وائيلڊ لائيف وارن لاء

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    سنڌو درياءَ جي ڪپ تان وڌيڪ هڪ مئل ٻلهڻ ملي
    سکر(بيورو رپورٽ) سنڌو درياءَ جي ڪپ تي وڌيڪ هڪ مئل انڌي ٻلهڻ ملي، وائلڊ لائيف کاتو لاتعلق بڻيل، سنڌو درياءَ جي ستين واري آستان وٽان انڌي ٻلهڻ مئل حالت ۾ ملي، جڏهن ته اهڙي واقعي کان وائلڊ لائيف کاتو مڪمل طور لاتعلق بڻيل رهيو، اليڪٽرانڪ ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد وائلڊ لائيف کاتي جي عملدارن تحرڪ ورتو ۽ واقعي واري جاءِ تي پهتا، رابطي تي ڊپٽي ڪنزرويٽر تاج محمد شيخ ٻڌايو ته مونکي ڊالفن (انڌي ٻلهڻ) جي مرڻ بابت خبر ناهي، ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ٽيم رواني ڪئي آهي، هوڏانهن وائلڊ لائيف کاتي جي عملدار انور ڀٽي ٻڌايو ته فوت ٿيل مادي آهي جنهن جو قد 7 فوٽن کان مٿي آهي، عمر 14 سال ۽ وزن 60 ڪلو کان وڌيڪ آهي، هنن ٻڌايو ته انڌي ٻلهڻ مڇي جو شڪار ڪندي انڌي ٻلهڻ جي چهنب هيٺ زمين ۾ گهڙي وئي ۽ چهنب اندر 6 انچن تائين مٽي ڀرجي وئي آهي، جنهن ڪري انڌي ٻلهڻ جو موت واقع ٿيو آهي پوءِ به اسين پوسٽ مارٽم ڪري وڌيڪ تفصيل جاري ڪنداسين. ياد رهي ته گذريل 6 مهينن دوران 11 کان وڌيڪ ٻلهڻيون مري چڪيون آهن، جيڪي اڪثر ڪري مهاڻن پاران پاڻي ۾ زهريلو ڪيميڪل ملائڻ سبب مري ويون آهن پر هن مهل تائين ڪنهن جي به خلاف ڪو به قدم نه کنيو ويو آهي، نه ئي وري ان سلسلي ۾ ڪا وائلڊ لائيف کاتي پاران حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، هوڏانهن گذريل مهيني ۾ گڊو کان سکر تائين انڊس ڊالفن جي سروي وارو ڪم ڪيو ويو هو جنهن ۾ انڊس ڊالفن جو تعداد 918 ظاهر ڪيو ويو هو جنهن ۾ نر ۽ مادي ۽ ٻچا شامل هئا، جڏهن ته 2006ع کان 2011ع تائين 45 کان وڌيڪ انڌي ٻلهڻيون مختلف سببن جي ڪري مري ويون آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو