شيخ عبدالمجيد سنڌي: عظيم اڳواڻ ۽ منفرد مفڪر (ورسيء جي مناسبت سان کيس ڀيٽا) [JUSTIFY]اڄوڪي ڏينهن (24 مئي) تي 1978ع ۾ سنڌ جي سپوت شيخ عبدالمجيد سنڌي هيءُ جهان ڇڏيو. سنڌ کان سواءِ جيڪڏهن ننڍي کنڊ جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ هو پيدا ٿئي ها ته پنهنجي خدا داد صلاحيتن، بي لوث، اڻٿڪ ۽ اصولي سياسي خدمتن، ايثار ۽ جذبي سان ڪيل مثالي جاکوڙ جي حوالي سان هو پڪ سان هڪ عظيم قائد تسليم ڪيو وڃي ها، پر بدقسمتيءَ سان سنڌ جهڙي بي قدر معاشري ۾ هڪ مخصوص معيار جي حوالي سان هُو جوڳي مڃتا کان محروم رهجي ويو. سنڌ جو هيءُ عظيم سياستدان، مخلص قومي ڪارڪن، مثالي مدبر ۽ منفرد مفڪر پنهنجي قلمي ۽ سياسي جدوجهد سان ننڍي کنڊ ۾ نه صرف دور رس سياسي فيصلن تي اثر انداز ٿيو، پر ان سان گڏ تحريڪ آزادي ۽ قيام پاڪستان جي جدوجهد لاءِ ڪيئي تاريخي مثال قائم ڪيائين. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ جي ملڪي حيثيت ختم ڪري بمبئي پريزيڊنسيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو، جنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجن مسئلن حل ڪرڻ لاءِ گهڻي ڏکيائي پيش اچڻ لڳي. سنڌ جي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقي کي فقط سَر، خانبهادر، راءِ صاحب، خان صاحب جي سرڪاري لقبن جي حاصلات ۽ ڪمشنر يا ڪليڪٽر جي درٻار ۾ ڪرسي نشينيءَ جي پرواني سان دلچسپي هئي. اهڙي تاريڪيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ جي ڏکن سورن کي اڳيان رکي، پرخلوص سياست جي ڪنڊن واري واديءَ ۾ ڪُڏي پيو ۽ پنهنجي پيشرو مخلص قومي ڪارڪن بئريسٽر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺو ۽ سندس اخبار ”الامين“ ۾ ايڊيٽر مقرر ٿي سنڌ جي خدمت ۾ جنبي پيو. قومي خدمت دوران شيخ صاحب کي 1916ع ۾ ٽن سالن جي سزا جو ”انعام“ مليو، جا هُن رتنا گري جيل ۾ ڪاٽي. 1919ع ۾ جيل مان آزاديءَ کان پوءِ وري کيس ”سيتا گرهه“ هلچل دوران قيد خاني جو منهن ڏسڻو پيو. 1921ع ۾ هڪ ڀيرو وري بغاوت جي الزام ۾ جيل ياترا ڪرڻي پيئي. اهڙي طرح شيخ صاحب جي بي لوث قومي ڪارڪن جو تعارف آل انڊيا سطح تي خوب معروف ٿيو. ”الامين“ کانپوءِ ”الوحيد“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ شيخ صاحب انگريزن جا خوب ڇوڏا لاٿا ۽ سنڌ جي سُورن جي داستانن کي نمايان ڪيو. شيخ صاحب جا ”الوحيد“ ۾ لکيل ايڊيٽوريل نوٽ، انگريز سرڪار جي برداشت کان ٻاهرهئا، تنهن ڪري شيخ صاحب کي وري به جيل حوالي ڪيو ويو. 1923ع ۾ انگريزن شيخ صاحب کان لکڻ جي ضمانت گهري، جنهن کان صاف انڪار ڪيائين. شيخ صاحب 1924ع ۾ الوحيد ۾ سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جو هڪ چٽو تصور هڪ طويل سلسليوار مضمون ۾ ڏنو، جنهن تحريڪ کي تيز ڪيو. ان طرح پاڻ پوري هندستان جا سفر ڪري بمبئيءَ کان عليحدگيءَ جي مطالبي ۾ راءِ عامه جوڙي وڏي ڪاميابي حاصل ڪيائين. مهاتما گانڌي ۽ ٻين برک ڪانگريسي اڳواڻن کان ”نهرو رپورٽ“ جوڙايائين ۽ ان طرح عليحدگيءَ جو واضح مطالبو انگريزن آڏو رکرايائين. ان تحريڪ ۾ سنڌ مان حاجي عبدالله هارون، سائين جي ايم سيد ۽ پير علي محمد شاهه راشدي خاص طرح سندس سرگرم ساٿي رهيا. سندس اڻٿڪ ڪوششن سان اپريل 1936ع ۾ سنڌ هڪ صوبي طور بحال ٿي ۽ بمبئيءَ جا بَند خلاص ٿيا. ان کان اڳ بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ تان 1933ع ۾ سنڌ سان ناروا پاليسين جي ڪري رڪنيت تان استعيفيٰ ڏنائين، پر وري به بنا مقابلي کيس چونڊي موڪليو ويو. پاڪستان ٺهڻ جي جاکوڙ ۾ شيخ صاحب جي خدمتن کي وڏو دخل حاصل آهي. لاهور ٺهراءُ (قرار داد پاڪستان) کان به ٻه سال اڳ 1938ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ڪراچي اجلاس ۾ شيخ صاحب ئي ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو 1940ع واري لاهور واري ٺهراءَ جو بنياد بڻيو. 1940ع ۾ شيخ صاحب سنڌ جي وزارت خزانه جو قلمدان سنڀاليو، پر سُتت ئي اصولن تان اختلاف ڪندي سائين جي ايم سيد سان گڏ استعيفيٰ ڏئي، آدرشن کي قائم رکيائين. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ واعدي خلافين جي دور منهن ڪڍيو ۽ سنڌ سان سُورن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيو. وطن دوست شيخ عبدالمجيد سنڌي وري به پوري چاهه ۽ اُتساهه سان سنڌ دوست سرگرمين ۾ پيش پيش رهيو ۽ کاٻي ڌر جي سياست سان واڳيل رهيو. ون يونٽ جي خاتمي واري تحريڪ ۾ شيخ صاحب، نوجوانن ۽ شاگردن، اديبن ۽ شاعرن سان هميشه گڏ گڏ رهيو ۽ سندن حوصلا افزائي ڪندو رهيو. اسان جي قومي المين مان هڪ وڏو الميو اهو به آهي ته شيخ صاحب جي غير معمولي ۽ مثالي خدمتن جي باوجود ان کي اهو مقام ملي ڪو نه سگهيو، جيڪو سندس حق هو. هڪ مثال اهو به آهي ته پاڪستان پوسٽ آفيس، تحريڪ آزادي ۽ پاڪستان جي جدوجهد جي حوالي سان عام ڪارڪنن سان گڏ سندن منشين جي تصويرن سان به ٽڪليون جاري پئي ڪيون آهن، پر شيخ صاحب جهڙي نمايان ۽ برک، ممتاز ۽ مشهور ليڊر جون خدمتون ڪڏهن کين نظر ڪو نه آيون. اهو نقطو ثابت ٿو ڪري ته مخصوص ذهن اسٽيبلشمينٽ وٽ ”سنڌي“ هجڻ ڪري مستقل عيب آهي، ان ڪري ان کي نظر انداز ڪرڻ عين فرضن ۾ شامل آهي. [/JUSTIFY] خان محمد جروار /حيدرآباد روزانه ڪاوش تان ورتل