• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ مٿان سڀ ساهَه پنهنجا، گهور گهوريون چاهَه پنهنجا

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
(منهنجي پياري استاد سائين نثار احمد ناز ڪالهه پنهنجو هي نظم سنڌ سلامت تي پوسٽ ڪيو هو پر عرب هيڪرن جي ڪاروائي يعني هيڪنگ کان بعد 3 ڏينهن جو جيڪو مواد ضايع ٿيو ان ۾ سائين نثار ناز جي هي بهترين ڪاوش به سنڌ سلامت تان گم ٿي وئي۔۔ مون کي ٻئي مواد گم ٿيڻ کان وڌيڪ ڏک سائين جن جي هن پياري غزل جي گم ٿيڻ تي هو، پر شڪر آهي سائين جن فيسبوڪ تي هن غزل کي پنهنجي دوستن سان ونڊ ڪيو هو جنهن ڪري موقعو ملي ويو ته هي غزل اتان ڪاپي ڪري هتي ونڊ ڪريان۔۔ مست)​

پيارا فيس بُڪ جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ، نمستي، ڪوئٽه کان واپس ايندي مونکي هڪ هفتو ٿي چڪو آهي ڪافي سارا ڪم ڪار هُئا ان کان علاوه ڏات جي ديوي مهربان ڪانه پي ٿي اڄ هي غريباڻو غزل سرجيو اٿم ڳالهه سنڌ سان پيار ڪرڻ جي آهي خير چترڪاري ڪري توهان سڀني دوستن سان ونڊ پيو ڪريان اميد سنڌ ڌرتي سان اظهار محبت ضرور توهان کي پسند ايندو
دعاڳو
نثاراحمد ناز
ٽنڊو محمد خان
25-05-2011​
249026_10150207129463216_794048215_7054287_2984114_n.jpg

غزل
نثاراحمدناز

سنڌ مٿان سڀ ساهَه پنهنجا
گهور گهوريون چاهَه پنهنجا

چنڊ چوڏينهن سوجهرا هِي
سڀ سنڌِي همراهَه پنهنجا

آ فخر ڳوهيا ازل کان
سنڌ مِٽِيء مان ڳاهَه پنهنجا

ڪنهن به ويريءَ ساڻ سنڌ جي
ڪونه ٿيندا ٺاهَه پنهنجا

هر جنم ۾ ساٿ سانئڻ
گڏ هُئا ارواحَ پنهنجا

ڪير ٽوڙي ڪونه سگهندو،
هي امر ويساهَه پنهنجا

ناز سنڌ سان ئي اُڪيرون
شل هُجن اُتساهَه پنهنجا

 
جواب: سنڌ مٿان سڀ ساهَه پنهنجا، گهور گهوريون چاهَه پنهنجا

پيارا اسد مست تنهنجي مهربانيون جو منهنجو هي غريباڻو غزل ٻيهر تو اسان جي محبتي اڱڻ سنڌ سلامت تي ونڊ ڪيو شاعري اولاد وانگر هوندي آهي جيئن اولاد ٿوري دير اکين کان اوجهل ٿيندو آهي ته ان جا والدين پريشان ٿي پوندا آهن تيئن ئي شاعري به هيڏانهن هوڏانهن ٿيندي آهي ته ان جو تخليق ڪار به يقينن پريشان ٿي پوندو آهي، تون حيران ٿيندين ته سنڌ سلامت تي پنهنجي شاعري ونڊ ڪرڻ کانپو آئون مطمئن ٿي ويندو آهيان ته منهنجي شاعري وارو رڪارڊ ڪٿان ملي يا نه ملي پر سنڌ سلامت تي هر عام وخاص دوست پنهنجن پراون کي آساني سان ملي ويندو منهنجي ڪافي شاعري سنڌ فورم تي پڻ ضايع ٿي ويئي جيڪا ان وقت مان ڊزائن ڪري موڪليندو هئس جڏهن پي ٽي سي ايل واري پيڪيج تحت انٽرنيٽ جي رفتار صرف 2 ڪي بي هوندي هُئي الائي ڪيترا دفعا پي ٽي سي ايل تان ڊسڪنيڪٽ ٿيڻو پوندو هو، اها شاعري گهڻي ڀاڱي مون کان وسري ويئي آهي ۽ ان شاعري جو مون وٽ بيڪ اپ ۾ ۽ ڊائري ۾ رڪارڊ تائين ڪونه آهي۔ خير شال جُڙيو هُجين جو منهنجو هي قومي شاعري وارو غزل وري به کڻي آئين شال انهن عرب هيڪرن کي ڪا خدا جي مار پوي جو هو اسان جي احساسن ۽ جذباتن سان کيڏن ٿا۔
 
جواب: سنڌ مٿان سڀ ساهَه پنهنجا، گهور گهوريون چاهَه پنهنجا

ناز سنڌ سان ئي اُڪيرون
شل هُجن اُتساهَه پنهنجا

سائين نثار ناز جڏهن کان ڪوئيٽا کان موٽيو آهي ته سنڌ تي عاشق ٿي پيو آهي ۽ سنڌ سان ازلي محبت سندس شاعريء مان عيان آهي۔

شال سنڌ سدائين خوشحال رهي۔ تمام بهترين شاعري آهي
 
Back
Top