ڪراچي واري سانحي تي حڪومت جي اٺ پکي واري چال.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    ڪراچي واري سانحي تي حڪومت جي اٺ پکي واري چال.

    اڳوڻي آمريڪي صدر بش جي اڳوڻي پاڪستاني هم منصب پرويز مشرف کي اڌ رات جي اونداهيءَ ۾ ايندڙ فون ڪال کان وٺي اڄ تائين ۽ خبر ناهي ڪيتري تائين پاڪستان انهيءَ عذاب ۾ رهندو. ان فون ڪال کان پهريان به هڪ آمر پاڪستان ۾ روس خلاف ويڙهاڪ تيار ڪيا هئا، جن خدا نالي آمريڪا لاءِ بي گناهه جانيون کسيون، اگر اهي مجاهد حقيقي اسلام لاءِ وڙهن ها ته ڪڏهن به ائين نه ٿئي ها! پر ڇو ته ان ۾ آمريڪي خوشي هئي ان لاءِ آمريڪا هڪ تير سان ٻه شڪار ڪيا، هڪ ته هنن کي روس خلاف استعمال ڪيو ، ٻيو انهن کي مسلمانن بالخصوص پاڪستاني مسلمانن خلاف پڻ استعمال ڪيو . انهيءَ ڪري ماضي جي ضياء واري دور ۾ ۽ ان کان پوءِ پورو ملڪ فرقه واريت واري ويڙهه جي سر چڙهي ويو، اهي مجاهد آمريڪا طرف ڏنل لسٽ مطابق شيعا مسلمانن کي چونڊي چونڊي بي گناهه قتل ڪندا رهيا. دهشتگردي جو اهو سلسلو ائين ئي جاري رهيو ۽ شيعا مسلمانن کان پوءِ قومي ۽ دفاعي ادارا انهن مجاهدن جي هٽ لسٽ تي رهيا. ساڳيا مجاهد هاڻوڪي زماني ۾ آمريڪا لاءِ عزيز نه رهي ڪري به انهن جي ئي ڏنل ايجنڊي تي عمل ڪري رهيا آهن. آمريڪا ۽ ٻين ملڪن جي نظر هن ٽائيم پاڪستان جي ايٽمي اثاثن تي فوڪس بڻيل آهي،

    سي آئي اي چاهي ٿي ته انهن تي مڪمل ڪنٽرول ڪري. انهيءَ ڪري اسانجي سيڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻائي ايٽمي وار هيڊز تائين پهچ حاصل ڪرڻ جو رستو صاف پيو ڪيو وڃي. پاڪ بحريا جي پي اين ايس مهران ۾ ٿيندڙ ڀوائتي حملي کان پوءِ نه صرف پاڪستاني قوم حيران ۽ پريشان آهي، پر ملڪ جي دفاعي نظام تي مختلف سوالن اڀرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. گذريل هڪ مهيني کان پاڪ بحريا کي چار دفعا نشانو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ٽن سالن ۾ پنج دفعا ملڪي سامونڊي حدن، سامونڊي ۽ سامونڊي ڪناري واري مفاد جي محافظ فوج کي نشانو بڻايو ويو. 4 مارچ 2008 ع ۾ پاڪستان نيوي جنگي ڪالج ۾ ٻه آپگھاتي حملا ٿيا، جنهن ۾ 6 ماڻهن پنهنجو دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ 23 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. 26 اپريل 2011ع ۾ ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۽ بلديه ٽاؤن ۾ پاڪ بحريا جي بسن جي ويجهو ٿيندڙ ٻن ڌماڪن ۾ 6 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته زخمين جو تعداد 37 هو. صرف ٻن ڏينهن جي وقفي کان پوءِ 28 اپريل واري ڏينهن ڪراچي جي ڪارساز علائقي ۾ پي اين ايس مهراڻ جي بس ويجهو هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، ان ڌماڪي ۾ پاڪ بحريا جا 4 اهلڪار شهيد ٿيا جڏهن ته هڪ واٽهڙو مارجي ويو. 22 مئي 2011ع واري ڏينهن شاهراهه فيصل تي واقع پي اين ايس مهراڻ تي دهشتگردي جي نتيجي ۾ هڪ ليفٽيننٽ سميت 10 اهلڪار شهيد ٿيا، جڏهن ته جنهن ٻن طيارن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو انهن جي تياري جي لاڳت اٺ نوَ ڪروڙ روپيا هئي. پاڪ بحريا جا ڪيئي نوجوان پنهنجي جان جي بازي لڳائي دهشتگردن جي رستي جي رڪاوٽ بڻيا، ورنا ٿيندڙ تباهي جو ته اندازو ئي نه لڳائي سگھجي ها. سترنهن ڪلاڪن تائين هلندڙ آپريشن ۾ 4 دهشتگرد ماريا ويا جڏهن ته ٻن جي فرار ٿيڻ جي اطلاع آهي. پاڪستان جي دفاعي فوج جو حصو پاڪ بحريا ملڪ جي سامونڊي حدون، سامونڊي ۽ سمنڊ ڪناري مفاد جي محافظ آهي، هي فوج دنيا جي بهترين فوجن منجهان هڪ فوج آهي. پاڪ بحريا نه رڳو ملڪي دفاع ۽ سامونڊي جرمن جي روڪ ٿام ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، بلڪي قدرتي آفتن دوران امدادي ڪمن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي نوجوانن هر ڏکئي وقت ۾ حوصلي ۽ همت سان ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو آهي. پاڪستاني فوج بهادري ۽ جرات سان اندروني ۽ ٻاهرين خطرن سان پنهنجي پياري وطن جو دفاع ڪري رهي آهي. پاڪ فوج هر ميدان ۾ عوام سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي متحد ۽ مضبوط نظر پئي اچي، جڏهن ته پاڪ بحريا به دهشتگردي جي ڪينسر خلاف هڪ ڊگھي عرصي کان جنگي ميدان ۾ ان جي خاتمي لاءِ رڌل آهي، جي ايچ ڪيو کان پوءِ پاڪ نيوي تي حملن جو مقصد رڳو پاڪستاني مملڪت کي ڪمزور بڻائڻ ۽ بحري فوج جي لازوال طاقت کي ٽوڙڻ ئي آهي. دشمن پهرين فرصت ۾ ئي ٻه اهڙا ايس پي ٿري سي اورين جهاز تباهه ڪيا جن کي فضائي نگراني، (ٽٻي هڻندڙ جهاز) آبدوز تي حملن ۽ زميني حملن لاءِ انتهائي مؤثر تصور پيو ڪيو وڃي، هي ٻه طيارا 24 ڪلاڪ اڏام جي صلاحيت رکندا هئا. نيوي جي شهيد نوجوانن پنهنجي جان جي بازي لڳائي پنهنجي پياري وطن جو ڀرپور دفاع ڪيو، ورنا تباهي جو اندازو لڳائڻ تمام ڏکيو ٿي وڃي ها. پر سوال اهو اڀري ٿو ته دهشتگرد ايترا منظم ۽ جديدترين هٿيارن کان سواءِ ان حساس علائقي ۾ پهتا ڪيئن؟.
    پي اين ايس مهراڻ پاڪ بحريا جو پهريون نيول ائير اسٽيشن آهي. اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ائير بيس تي چين ۽ ٻين ملڪن جا انجينيئر پڻ موجود هئا. اسامه خلاف ٿيندڙ آپريشن کان پوءِ جڏهن هر طرف کان پاڪستان دٻاءَ ۾ آهي ته ان موقعي تي چين ئي واحد ملڪ آهي جيڪو پاڪستان جي حمايت ۾ پهرين نمبر تي نظر پيو اچي، چين سان مشترڪه طور تي ٺاهيل پي ايف ٽوئنٽي ٽو فريگيٽ پاڪ نيوي جي سامونڊي ٻيڙن ۾ شامل آهن. پي اين ايس شمشير پاڻي کان ۽ پاڻي جي مٿان سامونڊي فضا ۾ پري تائين مار ڪرڻ وارن ميزائلن ۽ جديد آٽوميٽڪ گنز سان تيار ٿيل آهي. پي اين ايس شمشير کان پهريان چين سان مشترڪه طور تي ٺاهيل پي اين ايس ذوالفقار به پاڪ چين دوستي جو زندهه مثال آهي. ان کان علاوهه برطانيه طرفان ڏنل سامونڊي جهاز پي اين ايس رستو طئي ڪندڙ جهازن طور پاڪ بحريا ۾ شامل آهي. هي جهاز ڪيڊٽس ۽ سيليرز جي ترقياتي تربيت لاءِ برطانيا کان ورتو ويو آهي. جيڪو ان کان پهريان ايچ ايم ايس وليم جي نالي سان برطانوي بحريا ۾ شامل هو. پاڪستان نيوي مطابق هي جهاز سٽيلائٽ ڪميونيڪيشن سسٽم، نيويگيشن ريڊارز، بلٽ ان اليڪٽرونڪ چارٽنگ سسٽم، ڪنٽرول سسٽم سميت جديد سنسرز ۽ مخصوص اوزارن سان تيار ٿيل آهي.



    پاڪستان نيوي جي طاقت ۾ 4 نوان ريڊ نائن اي سي هيلي ڪاپٽر ۽ هڪ اليڪٽرانڪ وار فيئر ڪرافٽ پڻ شامل آهن. پاڪ بحريا جي طاقت جو اندازو ان مان سهڻي نموني لڳائي سگھجي ٿو ته هن وٽ ٽاسڪ فورس 151 جي ڪمانڊ ٽيڪنالاجي پڻ آهي. ڪيترن ئي ملڪن جي بحري فوج ان ٽاسڪ فورس جو حصو آهن، جڏهن ته ٽاسڪ فورس جو دائرو عدن واري خليج ۽ صوماليه جي سامونڊي ڪنارن تي مشتمل آهي. ٽاسڪ فورس 151 جو مقصد سامونڊي ڦرلٽ، مختلف جرمن جي روڪ ٿام ۽ سمنڊ تي قانون جي بالادستي قائم ڪرڻ آهي. ان کان علاوهه پاڪ بحريا جي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۾ چين جو ڪردار سڀ کان وڌيڪ رهيو آهي، نيوي کي نشانو بڻائڻ جو پهريون مقصد پاڪستان جي دفاعي طاقت کي ٽوڙڻ آهي، جڏهن ته ٻيو مقصد چين کي پاڪستان جي مسلسل حمايت تان هٿ کڻائڻ پڻ ٿي سگھي ٿو، ڇو ته ماضي ۾ به ڪيئي انجينيئر دهشتگردي جو نشانو بڻيا آهن، دفاع سان گڏوگڏ چين، پاڪستان ۾ گوادر پورٽ جي تعمير، سينڊڪ مان سون ڪڍڻ ۽ حب ۾ قيمتي پٿرن جي ڳولها جهڙي اهم منصوبن تي ڪم رهيو آهي. پاڪستان جي دفاعي طاقت کي ٽوڙڻ لاءِ دشمن جنگي ميدان ۾ لٿل آهي. ان کان پهريان مئي 2010ع ۾ ڪراچي جي هڪ هوٽل جي ٻاهريان ٿيل ڌماڪي ۾ پاڪستاني نيوي لاءِ ڪم ڪندڙ 11 فرانسيسي انجينيئر ۽ 3 پاڪستاني مارجي ويا هئا. پي اين ايس مهراڻ تي حملي دوران آمريڪا جو ڪردار پڻ مشڪوڪ آهي، آمريڪي اخبار جي رپورٽ مطابق ان جا ماهر اڪثر ان بيس تي موجود هوندا آهن. پر پينٽاگون ان ڳالهه جي ترديد ڪندي چيو ته حملي وقت ڪو به آمريڪي ان بيس تي موجود ڪونه هو، ائين لڳي ٿو ته دشمن هڪ طرف اسانجي دفاعي طاقت کي نشانو بڻائي رهيو آهي، ٻئي طرف اهڙي حملن ذريعي چين کي پاڪستان سان دوستي جو سبق سيکاريو پيو وڃي. حڪومتي رپورٽ مطابق ان ائير بيس تي چين ۽ ٻين ملڪن جا ماهر موجود هئا، جن کي آپريشن شروع ٿيندي ئي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪيو ويو. پاڪستان ۾ غير ملڪين کي نقصان پهچائڻ، انهن کي اغوا ڪرڻ، قتل ڪرڻ ۽ دهشتگردي جو نشانو بڻائڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته دشمن پاڪستان جي مضبوط پوزيشن نه ٿو ڏسي سگھي. پاڪ بحريا مناسب وقت تي آپريشن ڪري غير ملڪين کي محفوظ جڳهه تي منتقل ڪري ڇڏيو ورنا دهشتگردن جو اصل منصوبو دفاعي طاقت جي خاتمي سان گڏوگڏ ان غير ملڪي ماهرن کي قتل ڪرڻ به ٿي سگھي پيو. پوليس ۽ انٽيلي جينٽس حڪمرانن پاڪ نيوي تي ٿيندڙ حملن جو ذميوار ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ بلوچ عليحدگي پسند ويڙهاڪن کي قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. نيوي جي بسن تي هاڻوڪي حملن جي ذميواري به بلوچستان لبريشن فرنٽ قبول ڪئي آهي، پر سنڌ پوليس جي اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ مطابق ان حملن ۾ لشڪر جھنگوي پڻ ملوث آهي. نيوي اهلڪارن جي بسن کي نشانو بڻائڻ واري واقعن ۾ بليڪ واٽر به ملوث ٿي سگھي ٿو، جڏهن ته حڪمران ڪالعدم تنظيمن تي الزام مڙهيندي پنهنجي ذميواري کان پنهنجو ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. تاريخ جي آئيني ۾ اگر آمريڪا جو ڪردار ڏٺو وڃي ته ان جو ڪردار ساڳيو طالبان وارو ئي نظر ايندو، پوءِ ان حقيقت کان ڪير انڪار ڪري سگهندو ته ان طالبان ۽ القاعدهه کي ٺاهڻ وارو ئي آمريڪا آهي. قومي سلامتي ڪائونسل خلاف سرگرمين ۾ بليڪ واٽر جي اهلڪارن جي ملوث هجڻ جا واضح ۽ وزنائتا ثبوت ۽ شاهديون موجود آهن. ڪو به محب وطن پنهنجي ملڪ جي ادارن ۽ اهلڪارن تي حملو نه ٿو ڪري سگھي، هي سڌو سنئون ملڪ دشمن عنصرن جو ڪم آهي. سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا ڪارڪن، عام شهري ۽ قانون جوڙڻ وارن اداران سان گڏوگڏ دشمنن فوج کي به دهشتگردي واري نشاني تي رکيو آهي، جڏهن ته اهڙي واقعن کي نبيرڻ لاءِ حڪومت جون سڀ حڪمت عمليون بي اثر ٿيون ڏسڻ ۾ اچن. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ملڪ دشمن عنصر جيڪي بلوچستان جي عليحدگي چاهين پيا، اهي ئي عنصر پوري ملڪ جي سلامتي کي داءُ تي لڳائي ڌماڪا ڪرائي رهيا آهن، پر وڌيڪ ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اسان جا ئي حڪمران حقيقتن واري معاملي ۾ اٺ پکي واري چال تي عمل پيا ڪن.
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ڪراچي واري سانحي تي حڪومت جي اٺ پکي واري چال.

    جن بادشاهن جو مقصد بادشاهي ان لاءِ هجي ته هنن کي ملڪي خزانا لٽڻا آهن ته ادا انهن کان اهي اميدون ئي هونديون ۔ جيسيتائين هي بيضمير ٽولا اسن جا حڪمران آحن تيسيتائين اسان کي هنن حالتن کي سهڻو پوندو ۽ سهون پيا جيسيتائين اسان پنهنجي قبلي کي تبديل نه ڪنداسين تيسيتائين اسن جو معاملو ائين ئي گذرندو رهندو۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو