2003 آفيس استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ وڌيڪ جهٽڪو ۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    هي موضوع عنوان جي حساب سان ٻيو ڪو پڙهي نه پڙهي پر عرس پريو ضرور پڙهي ۔۔۔ جو کيس آفيس 2003 کان سواءِ ٻي ڪا آفيس استعمال ڪرڻ اچي ئي ڪونه ۔۔۔ پر حيران ٿيڻ جي ضرورت نه آهي جو مان ڪا اهڙي ڳالهه ڪونه ڪري رهيو آهيان ته آفيس 2003 تي ڪو وائرسن حملو ڪيو آهي۔۔۔
    آ ته بس انهن کي ساڙ ڏيارڻ چاهيان ٿو جيڪي اڃان تائين آفيس 2003 استعمال ڪري رهيا آهن۔۔۔ ڇو ته انهن اڃان آفيس 2007 يا آفيس 2010 جو مزو ئي نه ورتو آهي ته انٽرنيٽ جي وريز سائيٽس تي آفيس 2012 جو ذڪر هلي پيو ۽ گهڻن هيڪرس ٽائيپ ماڻهن ته لانچ ٿيڻ کان اڳ ئي آفيس 2012 کي قابو ڪري ورتو آهي۔۔۔ Microsoft Office 2012 15.0.2703.1000 نالي هن آفيس جي تصويري جهلڪ ته ڏسو۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: 2003 آفيس استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ وڌيڪ جهٽڪو ۔۔۔

    هن کي انسٽال ڪرڻ جو طريقي ڪار وڊيو جي صورت ۾ ۔۔۔


    مائڪروسافٽ آفيس 2012 (15) جي ورڊ پروگرام جو نظارو۔۔۔


    هڪ اضافي پروگرام Moorea پروگرام جو منظر

     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: 2003 آفيس استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ وڌيڪ جهٽڪو ۔۔۔

    واهه سائين واهه! هاڻي ته آفيس جي اپڊيٽ سان گڏ اپڊيٽ رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي، پر منهنجي خيال ۾ 2010 آفيس کان هن آفيس ۾ گهڻو فرق نه هجڻ گهرجي، 2010 آفيس مون استعمال ڪري ڏٺي آهي، ڏاڍي لاجواب آهي، ان ۾ گرافڪس جي ڊزائيننگ جا به گهڻا ئي آپشن موجود آهن۔۔۔ پر اڄ ڪلهه مان ان جي پورٽيبل ورجن جي ڳولا ۾ آهيان جيڪو ملي ئي ڪونه ٿو ۔۔۔۔۔
    اپڊيٽ ڏيڻ تي لک ٿورا سائين۔۔ هاڻي عرس پريو کي سوچڻ گهرجي۔۔ ​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: 2003 آفيس استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ وڌيڪ جهٽڪو ۔۔۔

    واهه ادا

    مطلب ته اسان کي به هاڻي آفيس 2007 کي ڇڏي آفيس 2010 استعمال ڪرڻي پوندي۔ پر يار جيڪا سي ڊي وٺان ٿو اها اڳيئي ڪرپٽ آهي، ان جو ڪو سولو حل ٻڌايو۔ واقعي آفيس وارا ان ڪم کي اڳتي وڌائيندا وڃن۔
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: 2003 آفيس استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ وڌيڪ جهٽڪو ۔۔۔

    يار ڳالهه ته درست پيو ڪرين پر توهان کي ٻڌايان ته آفيس ۾ هان او اي ايس (آفيس آٽوميشن سسٽم) لڳي ويو آهي سو هان 2003 جي ضرورت ئي نه آهي جيڪا به نئين اپڊيٽ آهي اها مٿان کان خودبخود ٿيو وڃي۔۔۔۔۔۔ مطلب ته هان نه ونڊو جو ٽينشن نه آفيس نه ڪنهن اپڊيٽ جو هر شئي تيار ٿيل ملي پئي سو جان ئي ڇٽي پئي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    باقي 2012 تمام خوبصور ت آهي هاڻ آء به پي فور استعمال پيو ڪريان سو توهان جي ٻڌائڻ جي دير ء منهنجي لوڊ ڪرڻ جي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هاهاهاهاهاها
    هون به مان هاڻ سکي ويو آهيان فري ڊائون لوڊ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: 2003 آفيس استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ وڌيڪ جهٽڪو ۔۔۔

    پر مان ته پو به 2003 ئي استعمال ڪندس، ڇو ته اسين وفادار ماڻهون آهيون جنهن سان دل لائي ته لائي ۔۔۔۔ گهڻا ڪيم ڪجن ۔۔۔۔ پاڻ جيڪا شادي ڪئي آهي ته اها ئي آهي نئون ايڊيشن ڪون ورتو آهي ۔۔۔ وفادار ماڻهون آهيون

    پر سچ پڇو ته 2007 جا ڊگها آپشن ڏسندي، ڳولهيندي ڪافي وقات لڳندو هو، مون 7 ڪڍرائي وري 3 ڪري ڇڏيو آهي۔ گدڙ ڊاک نه پڄي آکي ٿو کٽا ۔۔۔

    باقي جي اوهان دوست چئو ٿا ته 12 ڪري ڏسنداسون، ڏسڻ ۾ جو معشوق لڳي پئي آهي ۽ پاڻ حسن پرست ماڻهون ڏسي ئي موهجي پيا آهيون

    پر اهو ڪم ٿيندو ڪيئن؟ اهو ٻڌائجو ۽ ها جيڪي 3 ۾ ورڊ جا فائيل ٺاهيا آهن اهي ڪرپٽ ته نه ٿيندا نه؟ اهو به ٻڌائجو

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: 2003 آفيس استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ وڌيڪ جهٽڪو ۔۔۔

    واه واه زبردست، مونکي لڳي ٿو ته آفيس 2012 گهڻو مختلف نه هوندي 2010 کان جو مٿين تصويرن ۾ ايئن ئي محسوس ٿي رهيو آهي۔
    باقي موريا اضافي جي باري ۾ ڪجهه وضاحت ڪريو ته مهرباني۔
    پنهنجو گهڻي قدر ڪم به اڄ ڪلهه آفيس 2010 ۾ ٿئي پيو، ۽ الحمد لله ڏاڍي پياري آفيس آهي هيءَ، هن ۾ ڪم ڪندي اصل ٿڪ لهيو وڃن۔
    سائين نثار صاحب اوهان ڀلي آفيس اپڊيٽ ڪريو اوهان جون فائلون ان شاءَ الله صحيح رهنديون۔
    اصل ۾ اوهان جون فائلون هونديون ڊاڪ فارميٽ ۾ جيڪي اڄ ڪلهه جي آفيس يعني ڊاڪ ايڪس ۾ هلي سگهن ٿيون۔
    باقي جي فائل آفيس 2007 يا 10 يا 12 ۾ ٺهيل هجي ته اها وريويس ورزن يعني آفيس 2003 ۾ اها فائل نه ٿي کلي سگهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو