ڪير ٿو چوي ته عورت چالاڪ ناهي ؟؟؟

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [JUSTIFY]هڪ پوڙهي عورت جيڪا تمام گهڻي بدصورت به هئي اها پنهنجي رستي سان وڃي رهي هئي ته رستي تي هڪ ڏيڏر نظر آيس جيڪو ڄار ۾ ڦاٿل هو ۽ ڪوششن جي باوجود ڄار مان نه نڪري سگهيو هو۔ عورت کي رحم اچي ويو ۽ هن ڏيڏر کي ڄار مان ڪڍي ٻاهر آزاد ڪيو۔ ڏيڏر عورت کي چيو ته تون منهنجي مدد ڪئي آهي ان خوشيء ۾ مان اوهان جون ٽي خواهشون پوريون ڪندس اوهان حڪم ڪيو۔

    عورت کي پهريان ته يقين ڪونه پي آيو ۽ حيرت ۽ خوشيء مان چيائينس ته ڇا هي سچ آهي ؟؟

    ڏيڏر کيس يقين ڏياريو ۽ اهو به چيائينس ته هڪ ڳالهه جو ڌيان رک ته جيڪا خواهش اوهان جي پوري ٿيندي ته اوهان جي مڙس کي ساڳي شيء ڏهوڻ تي ملندي۔

    پوڙهيء چيس ته مونکي ان جو ڪوبه فڪر ناهي۔

    ڏيڏر کيس پهرين خواهش جو پڇيو۔

    پوڙهيء چيس ته مان دنيا جي خوبصورت ترين عورت بڻجي وڃان جيئن منهنجي اڳيان، پويان مردن جون قطارون لڳي وڃن۔

    ڏيڏر تنبيهه ڪندي چيس ته ڏس تنهنجو مڙس توکان ڏهوڻ تي خوبصورت ۽ جوان ٿي ويندو ۽ ان جي پويان به حسين عورتن جون لائينون لڳي وينديون۔

    پوڙهيء چيس مونکي ان ڳالهه جو به فڪر ناهي۔

    ڏيڏر جي چپٽي وڄائيندي ئي پوڙهي دنيا جي نوجوان ترين،حسين ترين ۽ دلڪش ترين عورت بڻجي وئي۔

    ٻي خواهش جو اظهار ڪندي عورت چيس ته مان دنيا جي مالدار ترين عورت بڻجي وڃان۔

    ڏيڏر ٻيهر تنبيهه ڪندي چيس ته ڏس تنهنجو مڙس توکان ڏهوڻ تي مالدار ٿي ويندو پر عورت چيس ته مونکي ان جو به فڪر ناهي۔

    چپٽي وڄائيندي ئي عورت دنيا جي مالدار ترين عورت بڻجي وئي۔

    ٽين خواهش جو اظهار ڪرڻ لاء عورت گهڻو سوچيندي رهي ۽ چيس ته هاڻي مونکي دل جو ننڍڙو دورو پوي ۔۔۔۔۔
    [/JUSTIFY]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪير ٿو چوي ته عورت چالاڪ ناهي ؟؟؟

    ادا انهن جي هاڻ جان به ڇڏيو۔
    ضرور ڪنهن عورت ڦيڻو هنيو هوندو جو هن موضوع سان گڏ 23 مئي کان سڀ موضوع هليا ويا۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪير ٿو چوي ته عورت چالاڪ ناهي ؟؟؟

    لڳي ٿو علي علي يا سائين نثار ابڙي ڪنهن عرب عورت کي اها ڳالهه ٻڌائي آهي جنهن ڦيڻو هڻي اسان جا ڪم لاهي ڇڏيا آهن ۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو