
تاج بلوچ - هڪ شاعر، اديب، تجزيه نگار ۽ نقاد (سالگرهه تي کيس ڀيٽا)
سليمان وساڻ
سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ، اديب، تجزيه نگار ۽ نقاد محترم تاج بلوچ کي سندس جنم ڏڻ تي سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران جنم ڏينهن جون واڌايون ۽ کوڙ ساريون دعائون. محترم تاج بلوچ جو نالو ياد ايندي ئي مونکي سندس غزل جو هيٺيون شعر ياد ايندو آهي جيڪو مون شايد اسي جي ڏهاڪي ۾ پي ٽي وي جي مشاعري ۾ ٻڌو هو.
بند کڙڪيون مينهن کان ۽ شام تنهنجي شهر ۾
پوء ڀي سو سو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾
سال ٿيا ڪو ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو
گُم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾
پوء ڀي سو سو لڳا الزام تنهنجي شهر ۾
سال ٿيا ڪو ڳوٺ مان نڪتو هو ڳڀرو ڇوڪرو
گُم اهو آهي ڪٿي گمنام تنهنجي شهر ۾
تاج بلوچ جو پورو نالو تاج محمد بُلو (جتوئي) آهي، جڏهن ته ادبي دنيا ۾ تاج بلوچ جي نالي سان مشهور آهي. هن ضلعي سکر جي تعلقي پني عاقل جي ڳوٺ سردار محمد مراد خان بُلي ۾ 25 مئي 1940ع تي جنم ورتو. اڄ اهو تاج بلوچ سنڌي ادب جو هڪ وڏو نالو آهي جنهن سوجهري جهڙي رسالي ذريعي ڪيترن ئي نون شاعرن ۽ اديبن کي روشناس ڪرايو آهي. تاج بلوچ حسناڪين ۽ جماليات جو شاعر آهي. هو بيباڪ ليکڪ ۽ تنقيد نگار آهي. ڪيترائي سال پاڪستان تيليوزن جي خبرن واري شعبي سان سلهاڙيل رهيو. ريڊيو پاڪستان تي شروعاتي دور ۾ آر جي طور خدمتون ڏيندو رهيو. ڪراچي ۾ ئي جڏهن سندس ملاقات اياز قادري سان ٿي ته هو کيس ادبي سنگت ۾ وٺي آيو، جتي هن سکيو ۽ سيکاريو. سندس شاعريء ۽ تخليق جا 6 مجموعا ڇپجي چڪا آهن :
درد جو صحرا (4 ڇاپا 1970، 1987،1984 ۽ 2011ع)
خوشبو جو زهر(4 ڇاپا 1979، 1987، 1997 ۽ 2011ع)
لفظن جو ماتم (3 ڇاپا 1994، 1997ع ۽ 2011ع)
دل جزيرو اداس سپنن جو (2 ڇاپا 2002ع ۽ 2011ع)
چچريون چچريون خواب (2011ع)
جديد ادب جو تجزيو (2014ع)
تاج بلوچ سنڌي ادبي سنگت جو متحرڪ ڪردار رهيو آهي ۽ سندس رهنمائي ۾ ڪيترائي نوجوان ادبي ميدان ۾ سکيا وٺي ۽ پچي راس ٿي نروار ٿي نڪتا آهن. پاڻ سوجهرو رسالي جا ايڊيٽر آهن جنهن جو سنڌي ادب ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. ڪراچيء جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ رهن ٿا. دعا آهي ته پاڻ خوش هجن ۽ زندگيء جون اڻ کُٽ بهارون ماڻن ۽ سنڌي ادب ۾ سونهري بابن جو اضافو ڪندا رهن.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: