ڏاڏل ڏوهي ڪير [JUSTIFY]تو کي چيو هيم ته هي ڪم غلت آهي پر تو منهنجي هڪ نه ٻڌي ۽ لاٿئي مونکي به آڙاه ۾. ش- اهي جملا پنهنجي ڀاءُ س- کي ٿي چيا. س - ان ۾ آڙاه جي ڪهڙي ڳالھ آهي ادا جي اسان چپ ٿي وڃون ها ته زمانو اسان کي بيغيرت سڏي ها.، اسان کي ماڻهون چون ها هنن سڀ ڪجھ ڏٺو تڏهن به مک کائي ويا . ش- گهري سوچ مان وراڻيو نه س ائين ناهي ان سڄي ڏوھ جا ڏوهي اسان آهيون . س- ڪيئن ادا؟ ش- ميان تون ٻڌاءِ ڪڏهن اسان پاڻ ۾ ويهي اهو سوچيو ته اسان جي ڀيڻ جا عمر ۾ اسان کان به وڏي هئي ان جي شادي نه ڪرائڻ اسان جو ڪثور هيو يا نه . س - ادا ڇا ڪريون اسان جي فرسوده نظام اسان کي تباه ڪري ڇڏيو آهي جي ان کي ڇڏيون ٿا تڏهن به لعن طعن اسان جو مقدر، جي ان کي وٺون ٿا تڏهن به نتيجو اهو ئي آهي ته ڀيڻ ماري ويهي رهيا سون. آخر وڃون ته وڃون ڪيڏانهن ادا. ش- ادا اسان جي معاشري جو حال هي آهي جيڪو هيڻو آهي سو ئي غلط آهي . جڏهن طاقتور ڪنهن هيڻي سان ائين ڪندو آهي ته اسان ان کي ڏاڍ، ظلم ، سان تشبيھ ڏيندا آهيون ، تون ئي ٻڌاءِ ته برادري توڙي علاقائي رسمن جي زريعي اسان پنهنجي نياڻين کي جنهن ازيت مان گذاريون ٿا پيا ڇا اهو ڏاڍ ناهي. اڳي دورِ جاهليت ۾ چوندا ها ته عرب ڌيئرن کي زنده دفن ڪندا ها ڇو جو سندن عزت جو مسئلو هوندو هو ۽ اڄ اسان نياڻين کي گهر ۾ فقط انلاءِ ويهاريون ويٺا آهيون ته اسان جي برادري ۾ انهن لاءِ رشتا ناهن جي آهن ته انهن جو دنياوي معيار اسان جي برابر ناهي.ادا مون امام غزالي جي ڪتاب ڪيميائي سعادت ۾ پڙهيو هو ته انساني کي جسماني بک جيان نفساني بک به هوندي آهي. جنهن ۾ سيڪس به هڪ بک آهي . جڏهن ڪو بکيو هوندو آهي ته اهو پنهنجي بک مٽائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪندو آهي. جڏهن بک هوندي آهي ته طعام پنهنجي مطلب جو ناهي طلبيو ويندو بلڪه بک مٽائڻ لاءِ ڪجھ به هجي ته هلي ويندو آهي . گناه جي وجھ گناه جي سزا تي اثر انداز هوندي آهي جي اسان پنهنجي انا پرستي جي نظام تي نگاه وجهنداسين ته هي معاشرتي جيڪي حد بنديون آهن انهن جا موجد اسان پاڻ آهيون . جي اسان پنهنجي نياڻي کي چاليھ سالن جي عمر ۾ گهر ويهارينداسين ته انجو نتيجو اهو ئي نڪرندو جيئن اسان پنهنجي ڀيڻ کي قتل ڪيون ويٺا آهيون ته هو ڪاري هئي . نه هو ڪاري نه هئي پر اسان جي معاشرتي جوڙجڪ اسان جي منهن تي ڪاراڻ ملي آهي.تو کي سائين پير بخش وارو واقعو يادآهي جڏهن سندس ڀائيٽيي ڪنهن جانور سان زنا ڪيو هو ۽ ان جو فيصلو ٿيو ته ان وقت سائين شهر کان ٻاهر هو جڏهن وڏيري فيصلو ڏنو ته هن جو منهن ڪارو ڪري جوتن جا هار پارائي گڏھ تي چاڙهي تازير ڏني وڃي ، جڏهن ڳوٺ وارا طئو کڻڻ ويا ته سائين پيربخش اچي ويو. سائين کي ماجرا جي خبر پئي، ته سائين پنهنجي ڀائيٽيي کي شاباس ڏني ۽ ان وڏيري کي چيو ته وڏيرا هن ڇوڪري جو منهن ڪارو نه ڪيو پر هن جي پي جو منهن ڪارو ڪري گڏھ تي چاڙهي جوتا هڻون . وڏيري پڇيو سائين ڇو؟ ته سائين وڏيري کي چيو سائين دراصل ڳالھ اها آهي آءُ گواه آهيان، هن ڇوڪري پنهنجي پي کي ڪئي ڀيرا چيو آهي ته هن جي شادي ڪرائي پر هن جي پي هن جي ڳالھ ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏي جڏهن ته هن جي عمر پنجويھ سال آهي ۽ هن ڇوڪري جي مڱيندي جي عمر ٻاويھ سال آهي نياڻي جا والدين به هن جي پي کي ڪئي ڀيرا چئي چُڪا آهن ته بابا اسان کان نياڻي وٺ پر هي ته دولت ميڙڻ جي چڪر ۾ لڳو پيو آهي . سو وڏيرا جي هي ڪنهن جي مائي سان ڪجھ ڪري ها ته ڪارو ڪري مارينس ها. هن ته خوف مان ڪنهنجو گهر ناهي ٽپيو ۽ جانور سان زنا ڪيو آهي هن ته ڏاهپ ڪئي آهي. جو ڪنهن جي گهر ناهي ٽپيو سو هن جو اصل ڏوهي هن جو پي آهي. هي هن جي شادي ڪرائي ها ته هي ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪري ها. هاڻي تون ٻڌاء ته ڪارو منهن اسان جو آهي ڪارا اسن آهيون يا اسان جي ڀيڻ هئي . تون ٻڌا ءِ تنهنجي عمر هن وقت چوويھ سال آهي منهنجي عمر اٺاويھ سال آهي اسان ٻئي ڀائر چئن پنجن ٻارن جا پي آهيون اسان جي ڀيڻ جنهن پنهنجي جوانياسان جي معاشرتي انا جي ڀيٽ گذاري. اسان پنهنجيون زالون پنهنجي بغل ۾ سمهاري پيا هيا سين اسان جو بابو جنهن جي عمر پڻ تقريبن سٺ سال آهي اهو به امان سان گڏ ستل هوندو آهي انهن کي به جدا ڪمري جي ضرورت آهي، ته پوءِ ادي جنهن جي عمر چاليھ سال هئي اسان ڪڏهن ان جي مطلق ايترو پريشان ٿيا سون . هي اسان جي غلطي هئي اسان کي ان وقت پاڻ کي بندوق هڻڻ گهرجي ها نه ڪي اسان کي ادي کي بندوق هڻڻ گهرجي ها . منهنجي حساب ۾ اڄ جنهن برادري توڙي علاقائي رسمن مان اسان جي نياڻي مري مري جيئي ٿي اهو ان ڄمندي دفنائڻ واري عزيت کان وڌيڪ عزيت ناڪ آهي. عورت معاشري ۾ ڪمزور جسامت جي مالڪ واقعي آهي ۽ انجو اهو ناجائز فائدو اسان جي معاشري جو هر طبقو وٺي ٿو. يورپ ۾ عورت کي بس سيڪس ٽول جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي ته اسان وٽ وري ڇا آهي . بس جي اسان ان جي حقيقت تي نگاه وجهنداسين ته اسان جو به عورت سان رويو قريب قريب ساڳيو آهي. عورت جنهن جي عظمت سندس نالي سان منسوب آهي مستور يعني لڪل ، پردي ۾ لڪل . هاڻي تون ئي خيال ڪر دنيا ۾ سڀ کان عظيم عمارت ڪعبته الله ئي آهي سا به پردي ن آهي، دنيا جي عظيم ڪتاب قرآن آهي سا به پردي ۾ آهي ۽ عورت جي معنيٰ به پردي ۾ ڪلڪل آهي ته هي دنيا جي ڪيڏي نه عظيم هستي آهي . اسان آهيون ته مسلمان پر اسان اسلام جي حڪمن کي ڪڏهن به دل سان تسليم ناهي ڪيو منهجا ڀاءُ ممتاز اهي جملا چوندي اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو. بس ادا ش اها اسن جي قسمت اهڙي لکيل هئي ، الله جي حڪم کان .سواء ڪو پن به ناهي چُرندو نه ادا س ائين ناهي هر برائي اسان جي پنهنجي طرفان هوندي آهي تون غور ڪري ڏس ته الله جي صفتن ۾ ڪا نقصانڪار صفت ناهي اسان نقصان ڪري الله ڏي مڙهي ڇڏيندا آهيون پر ضمير جي صدا هميشه صحيح هوندي آهي غلط ڳالھ تي ڪڏهن به ضمير مطمعن ناهي ٿيندو.ٻڌاءِ ڏوهي ڪير آهي اسن يا اها نياڻي جنهن کي اسن پنهجي انا جي ڀيٽ چاڙهيو جي رشتا آيا به ته اسن انهن کي اهو چئي واپس ڪيو ته هي اسان جي قابل ناهي هي ڊرائور آهي هي ننڍي نوڪري وارو آهي ، هي ٻي برادري جو آهي ، جڏهن ته اسان جي نبي جي سنت ۾ شادي جو معيار تقويٰ آهي اسان ڪڏهن اهو سوچيو ته هي غريب آهي پر شريف آهي نه اسان ڪنهن غريب کي ته پنهنجي رشتي جي قابل ئي نه سمجهيو هو اسن ڏوهي آهيون اسان نه فقط ڀيڻ جا قاتل آهيون پر اسان انسانيت جا قاتل پڻ آهيون ادا اسان قاتل آهيون. اهي ڳاليهون ٻن ڀائرن جيل ۾ ٿي ڪيون جي ڀيڻ کي ڪارو ڪري ماري چڪا هيا.[/JUSTIFY]
جواب: ڏاڏل ڏوهي ڪي ڏاڏل جي ڏ ء ش جي هڪ دلچسپ تحرير آهي۔۔۔۔ دعا ڪيو ته اسان هن ڪارو ڪاري ء ظلم جي نظام مان آزاد ٿيون
جواب: ڏاڏل ڏوهي ڪي سائين هي اسان جي معاشري جون حقيقتون آهن ، جن کان اسان گذرون پيا هي لعنت نه چاهيندي به اسان جي ڳيچي ۾ آهي ۔