جو چين حرام ڪيو هو ...
سنڌ جي سڄڻ وزيراعظم الله بخش سومرو کي پڻ 1943 ۾ شهيد ڪيو ويو
سنڌ جي هن سورهيه سياستدان، سنڌ جي انتهائي ذهين ۽ بهادر سياسي اڳواڻ کي پڻ شهيد ڪيو ويو، جنهن برصغير جي ورهاست جي مخالفت ڪئي، جنهن سنڌي مسلمانن ۽ هندن کي هڪ ئي نسل سمجهندي قومي خودمختياريءَ جي ڳالهه ڪئي ۽ کيس شهيد ڪيو ويو.
1943 اهو سال هو جنهن ۾ سنڌ جي سڀني جوڌن دودن، ڏاهن ۽ ذهين انسانن کي چونڊي چونڊي شهيد ڪيو ويو، انهن ۾ 19 سالن جو شهيد هيمون ڪالاڻي پڻ هو، جنهن سنڌ ۾ پرتشدد ڪاروايون ڪري انگريز سرڪار خلاف سنڌ هند خالي ڪريو واري نعري جو حامي هو ۽ ان ڏوهه ۾ ڦاهي چاڙهيو ويو ... هن سورهيه جو نالو هند جي تاريخ ۾ سونن اکرن سان لکيو وڃي ٿو ...
پاڪستان جو دور
سنڌ جي ڏاهي وڪيل ۽ سياستدان محمد علي جناح جو موت 1948 ۾ ٿيو
سنڌ ڄائي محمد علي جناحَ انگريزن جو ساٿ ڏنو، انگريزن سان دوستيون وڌايون، انگريزن جي شهه تي مسلمان قوم جي فڪر سان ساٿ ڏنو ۽ انگريزن پاران کيس مدد ڪئي وئي، هندستان جي ٽٽڻ کانپوءِ، هن پوڙهي سياسي اڳواڻ جي بيماريءَ ۾ اوچتو شدت آئي ۽ جڏهن کيس اسپتال پهچائڻو هو انوقت ايتري ته ڪوتاهي ڪئي وئي جو هو تڙپي تڙپي مري ويو ... جيتوڻيڪ بظاهر فطري موت مئو پر پوءِ به شڪ آهي ته کيس سازش ڪري مارايو ويو ... جڏهن انگريزن جو ڪم لٿو ۽ هاڻ قائداعظم عوامي ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ته کيس مارايو ويو.
نواب لياقت علي خان کي 1951 ۾ مارايو ويو ...
جيتوڻيڪ هي صاحب سنڌ جو نه هو پر پوءِ به هجرت ڪرڻ کانپوءِ هو سنڌ ۾ ئي رهڻ وارو هو انڪري انجو نالو هن فهرست ۾ آڻجي ٿو ... هي نواب امير ۽ سياستدان انگريزن جو ساٿي هو، جنهن انگريزن جو ساٿ ڏيندي مسلم قوم جي فڪر کي هٿي وٺرائي ۽ هندستان کي ٽوڙائڻ ۾ ساٿ ڏنو ... جڏهن پاڪستان ٺهي راس ٿيو ۽ هن کي وزارت ملي ته جيئن ته هي اقتصادي ماهر هو ۽ عوامي ماڻهون هو انڪري هن پاڪستان کي عوامي طاقت جي اثر هيٺ هلائڻ جي وڪالت ٿي ڪئي ته کيس مارايو ويو ۽ شهيدن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو ...
پاڪستان جو گاڏو گڙندو رهيو، هلڪا ڦلڪا اڳواڻ، جن جو تعلق يا ته فيوڊل طبقي سان هو يا وري فوجي شاهي سان هو يا وري هو بي زرر هئا کي پاڪستان جي حڪمرانيءَ جو موقعا ملندا رهيا، جڏهن آمريڪا جو ۽ انگريزن جو يار ايوب خان مارشلا هڻي آيو ته پاڪستان جو هڪ اهڙو اونداهو دور شروع ٿيو جنهن ۾ انگريزن هن خطي کي پنهنجو ٻانهو ڪرڻ جون ڀرپور ڪوششون ورتيون ... پاڪستان ۾ ون يونٽ جو لڳڻ، اردو ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ۽ پاڪستان ۾ شامل سڀني قومن جي وجود جو انڪار ڪيو ويو ... هاڻ پاڪستان کي هڪ اهڙي ملڪ جي طور تي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪو انگريزن جو هڪ ٻڌو ٻانهو هجي ... بنگال جي قومپرست اڳواڻن، سنڌ جي سڄڻن جيڪي پاڪستان مان تنگ اچي ويا هيا، پختونن جي ڪجه اڳواڻن ، بلوچن جي حق پرست اڳواڻن ايوب جي مخالفت ڪيئ ۽ قومي ٻولين ۽ قومي خودمختياريءَ جون تحريڪون شروع ٿي ويون.
سنڌ ۾ حيدربخش جتوئي بابائي قوم جي لقب سان سرفهرست هو جنهن پنهنجي عهدي جي قرباني ڏئي قومي ڳالهه ڪئي ۽ سنڌ جي فيوڊل طبقي سان جنگ شروع ڪئي ... جنهن سبب کيس ڪيترائي ڏک رسايا ويا کيس حڪمرانن کان علاوه حڪمرانن جي دوست وڏيرن پڻ کيس مارون ڏنيون ... اهڙي نموني حيدربخش جتوئيءَ پنهنجي ڏاهپ سان سنڌ جي سياست ۾ قومي سياست جو نئون روح ڦوڪيو ۽ سنڌ ۾ مذاحمتي سياست جي شروعات ٿي وئي ...
بنگالين جي سورهيائي ۽ قومي جذبي، سنڌين جي مذاحمت ۽ قومن جي ڪاوڙ جو تاب نه سهندي ايوب خان هليو ويو ۽ انجي جاءِ تي يحيا خان حڪومت سنڀاليندي آمريڪا جون مٽيون ڀريندي، بنگالين کي سبق سيکارڻ جو عمل شروع ڪيو ۽ بنگالين جو ايترو قتلام ڪيو جيترو تاريخ ۾ شايد ڪنهن به هڪ قوم ٻي قوم جو نه ڪيو آهي ... ان عرصي ۾ سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ڏاهو ذهن پنهنجي پوري آب و تاب سان سياست جي آسمان تي چمڪڻ لڳو ... بنگالين پنهنجي قتلام جو بدلو وٺندي هندستان جي مدد سان علحدگي حاصل ڪري ورتي ... انگريزن پوءِ به سازشن جو ڄار وڇائي، بنگال ۾ مجيب الرحمان کي قتل ڪرائي ڇڏيو ۽
پاڪستان ۾ سنڌ ڄائي ذوالفقار علي ڀٽي کي مارشلائي حڪمراني ڏياري وئي ....
هي اهو ئي دور هو جنهن ۾ سنڌ جو سڄڻ سياستدان غلام مرتضا سيد ( جي ايم سيد) جنهن ماضيءَ جي غلطين جو ازالو ڪندي سنڌ ۽ سنڌيت کي ايمان جو درجو ڏئي سنڌ جي سياست تي هڪ چنڊ جيئان چمڪڻ شروع ڪيو هو، جنهن پاڪستان جي سياست مان مايوس ٿي، پاڪستان جي غلط ڪارين سبب سنڌو دويش جو نعرو ڏنو ۽ سنڌين کي پاڪستان کان آزاديءَ جا سبق پڙهائڻ شروع ڪيا ۽ ڀرپور ڪتاب لکي اهو ثابت ڪيو ته سنڌ هاڻ وڌيڪ دير پاڪستان جي ڪوڙڪيءَ ۾ ڦاٿي رهي ته اڻ ڳڻيو نقصان ٿيندو ... سنڌ جي ڏاهي، پاڪستان جي خلاف جدوجهد شروع ڪئي ته کيس اڻ ڳڻيون تڪليفون ڏئي کيس عمر ڀر لاءِ قيد ڪيو ويو ... حڪمران مٿس ظلم ڪندا رهيا ۽ سندس پارٽيءَ کي سازشن جي حوالي ڪندا رهيا پر هي محترم هاڻ سنڌ جي عشق ۾ تمام اڳتي نڪري آيو هو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين سنڌ ۽ صرف سنڌ جو پيغام ڏيندو رهيو ... سندس پر اثر شخصيت هجڻ سبب شهيد نه ڪيو ويو پر ضمير جي قيديءَ جو لقب حاصل ڪري امر ٿي ويو ...
سنڌ جي ڏاهي ۽ عوامي سربراه محترم ذوالفقار علي ڀٽو کي 1979 ۾ ڦاهي ڏئي شهيد ڪيو ويو ....
پهريان ته ڀٽو صاحب پاڪستان جي فوج ۽ آمريڪا جو ساٿياري ٿي حڪومت حاصل ڪئي پر آهستي آهستي عوامي اڳواڻ جي حيثيت اختيار ڪرڻ شروع ڪئي، جڏهن کيس آمريڪا جي اثر رسوخ ۽ پاڪستان کي آمريڪا جي مخصوص مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ٻاڦ پئي ته هن ڏاهي اسلامي ملڪن جو هڪ گروهه گڏ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ آمريڪا جي بجاءِ روس جي طرف جهڪاءُ شروع ڪيو، مسلمانن جي ڳالهه ڪرڻ، روس طرف جهڪاءُ ۽ عوامي مقبوليت سندس لاءِ شهادت جو ڪارڻ بڻي ۽ هن سنڌ جي ڏاهي کي عدالت ۽ فوج ذريعي ڦاهي ڏياري سنڌ جي قبرستانن ۾ قلندر جو اضافو ڪري ڇڏيو ....