هيٺين تصوير کي ڏسو۔۔۔ هتي پنهنجي اسٽيٽس تي هڪ گوري لکيو آهي ته فيس بوڪ پنهنجي سيڪيورٽي جو ڪيڏو نه خيال رکي ٿو ۔۔۔ جڏهن توهان منهنجي هن اسٽيٽس جي جواب ۾ پنهنجي فيس بوڪ جو پاسورڊ لکي شيئر بٽڻ تي ڪلڪ ڪري موڪليندو ته فيس بوڪ توهان جي پاسورڊ کي سڃاڻندي ان کي اسٽار اسٽار ڪري لکندو ته جيئن توهان جي پاسورڊ جي سيڪيورٽي برقرار رهي۔۔۔ همراه پنهنجو پاسورڊ جو مثال ڏيندي لکيو آهي جيڪو ********* ۾ تبديل ٿيل آهي۔۔۔ سندس اهڙي ڳالهه تي ڪافي ماڻهون بيوقوف بڻيا آهن ۽ پنهنجي فيس بوڪ جا پاسورڊ لکي موڪليا آهن ته ڏسجي ته واقعي اهي اسٽار اسٽار طور ظاهر ٿين ٿا۔۔۔ :crazy: ان ڪري ڪڏهن اهڙي اسٽيٽس کي پڙهندي تڪڙو تجربو نه ڪري ويهجو ۔۔۔ جو توهان جو پاسورڊ ڪنهن ٻئي جي هٿ چڙهي وڃي۔۔۔ ۽ وري جيڪڏهن توهان جو پاسورڊ هر جاءِ تي هڪ جهڙو هجي ته پوءِ ڪم ته لهي ويا نه۔۔۔۔۔:hitwall:
جواب: ڪنهن جي چڪر ۾ اچي تڪڙا بيوقوف نه بڻجو۔۔۔! جي سائين ڌوڪي جي ڀرييل آهي بازار هتي قدم کڻو سنڀالي بار بار
جواب: ڪنهن جي چڪر ۾ اچي تڪڙا بيوقوف نه بڻجو۔۔۔! هاهاهاها واقعي ڪجهه سادا ماڻهو اهڙي غلطي ڪري سگهن ٿا۔۔۔
جواب: ڪنهن جي چڪر ۾ اچي تڪڙا بيوقوف نه بڻجو۔۔۔! اهڙي معلومات سنگت سان ونڊ ڪرڻ جي مهرباني ادا مان جهڙا سادا ماڻهو اڄان آهن ملڪ ۾ ادا اطلاع ڏيڻ جي مهرباني سدائين گڏ
جواب: ڪنهن جي چڪر ۾ اچي تڪڙا بيوقوف نه بڻجو۔۔۔! جي ادا يونس ملڪاڻي توهان صحيح چئو ٿا انٽرنيٽ جو مطلب دوکو ٿي ويو آهي
جواب: ڪنهن جي چڪر ۾ اچي تڪڙا بيوقوف نه بڻجو۔۔۔! سائين اسان ته اڃان تائين پاس ورڊ ئي هڪ ڌاريو آ۔ اهو ملي ويو پوء ته سڀ ڪجھ خلاص
جواب: ڪنهن جي چڪر ۾ اچي تڪڙا بيوقوف نه بڻجو۔۔۔! ادا رشيد واقعي اهڙا دوست ڪافي آهن جيڪي جلدي باز ۾ فيصلو ڪري پو پڇتائيندا آهن هر قدم سوچي سمجهي کڻڻ کپي اهي نه ٿئي پو ڪٿي پڇتائيڻو پوي
جواب: ڪنهن جي چڪر ۾ اچي تڪڙا بيوقوف نه بڻجو۔۔۔! يار ڳاله ته ڪم جي ٻڍائي اٿئي ادا رشيد ڀلا مان تجربو ڪريان يا نه ؟ اهي پاسپورڊ جيڪي اسان جي درميان مشترڪ آهين انهن مان هڪ پاس ورڊ هڻانس ٿو پوء جيڪي پنج رپيا بچيا هههههههههههههههههههههههههه نه ادا جو مون وٽ هڪ ٻيو حل به آهي اسان ان خاني ۾ ڪو به پاس ورڊ لکون ضروري نه آهي ته فيس بڪ جو ئي پاس هجي ان گوري کي ڪهڙي خبر ته هي اصلي پاس لکيو اٿائون يا نقلي ان سان گورو به خوش ٿي ويندو ۽ اسان جو تجربو به ٿي ويندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ههههههههههههه اهي نه مزي جي ڳاله ؟؟؟؟
جواب: ڪنهن جي چڪر ۾ اچي تڪڙا بيوقوف نه بڻجو۔۔۔! ادا تمام سٺي ڄاڻ آهي مونکي اهو گروپ تمام گهڻو وڻيو آهي