بحرين جي صورتحال تي مٿاڇري نظر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    بحرين جي صورتحال تي مٿاڇري نظر
    لکندڙ محترم ذيشان مهدي


    www.shiasindh.com
    بحرين ۾ سعودي عرب جيان هڪ ئي خاندان آل خليفه نالي ڊگھي عرصي کان حاڪم آهي، جنهن جي ڪاري ڪارنامن جي فائيل به آل سعود وانگر فساد ۽ برائي سان رنڱيل آهي، آمريڪا جي پنجين جنگي ٻيڙي جو اڏو بحرين آهي، بحرين جا وڏا وڏا هوٽل آمريڪي فوج کي عياشي لاءِ تحفي طور ڏنا ويا آهن، حقيقت ۾ بحرين فساد ۽ برائي جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. شريف عورت پنهنجو دم ڌڻي حوالي ته ڪري پئي، پر پنهنجي عزت تي داغ ڏسڻ نه ٿي چاهي، ائين کڻي چئجي ته ضرورت کان بعد به پنهنجي شرافت ۽ غيرت جو پاس رکيو پيو وڃي، پر انهن جي غيرت ۽ شرافت ڪٿي دفنائي ويئي آهي؟


    پنهنجي ڌڏندڙ اقتدار جي تحفظ جي لالچ ۾ ناقابل تصور غير انساني ۽ وحشياڻي جُرمن ڪري اڄ پوري انسانيت جو ڪنڌ شرم ڪري جھڪيل آهي، آمريڪا ۽ اسرائيل اڳيان زرخريد غلام ۽ پنهنجي عوام آڏو ظالم ۽ ڊڪٽيٽر، هي آهي انهن جي سياست. هڪ شخص پنهنجي قوم کي دشمن سان وڙهندي ڏسي ڀڄي رهيو هو ته ان جي گھر واري ان کي ڏسي رهي هئي، اوچتو هو پنهنجي گھر واري کي مارڻ لڳوان تي سندس گھرواري چوڻ لڳي غيرت به ۽ بزدلي به! البته هنن ۾ ته ايتري به غيرت ڪونهي، ورنه ابوغريب ۽ ان جهڙا ٻيا شرمناڪ سانحا نه ٿين ها. ڇا غيرتمند انسان ان شئ کي برداشت ڪري سگھي ٿو؟ جڏهن ريت رواج ۾ اصلاح، معاشري جي بهتري ، سياسي اصلاحات ۽ سياسي معاملات ۾ شرڪت لاءِ پُر امن مظاهرا پيا ڪيا وڃن ته انهن کي قتل ٿو ڪيو وڃي يا وري بدترين تشدد جو نشانو پيو بڻايو وڃي، هزارين ماڻهن کي غائب ٿو ڪيو وڃي، انهن جي اڳواڻن جي گھرن کي تباهه ۽ برباد ٿو ڪيو وڃي، مسجدون، قرآن پاڪ ۽ دعائن جي ڪتابن کي جلايو پيو وڃي، اهو ئي ڪم ته آمريڪا وغيره ۾ انتها پسند مسيحي ۽ يهودي ڪري رهيا آهن:



    مسجديں اور عزاخانے جلائے کتنے

    وحشيوں نے کيا انساني کي تہذيب پہ وار

    الله اڪبر جي آواز جو جواب گولين سان ڏنو پيو وڃي،گھرن ۾ گھڙي عورتن ۽ معصوم ٻارن تي به رحم ڪونه ٿو ڪيو وڃي، اسپتالن تي حملا ڪري ڊاڪٽرن، مريضن، زخمين کي يرغمال بڻايو پيو وڃي، خون ۾ ٻڏل زخمين کي اسپتال بجائي سعودي سرد خانن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي، تصور ڪيو ڪيڏو نه دردناڪ منظر هوندو، يقينا اهي زخمي تڙپي تڙپي پنهنجي جان ڌڻي حوالي ڪري رهيا هوندا، پاڻي ۽ بجلي ڪٽجي چڪي آهي، جڏهن ته اهي پنهنجي حقوق جو مطالبو بندوق ذريعي ڪونه پيا ڪن، بلڪي پُر امن مظاهرن ذريعي پنهنجو حق پِني رهيا آهن. هٿن ۾ اسلحي بجائي پاڪ قرآن جهڙي عظيم ڪتاب اٿن. نسل ڪشي صرف اها ناهي ته انهن کي قتل ڪيو وڃي بلڪي پاڻي ماني ۽ سڀ امڪانات کي بند ڪري ڇڏيو اٿن تاڪي اهي پاڻ ئي بک ۽ اڃ ۾ تڙپي مري وڃن ان کان علاوه مختلف ملڪن مان ماڻهن کي گھرائي اتان جي شهريت ۽ اتان جي رهاڪن جو ڪم ڪار انهن حوالي پيو ڪيو وڃي ۽ جڏهن اتان جي رهاڪن جي اڪثريت (شيعا) پنهنجي حق لاءِ آواز اٿاري رهيا آهن ته اتان جا حاڪم پنهنجي اقتدار ۽ حڪومت کي بچائڻ لاءِ ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ مسلمان امت تي ٿيندڙ خيانتن تان توجه هٽائڻ لاءِ قبائلي ويڙهه (فرقه واريت) شيعا سني فساد جو رنگ پيا ڏين.! نفرت ڦيلائڻ ۽ فتني ۽ فساد کي زماني ۾ رواج ڏيڻ انهن جي پروپيگنڊا جو حصو آهي، حقيقت ۾ اهي مظلوم جا همدرد نه بلڪي ظالم جا حمايتي آهن. فلسطين ۽ غزه ان جي واضح مثال آهن، هي سڀ ڪجهه آمريڪا ۽ اسرائيل جي خواهش مطابق سعودي، اماراتي، ڪويتي ۽ بحريني فوج پنهنجي انجام جي پرواهه ڪندي بغير گڏجي ڪري رهيا آهن. آمريڪا جون ٺهيل توپون ۽ هيليڪاپٽر چئني طرفن کان خالي هٿ مسلمان مردن ،عورتن،پوڙهن ۽ ٻارن کي ماري رهيا آهن، غيرانساني طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن. هر طرف قيامت صغرى جو منظر آهي. بحرين هڪ ننڍڙو ملڪ آهي، جنهن جي آبادي تقريبا هڪ ملين ٿيندي، مظلوم ۽ محدود زمين تي مختلف ملڪن جا ٿيندڙ وحشياڻا حملا انسانيت جي خلاف ناهن ته ڇا آهن؟ ڪهڙي شريعت ۽ ڪهڙي قانون اهڙي اجازت ڏني آهي، اگر انهن ۾ دين ڪونهي ته ڇا انسانيت به موڪلائي وئي آهي؟ غزه ۽ فلسطين جي عوام اڃان به يرغمال بڻيل آهي، انهن کي نيست و نابود ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. سعودي ۽ اماراتي فوج ڪٿي آهي؟؟ غزه جا رهاڪو ته رافضي ڪونهن؟ ڇا سعودي ۽ اماراتي بادشاه وغيره فلسطيني مظلوم عوام، يتيم ٻارن، بيواهه عورتن ڏکايل ۽ ستايل پيءُ ۽ ماءُ جون اڀ ڏاريندڙ دانهون ناهن ٻڌي رهيا!!! ؟ هزارين عورتون، ٻار، پوڙها ۽ جوان اسرائيلي جيلن ۾ مختلف غير انساني تڪليفون سهي رهيا آهن، ڇا انهن جي گھروارن جون دانهون انهن جي ڪنن تائين نه ٿيون پهچن؟ تيونس ۽ مصر ۾ انقلاب آيو پر ڪنهن شيعا عالم اهو ڪونه چيو ته هي انقلاب سني آهي، بلڪي سڀ جي حمايت ۽ سڀ ساڻ همدردي جو اظهار ڪيو ويو، ان لاءِ ته انهن تي ظلم ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي، اسانجا عالم ان ڳالهه کان سهڻي نموني سان واقف آهن ته هي مظاهرا آزادي جي پڪار آهن، اها ناقابل انڪار حقيقت آهي ته جهڙي ريت شيعن، فلسطيني سني عوام جي حمايت ۽ مدد ڪئي اهڙي ريت نالي چڙهيل سني حڪمران حمايت نه ڪئي، بلڪي اڪثر مسلمان حڪومتن خيانت ئي ڪئي آهي. غزه ان جو واضح دليل آهي. آءُ اڄ جي مسلمانن کان صرف اهو ٿو پڇڻ چاهيان ته تمام تر مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن باوجود حزب الله لبنان ۽ ايراني حڪومت ڪهڙي ريت فلسطينين جي حمايت ۽ مدد ڪئي ۽ ڪري رهيا آهن، جڏهن سعودي فوج بحرين ۾ داخل ٿي ته جذبات اڀاريندڙ نعرا لڳايا ويا ته هي رافضي آهن هنن جو قتل جائز آهي،انهن کي مارڻ سان جنت ملندي، انهن کي گوليون هڻي پروڻ ڪيو............ وغيره رافضي “رفض” مان ورتل آهي،جنهن جي لغوي معنى آهي ڇڏي ڏيڻ، ان لحاظ کان شيعن کي رافضي هجڻ تي فخر آهي ته شيعن، آمريڪا، اسرائيل، مغرور حڪومتن، ڊڪٽيٽرن، وقت جي فرعونن ۽ پوري اسلام دشمنن کي ڇڏي ڏنو آهي، انهن کي برداشت ئي نٿا ڪري سگهن ۽ وري توهان انهن کي پنهنجو اڳواڻ ۽ سرواڻ بڻايو آهي جيڪي فاسق، فاجر،۽ خائن آهن. يعني اوهان جي حاڪمن جي اڳواڻي به آمريڪا جي زرخريد غلامي آهي، جيڪو انسانيت جو سڀ کان وڏو دشمن آهي، جنهن لاءِ قتل ۽ ظلم عام ڳالهه آهي اها ئي حڪومت اوهان جي آئيڊيل آهي. بحرين ۾ ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کي بيان ئي نه ٿو ڪري سگھجي، در ۽ ديوار تي به اعتماد نه ٿو ڪري سگھجي، هر طرف جاسوس ويٺل آهن، زمين تي درندا صفت فوجي ته آسمان ۾ پکين جيان اڏامندڙ جنگي هيليڪاپٽر ۽ جهاز، بحرين فوجي ڇانوڻي بڻجي چڪو آهي، هي اهڙا فوجي آهن جيڪي قتل عام کان بعد بد‌و عربن جيان لاشن مٿان نچندا رهن ٿا، هي آهي انهن جو اسلام، اگر قابض حڪومت جي ظلم ۽ ڏاڍ کي بيان ڪيو وڃي ته جنهن جي به دل ۾ ذري برابر انسانيت هوندي برداشت نه ڪري سگھندو، ان جي باوجود به اتان جي مومنن جو عزم پختو آهي، بلند پهاڙ جيان ثابت ۽ مضبوط آهن، پنهنجي گھرن جي ڇتن ۽ مظاهرن مان لبّيڪ يا حسين جا اڀ ڏاريندڙ نعرا پيا لڳاين، انهيءَ نعري ڪري انهن جي حڪومت ۾ لرزو اچي چڪو آهي، هي ئي اهو نعرو آهي جنهن سان حقيقي اسلام زندهه ۽ هن پوري جهان ۾ باقي آهي ۽ رهندو، هي ئي اهو نعرو آهي جنهن ايران ۾ شاهي تخت ۽ تاج کي ڀوري ڇڏيو، عالم ڪفر ۽ منافقت جي حمايت ۽ همدردي کان پوءِ به شهنشاهيت جو تاج شيشي جيان ريزا ريزا ٿي ويو، عوامي سيلاب آيو ۽ شاهي حڪومت کي ٻوڙي کڻي ويو، الله اڪبر ۽ يا حسين جهڙي نعرن جي گونج انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، تحريڪ آزادي جي نشاني انقلابي چوڪ (ميدان لؤلؤ) کي مسمار ڪري ڇڏيو، امام حسينؑ جي فرمانن ۽ سندن جي پاڪ روضي جي تصويرن جي بي حرمتي ڪري ٽڪڙا ٽڪڙا ٿو ڪيو وڃي، اهڙا خبيث ڪارناما اسان لاءِ تعجب جوڳا ناهن ڇو ته حسينؑ اهڙو نالو آهي جيڪو دلين تي گَهرو اثر ڪري خيالات ۾ انقلاب آڻي ڇڏيندو آهي، عزم کي پختو بڻائيندو آهي، پنهنجي مظلوميت ذريعي ظالم کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو آهي، مظلوم هڪ دفعو ماريو ويندو آهي پر ظالم هزارين دفعا مرندو آهي ۽ اهي ذليل عناصر ان کان ڊنل آهن ته اگر غير ملڪي فوج بحرين کان نه وئي، ظالمانه ڪارروائي بند نه ڪئي ويئي ۽ عورتن جي گرفتاري جو سلسلو جاري رهيو ته حالت اڃان به خراب ٿي ويندي ۽ ڪنٽرول جي قابل نه رهندي، ان لاءِ جو اگر ڪنهن کي قتل ڪيو وڃي يا ڪو زخمي ٿي پئي ان کي برداشت ڪري سگھجي ٿو، پر اگر ماءُ، ڀيڻ ۽ نياڻي سان زيادتي ٿئي ته ان جو ردعمل شديد ۽ بدلو يقيني هوندو آهي، ان لاءِ ته ناموس تي حملو، مردن جي وقار ۽ عزت تي حملو آهي، ديني ڀائيچاري جو رشتو تمام مضبوط هوندو آهي، ان ڪري اهڙي ڳالهين کي ٻڌي اسلامي ڀائرن جو دل ٻه ٽڪر ٿي ويندو آهي، غيرتمند مسلمان خصوصاً بحرين جي عوام ان کي برداشت نه ڪري سگھندي، ان ڪري خودڪش حملا، مسلح ڪاررواين جو گھڻو امڪان آهي، ان کان بعد انهن جو حشر اسرائيل وارو ئي ٿيندو.

    اب سلسلہ وہ ختم کريں اپنے جبرکا

    پيالہ چھلک نہ جائے کہيں صبر کا

    اوهان کي يقيناً خبر هوندي ته اسرائيل جو قبضو لبنان جي پوري سرزمين تي هو، پر حزب الله واري جنگ کان پوءِ ڪهڙي ريت ذليل ۽ خوار ٿي فرار ٿي ويا، اها سڀني کي خبر آهي. افسوس ته ميڊيا به بحريني عوام جي مظلوميت کي ڍڪي رهي آهي، ميڊيا وارا به پنهنجو اصول وساري ويٺا آهن، حقيقت جي رپورٽ ڪرڻ بجائي ان کي لڪايو پيو وڃي، انسانيت جو خون وهايو پيو وڃي، ۽ وري انهن مٿان حيوانيت واري ناچ نچي رهيا آهن، جنهن جو تماشو وڏي شوق سان ٿي رهيو آهي پر سندن وات تي چپ جو تالو لڳل آهي، اگر صحافت واري نظر سان ڏٺو وڃي ته اهو انساني بحران آهي. ميڊيا وارا سواليا نشان تي آهن، انهي ڪري بحريني شيعا ، تيونس، مصر، يمن ۽ ليبيا جي عوام کان وڌيڪ مظلوم آهن، انهن ملڪن ۾ اهڙا فوجي به آهن جيڪي عوامي تحريڪ جا حامي ۽ عوام دوست آهن، پر بحرين ۾ اندروني ۽ بيروني بحريني فوج جا اڪثر اهلڪار ڪرائي جا آهن، جن کي عربي به ناهي ايندي، فوج پنهنجي رعب ۽ دٻدٻي سان ڊڄ ۽ دهشت جي فضا قائم ڪئي آهي، ماڻهن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو پيو بڻايو وڃي، انهن تي مصيبتن جا پهاڙ ڪيرايا پيا وڃن، اتان جا شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن، بازار خون سان گرم آهي، ظلم ۽ حيوانيت جي سڀني حدن کي پار ڪندي پنهنجي گستاخ بيانن سان ڪافر ۽ رافضي چئي، چئن ئي طرفن کان بکايل درندي جيان حملا ڪري رهيا آهن، بحرين خوفناڪ جيل ۽ خون ۾ رنڱيل لاش بڻجي چڪو آهي، اسرائيلي فوج فلسطينين کي مسلمانن ۽ عرب چئي انهن مٿان حملا ڪري رهي آهي، اهڙي حيوانيت ۽ بربريت کان پوءِ انهن کي خادم حرمين شريفين چوڻ بجائي خادم آمريڪا ۽ اسرائيل چوڻ غلط نه هوندو، هي آمريڪا ۽ اسرائيل جا پالتو آهن، پنهنجي عوام جي ڏکايل آواز ته ٻڌندا به ناهن پر آمريڪا ۽ اسرائيل جي هر ڳالهه آساني سان مڃيندا آهن، ڪجهه سال پهريان سعودي فوج، آمريڪا ۽ اسرائيل ۽ يمن جي ڊڪٽيٽر علي عبدالله صالح جي مخالفن (حوثين) تي مختلف پاسن کان حملا ڪيا هئا، پر مجبوراً انهن کي اتان ڀڄڻو پيو، ماضي ۽ هاڻوڪي زماني جو اگر مطالعو ڪيو وڃي ته خبر پوندي ته انهن جا هٿ مسلمانن جي بي گناهه خون سان رنڱيل آهن:

    تيرے دور رہبري ميں يہي صبح وشام ہوگا

    کہيں بستياں جليں گي کہيں قتل عام ہوگا


    ان حالتن کي ڏسندي انهن کي آل خليفه (بحرين جا حڪمران) آل سعود چئون، يا آل يهود؟ جيڪي ظلم ڪري رهيا آهن، اهي ساڳيا ئي ظلم آمريڪا ۽ اسرائيل به ڪري رهي آهي. جيئن ته قارئين جي خدمت ۾ عرض ڪيوسين ته بحرين تي حاڪم آل خليفه خاندان گذريل چاليهن سالن کان حڪومت ڪري رهيو آهي، آل خليفه اصل ۾ بحريني به ناهن، بلڪي سعودي آهن، ان لحاظ کان انهن کي ڪو به حق ڪونهي ته هو بحريني عوام جي قسمت جو فيصلو ڪن، ۽ تخت ۽ تاج هميشه لاءِ انهن وٽ ئي هجي، بحرين ۾ ٿيندڙ حاليه انساني بربادي، نفرت اڀاريندڙ سياست ۽ اسلام دشمني ان خفيا معاهدي جو نتيجو آهي جيڪو آمريڪا ۾ بحرين جي يهودي سفير ذريعي يهودي لابي ۽ بحريني پرڏيهي وزير درميان ڪيو ويو هو، اليڪشن جي اجازت به نه ٿي ڏني، ائين ئي سعودي عرب جو نظام آهي، حقيقت ۾ سعودي هڪ ملڪ جو نالو ناهي، بلڪي هڪ خاندان جو نالو آهي، جتي ولي عهد ڀاءُ ٿيندو يا وري پٽ، آءُ انهن سني ڀائرن جي خدمت ۾ عرض ٿو ڪيان جيڪي حق جي ساٿ ۽ انصاف جون ڳالهيون ڪندا آهن ته توهان جي خلفاء راشدين جي به اها سيرت ناهي رهي ابوبڪر ڪيئن خليفو بڻيو سقيفي ۾، عمر ۽ عثمان ڪيئن بڻيا تاريخ جي ورقن کي اگر اٿلايو وڃي ته خبر پئجي ويندي، خلاصو ته اوهان جي خليفن به نه پنهنجي ڀاءُ کي خليفو بڻايو ۽ نه وري پٽ کي، انهي بناء تي بحريني ۽ سعودي وغيره جي حاڪمن کي صحابين جو مڃڻ ۽ اطاعت ڪرڻ وارو ڪيئن ٿو چئي سگھجي، اگر اهي حقيقت ۾ سني هجن ها يا وري انهن کي مڃڻ وارا هجن ها ته انهن جي سيرت تي عمل ضرور ڪن ها، ابن سعود ٽئين خليفي جي قبر تي بيلچو هڻائي زمين بوس ڪرايو، اوهان جي نظر ۾ اهو سني سڏائبو؟ انهن کي ته نبي سڳوريؐ جو سائو گنبد به هڪ وڏو بت نظر پيو اچي، ان ڪري مسلمان اهو نه ڏسن ته انهن وٽ خادم الحرمين جو تمغو آهي ۽ سندن جي نالي سان سني لکيو پيو وڃي، بلڪي انهن جي حقيقت ۽ اصليت کي سمجهو، شيعن ۽ سنين کي پاڻ ۾ وڙهائي پنهنجو اقتدار بچائڻ پيا چاهن ۽ آمريڪا جي خدمت پيا ڪن، محبت جي جڳهه تي نفرت انهن جو اسلحو ۽ هٿيار آهي، آل خليفه ۽ آل سعود جو سقوط، حسني مبارڪ ۽ تيونس جي ڊڪٽيٽر جيان يقيني آهي، وڻ جي پتن جيان هڪ کان پوءِ ٻيو ضرور ڪرندو، انهن جو زوال قريب ۽ حتمي آهي، ان لاءِ ته هي پنهنجي ظلم ۽ ڏاڍ ذريعي پنهنجي هلاڪت جو سامان مهيا ڪري رهيا آهن، جهڙي ريت باهه پنهنجي گرميءَ کان ناواقف آهي، اهڙي ريت باهه لڳائڻ وارو، ان جي نتيجن کان آگاهه ناهي، جيڪو ٻين جي گھرن کي باهه لڳائي ساڙيندو ته انهيءَ باهه جو دونهون يقيناً انهن جي ئي گھرن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻيندو ۽ باهه ٿي ان گھرن جي رهاڪن کي راک بڻائي ڇڏيندو......انشاء الله.جيڪو شيشي جي محل ۾ ويٺل هجي اهو ٻين کي پٿر ناهي هڻندو:

    ديکھنا ،وقت کے مظلوم اک دن يہ بھي منظر ديکھنا

    خودپھنسے گا جال ميں اپنے ستمگرديکھنا

    ابولهب نبي سڳوري ؐ جو قريبي پاڙيسري هو، پاڻ سڳوري جي دشمني ۾ سڀ کان اڳيان هو، پاڻ سڳوراؐ جڏهن به اسلام جي دعوت لاءِ ماڻهن ڏانهن ويندا هئا ته هو سندن پٺيان پٺيان ايندو هو، ماڻهن کي سندن ڳالهه ٻڌڻ کان روڪيندو هو، آخرڪار ان جو انجام ڇا ٿيو سوره لهب پڙهي ڏسو، ابولهب جا ٻئي هٿ ڪٽجي ويا ۽ هو تباهه ۽ برباد ٿي ويو، نه ان جو مال ان جي ڪم ۾ آيو۽ نه ان جي ڪمائي . جيڪي بحريني ۽ سعودي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري رهيا آهن، انهن جو انجام به اهڙو ئي ٿيندو، شايد انهيءَ ڪري جڏهن سعودي ۽ بحريني فوج ذريعي ٿيندڙ قتل عام جي شروعات ٿي ته اتان جي مظلوم عوام پنهنجي گھرن جي ڇتن تي الله اڪبر جي آواز سان گڏوگڏ “ تبت يدا ابي لهب” جو نعرو به لڳايائون، اهلسنت جي ڀائرن کي گذارش آهي ته هي لکڻي هڪ جھلڪ جيان آهي، غور ۽ فڪر سان پڙهڻ کان پوءِ اوهان دانشمنداڻو فيصلو ڪيو هن تحرير ۾ ڪجهه سببن ڪري عرب حاڪمن جي لڪيل ارادن ۽ مختلف ڳالهين طرف اشارو به ناهي ڪيو ويو ۽ مختصر هئڻ ڪري نه تجزيو ڪيو ويو ۽ نه ئي وري ڪا تحليل ڪئي ويئي ۽ نه ئي ڪا ثابتي ۽ شاهدي بيان ڪئي ويئي هن لکڻي جو مقصد صرف حقيقت کان آگاهه ڪرڻ آهي، ان لاءِ جو بهترين نيڪي ڏکايلن جي فرياد ٻڌڻ آهي، هونئن ته زميني حقيقتون ۽ واضح شاهديون ۽ ثابتيون موجود آهن، اردو جي چوڻي آهي: زبان حال زبان قال سے زيادہ واضح ہے. هي بي نقاب ٿي چڪا آهن ۽ انهن جي اصليت سڀ جي سامهون اچي چڪي آهي. لکڻي جي پڄاڻي تي اها ڳالهه رهجي نه وڃي ته عرب حڪمرانن خلاف عوامي احتجاجي تحريڪ ، قيام ۽ انقلاب شروع ٿيڻ جا مختلف سبب آهن، انهن مان اهم فساد، ظلم ۽ ڏاڍ، مغرور حڪومتن سان ڳانڍاپو، مسلمانن جي تذليل ۽ حقارت ( انقلابي مسلمانن کي يقين ٿي چڪو آهي ته موت بهتر آهي نڪي ذلت، هيهات منا الذلة ) خاندان ۽ قوم پرستي آهن. ان ڪري انقلابين کي اڃان به هوشيار رهڻ گھرجي تاڪي اقتدار ۽ حڪومت جا بکيا ۽ مغرور طاقتن جا ايجنٽ انقلابي مزدورن جا لباس پائي انقلابين ۾ داخل نه ٿي سگهن ۽ تيز رفتاري سان هلڻندڙ ان انقلابي ريل کي يرغمال نه بڻائن، ورنه انهن تي هي چوڻي ثابت ٿي ويندي:


    بارش سے بھاگا پرنالہ کے نيچے جاکھڑاہوا

    بھيڑ يئے سے بھاگا قصّاب کے ہاتھ لگ گيا


    بحرين جي ان ڪتاب کي بند ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي ڇو ته جنهن ڪتاب جو هر ورق خون جي تاريخ آهي، ان ڪتاب کي لکڻ لاءِ قلم مس نه ، خون گھرندو آهي، ان لاءِ ته عرب حڪمران غمخوار بڻجڻ بجائي خونخوار بڻجي چڪا آهن، دنيا ۾ هر بي گناه جي خون جو ماتم ڪيو ويندو. پر اها ڳالهه يقيني آهي ته بحرين جي گذريل صبح ڪوڙي هئي، پر ايندڙ صبح ماکي جيان مٺي هوندي انشاءَ الله.

    يوم العدل على الظالم اشد من يوم الجور على المظلوم


    ظالم تي انتقام وارو ڏينهن، مظلوم تي ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ کان وڌيڪ دردناڪ هوندو آهي.

    فوٽو ڏس
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بحرين جي صورتحال تي مٿاڇري نظر

    سائين هي جيڪا مغربي يلغار آهي ۽ ان يلغار جو شڪار جيڪي مسلمان آهيون اها مهرباني اسان جي مٿان عربن جي آهي۔ انهن عربن پنهنجي شاهي کي بچائڻ لاءِ جيڪي مسلمانن سان قهر ڪيا آهن سي اڄ پوري دنيا جي سامهون آهن هي عرب چڱا مڙس ڪونهن هنن اڄ نه پر اسلام جي شروع کان ئي پنهنجي حڪومت کي وسعت ڏيڻ لاءِ جيڪي ڪاهون ڪيون ۽ انهن ڪاهن ۾ جيڪي ظلم جو تاريخون رقم ڪيون تن اسام جي اڳيان رڪاوٽ ۾ اصل ڪردار ادا ڪيو آهي  اڄ به هي پنهنجي غير جمهوري حڪومت کي طول ڏيڻ لاءِ اهي هٿ ڪنڊا استعمال پيا ڪن ۔
    وسلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو