الطاف شيخ اسان جو اثاثو آهي تحرير : رزاق کٽي [JUSTIFY]جيڪي ماڻهو، پنهنجي شعبي ۾ جڏهن شهرت جي بلندين تائين پهچي ويندا آهن، تڏهن انهن جي چاهيندڙن جي اها خواهش هوندي آهي ته هو انهن ماڻهن جي ذاتي زندگي، انهن جي شخصيت جي مختلف پاسن، انهن جي ذاتي روين، رشتيدارين، دوستين ۽ رقابتن بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن. ان سلسلي ۾هُنن کي ڪٿان به ڪا تحرير هٿ اچي ته هو اها ڪوشش ضرور ڪندا آهن ته اُها بنا ڪو وقت وڃائڻ جي پڙهي وٺجي، ۽ هو جڏهن اها پڙهي وٺندا آهن، تڏهن اسان اڪثر اهو ڏٺو آهي ته اهي چاهيندڙ صدمن جو شڪار ٿيندا آهن. انهي ۾ اصل ۾ اُنهن ماڻهن جو ڏوهه نه هوندو آهي پر اسان جا اهي نوجوان، پنهنجي مُنهن، پنهنجي اندر ۾ انهن ماڻهن جو، هڪ خاڪو ٺاهي وٺندا آهن، انهي خاڪي ۾ هو پنهنجي مرضي جا اهي رنگ ڀريندا آهن، جيڪي رنگ حقيقت بدران خوابن جي دنيا جا هوندا آهن. هو ان شخص ۾ دنيا جي سمورين چڱاين جا رنگ اوتي، پوءِ ٿوري دير ان کي پيار سان ڏسندا آهن، ۽ پوءِ هو پنهنجي ئي ٺاهيل انهي عڪس جو پاڻ نقل به ڪندا آهن، هنن جي غلطي رڳو اها هوندي آهي ته هو جنهن سان انهي ديوانگي جي حد تائين پيار ڪندا آهن، انهن سان جيڪڏهن هنن جي ڪڏهن ڪا ملاقات ٿي وڃي ته اڪثر ائين ٿيو آهي جو هنن کي پڇتاءُ کان سواءِ ٻيو ڪجھه به هٿ نه ايندو آهي، ۽ اهو ان ڪري ٿيندو آهي جو هو پنهنجي اندر ۾ انهن ماڻهن لاءَ جيڪو عڪس چِٽيندا آهن، اهي اصل ۾ انهن جي عڪس جهڙا ته هوندا ئي ناهن، پوءِ ٿيندو ائين آهي جو جن ماڻهن جا هو پنهنجي اندر ۾ عڪس ٺاهي رنگ ڀريندا آهن، انهن رنگن کي پاڻ ئي ڊاهي بدنما ڪري ڇڏيندا آهن. ائين ڇو ٿيندو آهي؟ اسان چاهت جي هن دنيا ۾ رڳو هڪ غلطي اها ڪري وجهندا آهيون، جو انهن کي، ماڻهو سمجهڻ بدران ملائڪ تصور ڪري ويهي رهندا آهيون. اسان هنن کي ڪنهن اهڙي دنيا جي مخلوق سمجهڻ لڳندا آهيون، جيڪا زندگي جي بازار ۾ سمورين اوڻاين کان پاڪ هوندي آهي. جيتوڻيڪ ائين هوندو ناهي، اسان انهن کي جيڪڏهن انسان ئي سمجهڻ شروع ڪريون ته، نه رڳو انهن جي شخصيتن جا بت، جن کي اسان پاڻ ٺاهي پوڄيندا آهيون، اهي جُهرڻ کان بچي پوندا، پر اسان پاڻ به صدمن جا زخم کائڻ کان بچي پوندا سين. دنيا جا سمورا اهم ماڻهو، جن پنهنجن پنهنجن شعبن ۾ ڪمال جو مرتبو حاصل ڪيو آهي، اهي ذاتي زندگين ۾ ڪي اهڙا چڱا ماڻهو به نه هئا، جن جو تصور اسان جي ذهنن تي اُن وقت تائين موجود هو، جيستائين اسان هنن کي پڙهيو نه هو. ان ڪري، جيڪڏهن اسان انهن کي ائين رد ڪري ڇڏيون ته اهي ذاتي زندگي ۾ چڱا ماڻهو ناهن ته اها هنن سان به زيادتي ٿيندي، ڇاڪاڻ ته هو جنهن حوالي سان، اسان وٽ سڃاتا وڃن ٿا، اهي اُن ڪم ۾ ته پنهنجي مڪمل بلندي تي هوندا آهن. پر هاڻي جنهن شخص جو آئون اوهان سان ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو ائين ناهي، جيئن پاڻ مٿي ذڪر ڪري آيا آهيون.اسان چاليھه جي وهي اورانگهي ويا آهيون، هُن کي اسان تڏهن پڙهڻ شروع ڪيو هو، جڏهن پرائمري ماستر، اسڪولن ۾ سندن شاگردن مٿان ائين ڪڙڪندا هئا جيئن پوليس وارا معمولي درخواست تي پڪڙجي آيل ”جوابدار“ تي ڪڙڪندا آهن، فرق رڳو اهو آهي ته انهن ماسترن هٿان ماريل اهي شاگرد اڄ به عزت جي زندگي گذارين ٿا، پر پوليس جا سٽيل ماڻهو اسان ته سڌرنڌي نه ڏٺا آهن! انهن ڏينهن ۾ الطاف شيخ ئي اهو ماڻهو هو جنهن جا سفرناما پڙهي اسان خوابن جي دنيا ۾ گم ٿي اهي ملڪ گهمندا هئاسين، جن کي حقيقي زندگي ۾ ڏسڻ اسان جهڙن ماڻهن جي ته گهٽ ۾ گهٽ وس جي ڳالھه نه هئي. الطاف شيخ سنڌ جي انهن ليکڪن مان آهي، جنهن اسان واري ٽهيءَ کي ڪتاب پڙهڻ جي عادت وڌي. سنڌ ۾ ته اڄ به ائين ئي آهي، جيڪي نوجوان پڙهڻ جي شروعات ڪن ٿا، اهي الطاف شيخ جي سفر نامن کان ئي ڪن ٿا. زندگي جي انهن خوبصورت ڏينهن ۾ نه پرنٽ ميڊيا ايتري ترقي ڪئي هئي، نه ٽي وي چينل جو طوفان آيل هو، تڏهن دنيا ريموٽ ڪنٽرول ۾ سهيڙجي اسان جي هٿن ۾ نه پر، پي ٽي وي جي اينٽينائن ۾ موجود هوندي هئي، انهن ڏينهن ۾ ٽي وي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ۽ پڄاڻي قومي تراني سان ٿيندي هئي، ٽي وي انهن ڏينهن ۾ ”مرتبي“ جي علامت هو، پوءِ اهڙو دور به آيو جو ماڻهن انهن اينٽينائن ۾ پنهنجن گهرن جون جست واريون پليٽون لڳائڻ شروع ڪيون، انهي آسري تي ته اومان ٿا ڏسون، انهن ڏينهن ۾ اومان ٽي وي تان روزانو هندستاني فلمون ٽيليڪاسٽ ٿينديون هيون، ماڻهن جي ان دور جي اها ئي سڀ کان وڏي تفريح هئي، پر گذريل ڏهن .پندرنهن سالن ۾ جيڪا ترقي اسان تائين پهتي آهي، ان جو اسان جي هن ٽهي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪڏهن تصور ئي نه ڪيو هو. ڪمپيوٽر ۽ انٽر نيٽ ته اهڙو ڪم ڪيو آهي جو ڪڏهن انهي تي سوچجي ٿو ته ڏندين آڱريون اچيو ٿيون وڃن، گهر اندر ويهي اوهان ڪيبل تي روزانو سوين چينل ڏسو ٿا. انٽرنيٽ تي سڄي دنيا جون اخبارون پيون آهن، موبائيل ۽ ان جو نيٽ ورڪ ايترو سستو ٿي ويو آهي جو هاريءَ جي به دسترس ۾ آهي، اٽو ملي نه ملي پر موبائيل جو هجڻ ضروري آهي. اوهان جا ڪم سولا ٿي پيا آهن. گهڻو ڪجھه تبديل ٿي ويو آهي. اهي سموريون شيون ڪالھه تائين جيڪي اسان لاءِ اهم هيون، اهي بي معنيٰ بڻجي ويون آهن، انهن مان چس ختم ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڪا شيءَ سلامت آهي ته اهو آهي الطاف شيخ صاحب جو سفرنامو. جيڪو اڃا تائين پنهنجي سمورين رعنائين سان اسان تائين پهچندو رهي ٿو. جيتوڻيڪ هو هاڻي پوڙهو به ٿي ويو آهي، پر جڏهن اوهان هن سان ملندئو ته اوهان کي حيرانگي ٿيندي ته هو ذهني طور تي اهڙو ئي جوان آهي جهڙو هو ٽيھه سال اڳ هو. منهنجي هُن سان ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن اسان امام خميني جي 24هين ورسي ۾ شرڪت لاءِ گذريل سال تهران وڃي رهيا هئاسين. تهران ايئرپورٽ تي اسان هڪٻئي سان حال احوال ڪيو، ۽ پوءِ انهيءَ سفر جي ستن ڏينهن اندر اسان جي تعلق ۾ ايتري ويجهڙائپ پيدا ٿي وئي، جنهن جو اسان ٻنهي هڪ هفتو اڳ ۾ تصور به نه ڪيو هو. مون هن کي انهي کان اڳ ۾ سندس ڪتابن يا ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ تصويرن جي صورت ۾ ڏٺو هو. الطاف شيخ صاحب جا اڪثر فوٽو اوهان کي نيوي جي ورديءَ ۾ نظر ايندا. هو پاڻي جي جهازن جو چيف انجنيئر رهيو آهي، انهي ڪري وردي جي شولڊرن تي پٽيون به گهڻيون لڳل هونديون هيون. هڪ وڏي ۽ خوبصورت ٽوپي ۾ شيخ صاحب جي شخصيت وڌيڪ نکري ايندي هئي. اسان جيئن هوش سنڀاليو ته وردي وارو (جنرل ضياءَ ) هن ملڪ مٿان نازل ٿي چڪو هو. ماڻهن کي سر بازار ڪوڙا هنيا ويندا هئا، فوجي سپاهين هٿان عزت ڀرين ماڻهن جون بي عزتون ته روز جو معمول هو، ان ڪري وردي جا اسان اڳي ماريل ماڻهو، شيخ صاحب کي وردي ۾ ڏسندا هئاسين ته ان جو دٻدٻو اڃا وڌيڪ اسان جي ذهن تي سوار ٿي ويندو هو، اسان پنهنجي طور تي اهو تصور ڪري ورتو هو ته هو ڪڙڪ آواز جو مالڪ ۽ طبيعت ۾ ڏاڍو سخت هوندو. مغرور به هوندو، هن کان جيڪڏهن ڪي سوال ڪبا ته هو انهن جا جواب حڪم جي صورت ۾ ڏيندو، ۽ الائي ڇا ڇا!! پر ائين هو ڪونه! اسان جڏهن چند ڪلاڪن ۾ هڪ ٻئي جي ويجهو آياسين ته هو ايڏو سادو ۽ فقير منش ماڻهو لڳو، جنهن ۾ انهن سمورين دنيادارين مان ڪا هڪ به اهڙي شيءِ نه هئي جو اسان پنهنجو پاڻ سان لڳايل اندازن کي صحيح ثابت ڪري سگهون. اسان جيترو به تهران گهميوسين، انهيءَ ۾ الطاف شيخ صاحب اسان سان گڏ ئي هو. هو بي جهجڪ ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو ماڻهو آهي. هن کان ڀلائي پهچي ته ڪري ڇڏي، ۽ مداين کي درگذر ڪرڻ وارو هي شخص جيڪو اسان جي آڏو صرف هڪ سفرنامن جو ليکڪ آهي، ان جو هڪ ٻيو پاسو اهو به آهي ته اڄ جيڪي به سنڌي ماڻهو اوهان کي پاڻي جي جهازن جي فيلڊ ۾ نظر اچن ٿا اهي الطاف شيخ صاحب جي مهرباني جي ڪر ي آهن. تهران ۾ ڪچهري دوران هن ٻڌايو هو ته هن پنهنجن سفرنامن ۾ پاڻ ڄاڻي انهي فيلڊ جو ذڪر ڪيترا ئي ڀيرا ان ڪري ڪيو جو عام سنڌي نوجوان هن فيلڊ ڏانهن راغب ٿئي، ۽ کيس انهي ڳالھه جي تمام گهڻي خوشي ٿي جڏهن انهن سفرنامن پڙهڻ کان پوءِ اهي نوجوان وٽس آيا، ۽ اڳتي هلي اُهي انهي شعبي جو حصو بڻجي ويا. الطاف شيخ صاحب گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئڻ واري محاوري کان گهڻو اڳتي نڪتل آهي.هن سڄي دنيا کي پنهنجي اک سان ڏٺو آهي، ۽ انهي کي سادي ۽آسان زبان ۾ سفرنامن جي صورت ۾ سنڌي نوجوانن تائين پهچايو آهي، پر اسان وٽ گهاٽ گهاٽ جو پاڻي پيئڻ واري اصطلاح جي هڪ به علامت هن شخص ۾ ناهي. هن جا هيستائين 70 کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، پر انهن 70 ڪتابن مان هن پاڻ شروع ۾ ڪي چند ڪتاب ڇپرايا، باقي ڪتاب مختلف پبلشرن ڇپرايا، هن ٻڌايو هو ته، هو اخبارن ۾ جيڪي مضمون لکي ٿو، پبلشر اتان ئي کڻي ڪتاب ڇاپي ڇڏين ٿا ۽ حيرت جي ڳالھه اها آهي ته هو شيخ صاحب کان اجازت وٺڻ جي به زحمت نٿا ڪن.۽ ان جي موٽ ۾ کيس چند ڪتاب موڪلي ڏين ٿا پر هن ڪڏهن به انهي کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائڻ بدران رڳو انهي سوچ تي عمل ڪيو آهي ته سندس لکڻيون ۽ تجربا سنڌ جي عام ماڻهن تائين پهچن. 7 جون 2010ع، منهنجي لاءِ ياد گار ڏينهن آهي، اسان سج اُڀرڻ کان اڳ ۾ ئي تهران جي امام خميني ايئر پورٽ تي پهچي چڪا هئاسين. اُن ڏينهن اسان سنڌ جي سمورن مسئلن تي سور رُناسين، اسان سنڌي قوم جي عظيم هجڻ واري خوشفهمي ۾ مبتلا ٿيڻ بدران انهن حقيقتن تي روئندا رهياسين، جن کي ايندڙ ڏينهن ۾ اسان جي نسلن کي منهن ڏيڻو آهي. اسان جي هيءَ ملاقات ان ڪري به گهڻي لاڀائتي رهي جو الطاف شيخ اسان جي خيالن کان نه رڳو گهڻو مختلف هو، پر ايترو شفيق ۽ خيال رکڻ وارو، حوصلو وڌائڻ وارو، همت افزائي ڪرڻ وارو، ۽ وڏي ڳالھه ته پيار ڪرڻ وارو ماڻهو آهي، اسان سنڌ جا سمورا ماڻهو شيخ صاحب جي علم ۽ مشاهدي جا متعرف ته اڳي ئي آهيون، پر اسان کي اهڙن ماڻهن جي ڪيتري ضرورت آهي، ان جو اندازو اسان کي به ناهي، اسان دعاگو آهيون ته رب پاڪ الطاف شيخ صاحب کي اڃا وڏي حياتي ۽ صحت عطا فرمائي، جيئن هو اسان ۽ اسان جي نسلن لاءِ لکندو رهي. (آمين) [/JUSTIFY] روزانه عبرت تان ورتل