تاج ۽ تخت ڀوريندڙ بيداري

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ muhammad طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    تاج ۽ تخت ڀوريندڙ بيداري
    لکندڙ محترم ذيشان مهدي

    www.shiasindh.com
    تاريخ جي هر دور جي سڀ کان وڏي مشڪل اها رهي آهي ته اسلام ۽ انسانيت تي ٿيندڙ ظلم ته بيان ڪيو ويندو آهي پر ظالم جي نشاندهي ناهي ڪئي ويندي، جرم سر عام ٻڌايو ويندو آهي پر مجرم ناهي ٻڌايو ويندو، انساني حقوق جو نعرو وڏي واڪي لڳايو ويندو آهي پر انهيءَ قانون جي رعايت ناهي ڪئي ويندي، يا وري سياسي ۽ ذاتي مفاد تحت مجرم کي ڇڏي بي گناه کي قصوروار ڏيکاريو ويندو آهي، جتي ڳالهائڻ ضروري هوندو آهي اتي زبانن تي چپ جا ڀاري تالا لڳايا ويندا آهن، اهڙي ريت حق بيان ڪيو ويندو آهي پر حق ڪنهن سان گڏ آهي ان کي لڪايو ويندو آهي، يا حق ۽ باطل کي اهڙي ريت ملايو ويندو آهي جو ان جي سڃاڻپ انتهائي مشڪل ٿي ويندي آهي،! اگر ظلم سان گڏوگڏ ظالم کي، جرم ساڻ مجرم کي، حق جي مقابلي ۾ باطل کي متعارف ڪرايو وڃي ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي ته سماج ۽ معاشري ۾ اصلاح ۽ ڀلائين جي ترغيب سان گڏوگڏ براين کان روڪڻ جهڙي عظيم فريضن تي عمل ڪيو وڃي ته معاشري ۾ وڏي وڏي جرمن کي آساني سان روڪي سگھجي ٿو.



    امام حسين عليه السلام جي زماني جي به سڀ کان وڏي مشڪل اها ئي هئي، ان ڪري امامؑ پنهنجي عظيم مقصد کي پنهنجي تاريخي وصيت نامي (جيڪا وصيت مديني کان نڪرڻ وقت پنهنجي ڀاءُ محمد حنفيه کي ڪئي،) ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن جو ڪجهه حصو هيٺ ذڪر ڪجي ٿو:

    اني لم اخرج اشرا ولا بطرا ولا مفسدا ولا ظالما

    مان پنهنجي ناني جي شهر کان برائي، پاڻ سکيو گذارڻ، ظلم ۽ ڏاڍ لاءِ نه ٿو نڪران، پر ان سفر مان منهنجو ارادو ڀلائي ڏانهن ترغيب ۽ برائي کان روڪڻ آهي، ۽ مقصد منهنجي ناني رسول جي امت ۾ ٿيندڙ فسادن جي اصلاح ۽ الله جي رسول جي سنت کي زندهه ڪرڻ آهي. اسانجو رستو ۽ روش منهنجي ناني رسولؐ ۽ بابي عليؑ واري ئي آهي. ڪجهه ماڻهن جو اهو تصور ۽ خيال آهي ته اگر يزيد امامؑ کان بيعت نه گھُري ها ته امام خاموش ٿي ويهي رهي ها، حالانڪي ائين ڪونهي ۽ وري امام پاڻ فرمايو آهي: اگر هي اسان کان بيعت نه گھُرن ها تڏهن به آءُ خاموش ٿي نه ويهان ها، ان لاءِ جو وقت جي ظالم سان اختلاف، صرف يزيد جي بيعت ڪري ناهي. ان ڪري اسانجي ذميواري آهي ته ان فسادن جي اصلاح ۽ ڀلائي ڏانهن ترغيب جي دعوت ڏيون ۽ براين کان روڪيون ۽ پنهنجي نانا رسول اللهؐ ۽ بابي عليؑ جي سنت کي زندهه ڪيون. عدل ۽ انصاف کي زماني ۾ رائج ڪرڻ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جي پاڙ (بنو اميه) کي ختم ڪرڻ لاءِ قيام ڪيون، امام حسينؑ دنيا وارن کي خطاب ڪندي فرمائن ٿا: دنيا وارؤ ڄاڻي ڇڏيو حسين مقام، منزلت، ڌن دولت ۽ اقتدار جو لالچي ناهي. ان ڪري ڪربلا واري واقعي مان اسانکي اهو سبق ملي ٿو ته ظالم، ڊڪٽيٽر، جهالت ۽ براين جي مقابلي ۾ خاموش ٿي ويهڻ الله پاڪ جي ناراضگي ۽ هميشه واري عذاب جو سبب بڻجي ٿو. يزيد ۽ يزيد جهڙا زماني جي سڀ کان وڏي برائي آهن، جيڪو به ان برائي آڏو خاموش ٿي ويهندو حقيقت ۾ اهو پاڻ پنهنجي هلاڪت جو سامان مهيا ڪري رهيو آهي، امام حسينؑ ۽ سندس پاڪ اولاد ۽ صحابين پنهنجي جانن جي قرباني صرف ان ڪري ڏني ڏني تاڪي الله جي بندن کي جهالت، ناداني ۽ گمراهي کان نجات ڏيارين جهڙي ريت زيارت اربعين ۾ آيل آهي:

    وبذل مهجته فيک ليستقد عبادک من الجهالة و حيرة الضلالة

    ۽ تنهنجي راهه ۾ پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي تاڪي تنهنجا ٻانها جهالت ۽ گمراهي واري ڦندي کان آزاد ٿي سگھن. هن وقت مختلف ملڪن جي جيڪا صورتحال آهي خاص طور عرب ملڪن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، عوامي تحريڪ، عوامي مطالبا، اسلامي بيداري واري لهر ۽ سياسي طوفان، هڪ هٿ ۾ گجر ته ٻئي هٿ ۾ تلوار واري سياست ناڪام ٿي چڪي آهي، آمريڪا نواز حڪومت پنهنجي هٿن مان نڪري وڃڻ جي خوف کان ڊنل آهي، ان لاءِ جو انقلاب وارو آواز صاف صاف هر هڪ جي ڪنن تائين پهچي رهيو آهي، حقيقت ۾ آزاد ۽ با ضمير جي آواز، امام حسينؑ جي تحريڪ جو ئي اثر آهي، جيڪو رسول پاڪ صلى الله عليه و آله وسلم جي سنت کي پائمال ڪري ماڻهن تي ظلم ۽ ڏاڍ ڪري ، مسلمان امت کي ذليل ۽ خوار ڪري ته اهڙي ڊڪٽيٽرن ۽ ظالمن کي قبول ڪرڻ انهن جي ڪارنامن ۽ جرمن ۾ برابر جو شريڪ هجڻ جو کليل ثبوت آهي.

    تيونس جو اڳوڻو حڪمران جنهن جو نالو “زين العابدين” هجڻ کان “شين العابدين” هجڻ گھرجي ها، عبادت ڪرڻ وارن جي زينت نه بلڪي انهن جي ذلت جو سبب آهي، ان جي اقتدار واري دور ۾ مسجد وڃڻ جي اجازت نه هئي، اهڙي خائن ۽ ڊڪٽيٽر کي انهن ئي پناهه ڏني جنهن جو هو پالتو هو ۽ سندن جي غلامي ڪري رهيو هو، ايسيتائين جو ان ملڪ به انڪار ڪري ڇڏيو جيڪو ڪڏهن خونخوار درندي جيان آهي ته ڪڏهن لومڙي جيان يعني آمريڪا، اگر ان کي پنهنجي آڱر ذريعي ماکي به چٽائي وڃي ته ماکي جي ختم ٿيڻ سان ئي آڱر کائي ڇڏيندو.
    ان جي بادشاهه ٿيڻ وارو نشو ته ڪافور ٿي ويو، پر اڄ به آل سعود جي نوڪري ڪري رهيو آهي، ثابتين ۽ شاهدين مطابق عرب ملڪن ۾ دهشتگردن جي سرپرستي ڪرڻ واري، اڪلوتي سعودي عرب رياست ئي آهي. ان جو هڪ سهڻو نمونو هي آهي ته چوندا آهن ته چاقو کان وڌيڪ ان جي چمڪ کان ڊڄ ٿيندو آهي، اهڙي ريت سعودي عرب کان وڌيڪ ان جي اسلام کان ڊڄ پيو ٿئي، پر افسوس ڪجهه دوست حقيقت کان آگاه ڪونهن، مصر جي ڊڪٽيٽر حسني مبارڪ ( جنهن جو نالو نامبارڪ رکڻ گھرجي) ليبيا جي قذافي ۽ يمن جي علي عبدالله صالح وغيره اسلام ۽ مسلمانن سان ڇا ڇا ڪيو؟
    ۽ اسلام دشمن طاقتن سان ملي ڪري ڪهڙيون ڪهڙيون خيانتون ڪيون، في الحال ان جو اندازو لڳائڻ انتهائي مشڪل آهي، سعودي عرب جي حالت به ان کان مختلف ناهي، جڏهن آل سعود جي ڪارنامن ۽ سياسي منظرنامي تي مٿاڇري نظر ڪئي وڃي ته خبر پوندي ته انهن جي شخصي ۽ اجتماعي زندگي فساد ۽ براين سان ڀريل آهي، عياشي انهن جو مشغلو آهي، هڪ عرب ڪالم نگار لکيو آهي ته آل سعود جا ڪجهه فرد لنڊن جي هوٽل ۾ صرف هڪ رات ۾ 6 ملين ڊالر خرچ ڪندا آهن. شهزادن وٽ ايڏي ڀاري رقم اچي ڪٿان پئي؟ مسلمانو هي توهان جي ڪعبي جي ڪمائي آهي! هي عوام جو خون پسيني جي ڪمائي ۽ ملڪ جي دولت آهي، جنهن کي خرچ ڪرڻ چوري ۽ ڌاڙو آهي، هڪ ئي خاندان ڊگھي عرصي کان حڪومت ڪري رهيو آهي، عوام جي حقن کي پائمال ڪيو پيو وڃي، جتي نه پارليمينٽ ۾ حقيقي طور عوام جي نمائندگي ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي وري مردن ۽ عورتن کي هڪجهڙي معاشرتي آزادي حاصل آهي، ايسيتائين جو عورت ڪار (car )به نٿي هلائي سگھي. اگر ڪوئي پنهنجي حق لاءِ غلامي جي زنجير ٽوڙڻ لاءِ آواز اٿاري پيو ته ان جو جواب يا ته قتل آهي يا بغير ڪنهن مقدمي هلائڻ جيل جي چڪي پيسرائي پئي وڃي، گھڻن ئي جي باري ۾ ته خبر ئي ڪونهي ته ڪٿي آهن، ڇا زندهه به آهن يا مري چڪا؟ هر طرف خفيا ادارن جو ڄار وڇايل آهي، ان کان بعد به پنهنجي مطالبن کي مڃرائڻ ۽ شهنشاهيت جي اسيري کان نجات لاءِ عوامي تحريڪ جاري آهي، آمريڪا جي غلامي، اسلام، مسلمانن ۽ فلسطين سان پڌرين ۽ لڪيل خيانتن ۾ ئي پنهنجو ۽ پنهنجي اقتدار جو تحفظ سمجهي رهيا آهن. جڏهن به اسرائيل جو وجود خطري ۾ پئجي ٿو ته انجي لاءِ نجات واري ٻيڙي بڻجي پيا وڃن، حماس ۽ حزب الله سان اسرائيلي جنگ ۾ انهن جو رويو ئي هڪ پختو ثبوت ۽ عمدو دليل آهي، اگر عوام پنهنجي حقن لاءِ پُرامن مظاهرا پيا ڪن ته سندن جا درباري مُلا ۽ مفتي گھَر ويٺي فتوائون ڏئي رهيا آهن ته مظاهرو ڪرڻ حرام آهي!!!.

    ان جو ڇا مطلب؟ پنهنجي حقوق جي گھُر نه ٿي ڪري سگھجي؟ اگر حاڪم فاسق ۽ فاجر هجن ۽ ملڪ جي خزاني کي عياشي ۽ اسرائيلي مدد م خرچ ڪيو وڃي، شهزادن جو برطانيا جي باشندن سان ناجائز جنسي تعلقات جو نتيجو حرام ٻج هجي يا وري لڪ ۾ يا پڌرو نا محرمن سان هٿ ملايو وڃي، سنت رسول صلى الله عليه و آله وسلم جو مذاق اڏايو وڃي، يا مسلمانن سان خيانتون ڪيون وڃن، يا مغرور حڪومتون انهن کي بي گناهه قتل ڪن، يا انهن جي خون سان حولي کيڏي وڃي ته خبردار اوهان کي ڳالهائڻ جو حق ڪونهي ورنه اسلام جي پاڪ دائري کان ٻاهر نڪري ويندؤ؟

    جو بھي وہ چاہتے ہيں وہي بات ہم کہيں

    دن کواگر وہ رات کہيں رات ہم کہيں

    اهڙي فتوائن کي مسلمان ڪنهن جو حڪم سمجهن؟ ڇا قرآن ۽ الله جي رسولؐ ناهي فرمايو ته جتي فساد ، ظلم ۽ ڏاڍ هجي ته انجي خلاف آواز اٿاريو. انهن جي ٻج ۾ اسلام دشمن طاقتن جون ڪهڙيون جڙي ٻوٽيون استعمال ڪيو ويون آهن اهو ته ويجھر واري زماني ۾ خبر پئجي ويندي پر اها ڳالهه چٽي ڏينهن جيان واضح آهي ته هي يهوديت جي ناپاڪ ارادن ۾ برابر جا شريڪ آهن.

    جو ٹھيکيداربن کر گھومتے ہيں دھرم ومذہب کے

    ا نہيں جيسا زمانے نے کوئي وحشي نہيں ديکھا

    ليبيا ۾ اسلام ۽ انسان دشمن طاقتن جا وحشياڻا حملا ، قتل ۽ خونخواري هاڻي تائين جاري آهي، بي گناهه عوام کي ماريو پيو وڃي، سعودي درباري مُلن جي فتوا ته الڳ ڳالهه آهي پر ٺَلهو افسوس به نٿو ڪيو وڃي، وات سان تسبيح پئي پڙهي وڃي ۽ هٿ سان قتل ڪيو پيو وڃي، زبان مِٺي ۽ بغل ۾ ڇري، هي آهي انهن جو عمل، ڪٿي آهي سعودي ۽ اماراتي فوج؟؟؟!!!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو