[JUSTIFY]هتي ڪو مستقبل محفوظ ناهي [JUSTIFY]هتي ڪو مستقبل محفوظ ناهي . هي جملو مون ڪنهن دوست کي ڪچهري ۾ چيو ۔ ان دوس مونکي کلي چيو ميان ڪهڙي دنيا ۾ ٿو رهين . تنهجنجو دماغ خراب آهي ڇا ؟. مون چيو ادا ڇا ٿيو ؟. چوڻ لڳو ڀائو تون ٿو چوين هن ملڪ ۾ مستقبل محفوظ ڪونهي . پهريان ته اهو ٻڌاءِ هن ملڪ ۾ مستقبل آهي ڇا ؟. ڪنهن وقت ايندي ويندي گولي، ڪنهن وقت به لاش جا ٽڪرا، ڪنهن وقت به حادثاتي موت ڪنهن وقت به ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو .[/JUSTIFY] ٽارگيٽ ڪلنگ تان ياد آيو ڪجھ ڏينهن پهريان جي ڳالھ آهي هڪ دوست دعوت ڏني منجهند جو ٽائيم هو آچر جو ڏينهن هو . آءو پنهنجي ڦٽڦٽي تي لانگ وارئي گوڏو هڻي هلي پيس جنهن وقت آءُ ڪراچي گلستان جوهر جي علائقي مان گذرڻ لڳس ته ائين لڳو ته آءُ اڪيلو هن روڊ جو راهي آهيان . وري سوچيم نه هي منهنجو وهم آهي اڄ ته آچر جو ڏينهن آهي ان لاء رش ناهي، وري دل ۾ خيال آيو ته هن روڊ تان ايندي سال ٿي ويا آهن اهڙي ته ٽريفڪ جي حالت ڪنهن هڙتال ۾ به مون ناهي ڏٺي . دال ۾ ڪجھ نه ڪجھ ڪارو ضرور آهي۔ پر مونکي به ان دوست وٽ وڃڻو ضروري هو مون به گاڏي کي ٿوري ڏني اسپيڊ ۽ اڳتي نڪري آيس جڏهن گلستان جوهر چورنگي وٽ پهتس ته مونکي لڳو ته مون وڏي غلطي ڪئي آهي . مون موٽر سائيڪل روڪي ان دوست کي فون ڪيو ته يار ڇا ڳالھ اهي هي روڊ ۽ رستا ڇو ايترا سنسان پيا آحن ته ان دوست چيو ادا اڄ ايم ڪيو ايم وارن جو يومِ سوڳ آهي. هاڻي منهنجي حالت هي هئي ته اڳيان باھ پٺيان پاڻي الامان الحفيظ اڳيون سفر منهنجو ڪهڙي ڪيفيت ۾ گذريو اها ڳالھ لفظن ۾ بيان نه ٿي ٿي سگهي . مون ڪنهن وقت لکيو هو ته ڪاش جي الفاظ احساسن جي تفسير ڪن ها. ۽ واقعي اها ڪيفيت مون جنهن ۾ سفر ڪيو اها هئي جنهن جو الفاظن ۾ تذڪرو نه ٿو ٿي سگهي .بس هر وقت اهو خيال هو ته ڪنهن فليٽ مان ڪو پنهنجي پسٽل کي آزمائڻ لاءِ ته ،گولي لڳي ٿي يا نه ، يا اهو موٽر سائيڪل وارو وڃي ٿو گولي هڻي ٿا ڏسون جهڙن خيالن ۾ سفر پورو ٿيو خدا ڪيو ڪيڏانهن گولي نه آئي . الله الله ڪري وڃي سنگت وٽ پهتا سين . ته مون لکيو ٿي ڪنهن وقت به ڪنهن جاء تي موت اهو به دهشتگردي جي وجه سان . يقين ڪيو حال هي آهي صبح جو جنهن وقت گهر کان ٻاهر نڪرون ٿا ٻچن کي حسرت جي نگاه سان ڏسي گهر کان ٻاهر نڪرون ٿا. خبر ناهي ته واپسي ٿيندي يا نه۔ الائي وري ٻچن کي ڏسي سگهنداسين يا ٻچا اسان کي ڏسي سگهندا الائي نه واري ڪيفيت مان گذري رهيا آهيون. ان دوست چيو هن مستقبل جي ڳالھ ٿو ڪرين محفوظ ناهي. بابا محفوظ اها شي هوندي آهي ۽ ان جي سڪيورٽي لاءِ پريشاني هوندي آهي جا شي وجود رکندي هجي هتي مستقبل جو وجود ئي ناهي ته تون ٿو چوين هتي مستقبل محفوظ ڪونهي. آءُ جڏهن ڪجھ ڏينهن پهريان ڳوٺ ويس ته پريشان ٿي ويس ته هي ڇا آهي اتي جو نوجوان هن مڪل کان بڄڻ جي ڳالھ ٿو ڪري مون ڪجھ دوستن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مونکي لڳو انهن دوستن کي منهنجا اهي جملا انتهائي برا ٿي لڳا. هن ملڪ ۾ حالت هي آهي جو اسان جا قابل نوجوان جن جو وس لڳي ٿو ته اسان هتان نڪري وڃون سو جلد کان جلد نڪرڻ گهري ٿو .ڳوٺن جا حال هي آهن ته جنهن وٽ ٿورو گهڻو پيسو حاي اهو هتان نڪرڻ جون ڳالهيو ٿو ڪري ته بابا ڀڄ وڃن هتان هتي ڪجھ به ڪونهي . جي هي حال رهيو ته لڳي ٿو انهن مجوبرن جا لاش جي هتان ڪاڏي نڪري نه سگهنا ۽ ڳجهون باقي هونديون . ڪجھ ڏينهن پهريان ڪراچي جي هڪ دوست پنهنجي سڄي جائداد جا ڪروڙن جي هئي سستي کپائي . مون احتجاج ڪيو ته ادا ائين نه ڪر . هن چيو ميان ڏاڏل ڪٿان جي ڳالھ ٿو ڪرين هتي نه اولاد جو مستقبل آهي نه پنهنجو مستقبل محفوظ آهي .ڏاڏل دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾ وڃي جي مذدوري به ڪنداسين ته ڪنداسين پر پنهنجي اولاد جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ضرور ڪنداسين. جڏهن ته آءُ ان دوست کي سڃاڻان هتي هن جي ماهانا آمدني ٽن لکن کان به مٿي آهي. جي هي نوجوان طبقو ائين هن ملڪ مان نڪرندو رهيو ته هن ملڪ جي ڇا حالت ٿيندي و الله عالم . ڪالھ هڪ ٻئي دوست وٽ ويٺا هيا سون جيڪو پاڪستان ۾ هڪ پرائيويٽ فرم ۾ پاڪستان مينيجر حآي جنهن جي آمدني به ماهانا لکن ۾ آهي ان پنهنجي ٽيبل جي دراز مان پنهنجو ۽ گهروارن جا ويزا ڪڍي ڏيکاريا ته هو بنڪاڪ وڃي رهيو آهي . مون پڇيو ڇو ته کلي چوڻ لڳو يار ڏاڏل تون ته آهين درويش ٻڌاءِ هي ملڪ رهڻ جهڙو آهي. جي هن ملڪ جا هي حالت رهيا ته اسان کلائي ڪهڙي حال ۾ هونداسين . ان جو ثبوت هي آهي ته هتان جي بيضمير ليڊرن کي ڏسو هنن پنهنجا سسڀ جا سڀ اثااثا ملڪ کان ٻاهر رکيا آهن ان لاءِ ته جو هنن کي خبر آحي ته هي ملڪ رهڻ جي قابل ناهي رهيو. جنهن ملڪ جي حالت هي آهي ته ڊفينس جو تنصيبات ايتريون غير محفوظ آهن جو انهن تنصيبات ۾دهشتگرد پوري سسٽم سان سترنهن ڪلاڪ مهاڏو اٽڪايو ڇڏين ٿا تازو پاڪستان نيوي جي مهراڻ بيس تي جيڪو حملو ٿيو ان ويتر ڪئي سوال ماڻهن جي ذهنن ۾ اٿاريا آهن . توهان وزيرِ اعظم جو دورو جيڪو هن مهراڻ ائير بيس تي ڪيو سو ڏٺو هوندو . ڪيڏي نه شرم جي ڳالھ هئي ان اجاءِ تي سندس آجيان لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويو هو جتي اڃان اتي مهاڏو اٽڪائيندڙن جي رت جون بوندون شايد نه سڪيون هونديو ان جاءِ تي هي پروٽوڪول وٺي رهيو هو سندس آجيان لاءِ زمين تي ريڊ ڪارپيٽ وڇايا ويا. جڏهن وزيرِاعظم پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو ته ان وقت قوم تي عذاب ملڪ مسڪرائي رهيو هو. روئڻ جي مقام تي مسڪرائڻ هي ڪهڙي قسم جي بي حيائي آهي مون اڄ ڏينهن تائين جيڪو به لکيو آهي ان ۾ اهڙي زبان گهٽ استعمال ڪئي آهي پر هن موضوع ۾ دل کي ايتري تڪليف پهتل آهي جو اهڙا لفظ لکندي تڪليف نه ٿي ٿئي بلڪه نه خوشي آهي نه غمي هنن لاءِ جيڪي به تذليلي الفاظ هجن گهٽ آهن . آءُ اهو سڀ لڪجھ ان لاءِ ناهيان لکي رهيو ته آءُ ڪو هن ملڪ جي هن پارٽي جي خلاف آهيان . نه جيڪي دوست مونکي سڃاڻن انهن کي خبر آهي ته آءُ هن سياسيتدانن کي ڳجھهون سمجهندو آهيان هي حال جيڪي حڪومت ۾ آهن انهن جو ته آهي پر انهن جو به آهي جيڪي حڪومت کان ٻاهر ويٺا آهن . مسلم ليگ نون جي صدر جي حالت اوهان ڏسو جيڪي هن پوئين سال ٽيڪس جي مد ۾ پنج هزار روپيا ٽيڪس ادا ڪيو آهي ۽ لکي ٿو ته هو مڪروز آهي .مونکي ياد ٿو پوي ته مون ڪنهن ڪتاب ۾ هڪ حضرت علي عليه السالم جو واقعو پڙهيو هو ته ڪنهن علائقي ۾ پاڻ عه ويا ته اتان جي ريت مطابق ڪجھ ماڻهون سندن اڳيان آجيان لاءِ دهل وڄائي ۽ نچي استقبال ڪري رهيا ها . پاڻ عه پڇيو ته هي ڇاآهي ؟ انهن چيو هي اسان جي رسم آهي ته اسان اچڻ واري جو استقبال ڪندا آهيون پاڻ عه جن فرمايو ته مونکي يا توهان کي ان عمل مان ڪو فائدو آهي ؟ جي هن مان نه توهان کي ڪو فائدو آهي نه مونکي ڪو فاائدو آهي توهان ڇو ٿا پاڻ کي زحمت ۾ وجهو هن رسم کي ختم ڪيو . هي سيد وزيرِ اعظم آهي هن جو حال هي آهي هن کي ايترو به احساس ناهي جنهن جاءِ تي اءُ وڃي رهيو آهيان ان جاءِ تي ايڏو وڏو حادثو ٿيل آهي ڪو معمولي حادثو ته ناهي ٿيل. مگر شرم تم ڪو آتي نهين۔ مون ايران جي صدر جون ڪجھ تصويرون جڏهن ڏٺيون ته آءُ حيراني ۾ پئجي ويس ته ڇا هي ڪنهن ملڪ جو صدر ٿي سگهي ٿو؟. هڪ تصوير هئي جنهن ۾ صدر کي ڏيکاريو ويو آهي ته و جنهن وقت جمعي لاءِ آيو ان وقت مسجد جو پنڊال ڀريل هو ان لاءِ هن فوٽ پاٿ تي لڳل صف ۾ بيهي نماز پڙهي ۽ جنهن اهو ڦوٽو ورتو آهي ان آسي پاسي کي ڏيکاريو آهي . ڪو به سيڪيورٽي اهلڪار ناهي ۽ صدر صاحب آهي ڦوٽ پاٿ تي ويهي نماز پڙهي رهيو آهي . هڪ ٻي تصوير مون ڏٺي ته ان ۾ صدر جي اڳيان ماني پئي آهي هڪ پيالي آهي ۽ هڪ ننڍڙو ٿانو آهي جنهن ۾ ڀاڃي پئي آهي گڏ هڪ گلاس پيو آهي جنهن ۾ شايد پاڻي پيو آهي . هڪ ٻي تصوير هئي جنهن ۾ ايراني صدر پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي هڪ ننڍڙو ڪمرو آهي ڪجھ صحافي ويٺا آهن صدر ڪمري جي ڪنڊ ۾ ويٺو آهي ۽ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو آهي. ان جي بدلي ۾ اسان جي حڪمرانن جون شاه خرچيون ڏسو مون ڪنهن اخبار ۾ پڙهيو هو ته رحمان ملڪ جي هڪ ڏينهن جوڪراچي جو دورو اسلام آباد کان ڪراچي ساڍا ٽي ڪروڙ روپين ۾ پوندو آهي. هي ته هڪ وزير جو دورو آهي ۽ اهو به هڪ ڏينهن جو اندازو ته هڻو هن قوم جي دولت سان ڪهڙي قسم جي زيادتي ڪئي ٿي وڃي آهي ڪير جو هنن بيضميرن کي چوي ڪير چوي جو چوي سو مري سهڻل. توهان پاڻ غو رڪيو جنهن ملڪ جو نوجوان ان ملڪ مان راھِ فرار سوڇي مل جو پڙهيو لکيو طبقو هن ملڪ مان وڃي هليو . سرمائيدار پنهنجا ايسڊ وڪڻي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ وڃي ڪاروبار جو سوچي ته هن ملڪ ۾ ڇا رهندو. [/JUSTIFY]