ميون جو سردار ميوو انب ۽ ان جا فائدا
تحرير : محمد سليمان وساڻ
سنڌ ۾ جتي قهر جو اونهارو ٿئي ٿو ته وري اتي ان موسم جا بهترين ميوا به کائڻ لاء ملن ٿا. انهن گرميء جي ميون ۾ ميون جو سردار ميوو انب پڻ شامل آهي. سنڌ ۾ ميرپورخاص، سانگهڙ، حيدرآباد کان وٺي نوابشاهه، نوشهرو ۽ خيرپور ۾ به انبن جا باغ گهڻي تعداد ۾ آهن، انکانسواء سموري سنڌ ۾ درياء جي ٻنهي طرف انبن جا وڻ ٿين ٿا. انبن جا ڪيترائي ديسي ۽ قلمي قسم موجود آهن جن مان سنڌڙي، چوسو، لنگڙو ، سونارو ۽ ٻيا انيڪ قسم شامل آهن. سنڌ ۾ موجود سنڌڙي انب کي گهڻو ڪري ايڪسپورٽ ڪري پرڏيهي ناڻو ڪمايو وڃي ٿو. سنڌ ۾ پاڻيء جي کوٽ سبب هن فصل ۽ باغن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي پر منهنجو اڄوڪو موضوع انبن جي فائدن بابت آهي.
ماڻهون انبن کي مختلف طريقن سان استعمال ڪري کائن ٿا جڏهن ته اسان وٽ انبڙين کي به شوق سان کاڌو وڃي ٿو. انکانسواء انبن مان جوس، کٽاڻ، مٺايون ۽ ٻيا حلوا به ٺاهيا وڃن ٿا. پر پڪل انب کي کائڻ ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ فائدا انيڪ آهن.
خاص ڪري ڳوٺاڻا ماڻهون انبڙين کي مختلف طريقن سان کائيندا آهن. انبڙين جي چٽڻي ٺاهڻ، آچار ٺاهڻ يا وري وات جي ذائقي لا کٽاڻ طور پڻ استعمال ڪندا آهن. انب ۽ انبڙيون قدرت جي طرفان بيمارين کان بچڻ لاءِ مفيد علاج آهي. انبڙيون کائڻ سان پيٽ جون پراڻيون بيماريون ختم ٿي وينديون آهن ۽ چمڙي جي مختلف بيمارين جي لاءِ مفيد آهي. انبڙين ۾ وٽامن اي، بي، سي، ڪيلشيم، فولاد ۽ آئرن موجود آهن.
انب کائڻ سان رت ۾ واڌارو ۽ اکين جي نظر تيز ٿيندي آهي. رنگ اڇو ۽ چهري ۾ رونق ايندي آهي. جسم طاقت وارو ٿيندو آهي. جڏهن جڏهن ته انب ۾ وٽامن جو مقدار ۾ هوندا آهن. خاص ڪري انبن جو جوس کير سان ملائي پيئڻ مفيد آهي. انب صبح جو نيرانو هرگز نه کائجي. انب گرم هوندا آهن جيڪي معدي لا نقصانڪار هوندا آهن تنهن ڪري هميشه ٿڌو ڪري کائجي ته انب جسم جي اندرين عضون لا مفيد هوندو آهي. ڦڦڙن معدي اندرين ۽ غدودن کي پڻ درست ڪندو آهي. انب سال ۾ هڪ ڀيرو ايندا آهن تنهنڪري اسان کي پنهنجي صحت لاءِ انبن کي شوق سان کائڻ گهرجي ۽ پاڻ کي صحتمند رکڻ گهرجي. گرمين جي موسم ۾ انب گهڻي کائڻ سان جسم ۾ سڄي سال جي کوٽ پوري ٿي ويندي آهي.
انب هاضمي لاء مفيد آهي ۽ ان ۾ موجود بايو ايڪٽو ايليمينٽس Esters, Terpenes and Aldehydes تيزابيت کي ختم ڪري هاضمي کي درست ڪن ٿا.
انب ۾ موجود فائبر ۽ وٽامن سي ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ڪرڻ لاء گهڻو مفيد آهن. Glutamine acid جي موجودگيء ڪري ٻارن ۾ ياداشت بهتر ٿئي ٿي. انب ۾ لوهه Iron جو گهڻو مقدار هجڻ ڪري عورتن لاء مفيد آهي .
جديد تحقيق مان پتو پيو آهي ته انب شگر جي بيماريء ۾ فائدو ڏئي ٿو جڏهن ته پراڻي زماني ۾ اهو تصور ڪيو ويندو هو ته انب مٺو هجڻ ڪري نقصانڪار آهي. antioxidants جي ججهي مقدار ۾ هجڻ ڪري انب خاص ڪري ڪينسر ۽ دل جي بيمارين کان بچائي ٿو.

It is rich in amino acids, vitamin C and E, flavonoids, beta carotene, niacin, calcium, iron, magnesium and potassium