هڪ معزز پيشي تان کڄندڙ اعتبار تحرير: منوج ڪمار [JUSTIFY]مغل بادشاهه شاهجهان پنهنجي ئي پٽ اورنگزيب جي هٿان معزول ٿي آگري جي هڪڙي ننڍڙي ڪوٺي ۾ قيد هو. کيس پنهنجي موڀي پٽ دارا شڪوهه جي قلم ٿيل سسي سوغات ۾ ملڻ وارو غم به تازو هو. کيس پنهنجي عشق جي يادگار تاج محل کي به ڏسڻ جي اجازت ڪونه هئي. هُو انهي جو فقط هڪڙو عڪس ننڍڙي آرسي ۾ ڏسي سگهيو پئي. انهي رنج، غم، عذاب ۽ بي وسي جي عالم ۾ اورنگزيب وٽس آيو. هن شاهجهان کان پڇيو ته هن قيد ۾ کيس ڇا گهربل آهي. شاهجهان وراڻيو ته، ”هاڻ مون کي تون ڇا ٿو ڏئي سگهين. مون کي بس ايتري اجازت ڏئي ته هن قيدخاني ۾ آئون وقت گذاري لاءِ هتي جي سپاهين جي ٻارن کي پڙهائي سگهان.“ اورنگزيب ٽهڪ ڏئي چيو ته، ” توسان هيترو ڪجهه ٿيو ته به بادشاهي سوچ وئي ڪونهي. استاد ٿيڻ ٿو چاهين، اڃان به حڪومت ڪرڻ ٿو چاهين.“ حقيقت اها آهي ته استادي پيشو آهي به بادشاهي پيشو. اهو ننڍڙو ڪلاس روم توهان جي سلطنت آهي. اهي ٻار توهان جي رعايا. هاڻ اهو توهان تي آهي ته اوهان ڪيئن ٿا راڄ ڪريو. توهان پنهنجي انهي سلطنت ۽ رعايا کي پنهنجي محنت ۽ محبت سان بلندين تي به پهچائي سگهو ٿا، ته توهان پنهنجي روين سان انهن کي پُستين ۾ ڌڪي سگهو ٿا. توهان انهي ننڍري بادشاهت جي ذريعي پنهنجي ننڍڙي رعايا جي زندگين ۾ انقلاب آڻي سگهو ٿا ۽ پنهنجو نقش انهن جي زندگين تي ڇڏي سگهو ٿا ته توهان هنن جي روحن تي پنهنجا رهنبوٽن جا نشان به اُڪري سگهو ٿا. اسان جيڪي ڪجهه آهيون انهي ۾ اسان جي استادن جو وڏو هٿ آهي. انهن جو شفقتون اسان کي نه ملن هان ته هوند اسان ڪنهن به منزل تي پهچي نه سگهون هان. پر اها به حقيقت آهي ته اهڙا لکين ماڻهو هوندا، جن کي استادن جون اهي شفقتون نه مليون ۽ اهي ڀٽڪي ويا. اهڙا اڻڳڻيا ماڻهو به آهن، جيڪي استادن جي مارن، سندن حوس، سندن پنهنجي پيشي سان سچائي نه هئڻ سبب تعليم تان هٿ کڻي ويا هوندا. انهن ٻارن ۾ به يقينن صلاحيتون هونديون پر اهي صلاحيتون استادن جي انهن روين سبب ضايع ٿي ويون. آئون جڏهن استادن جي روين جي ڪري تباهه ٿيل زندگين جي باري ۾ ٻڌندو آهيان ته مون کي سنڌ جي هڪ البيلي ڪهاڻيڪار حفيظ شيخ جي ڪهاڻي ”امان آئون اسڪول ڪونه ويندس“ ذهن تي تري ايندي آهي. انهي ڪهاڻي ۾ حفيظ شيخ انتهائي مهارت سان استادن جي مار سبب ٻار جي ذهن تي پيل ڊپ ۽ نفسياتي اثر کي چٽيو آهي، جيڪو نفسياتي اثر آخر ۾ انهي ٻار جي موت جو سبب بڻجي ٿو. پر انهي ڪهاڻي کان به وڌيڪ حفيظ شيخ پنهنجي هڪ نامڪمل ۽ مختصر آتم ڪٿا ۾ پنهنجي ننڍپڻ جو هڪ واقعو بيان ڪيو هو ته ڪيئن سندس ڪلاس ۾ هڪ ٻاليشاهي ڇوڪرو سندس دوست هو ۽ اهو ٻاليشاهي ڇوڪرو جڏهن ڪنهن سبب اسڪول اچي نه سگهيو ته اسڪول جي استاد انهيءَ کي ٽنگوٽالي ڪري ڪلاس ۾ کڻائي آيو ۽ اسڪول ۾ سڀني ٻارن کي اهو چيو ته اهي سڀئي هن جي منهن تي ٿُڪين. حفيظ شيخ انتهائي دردناڪ طريقي سان ٻڌايو ته ڪيئن انهيءَ ٻاليشاهي ڇوڪري جو منهن ٿڪن سان ڀرجي ويندو آهي ۽ آخر سندس وارو ايندو آهي ته هو پنهنجي دوست جي منهن تي ٿُڪي. ايئن نه ڪرڻ جي صورت ۾ کيس انهي استاد جي مار جو ڊپ هوندو آهي، ۽ هو بس ٿو جو آواز ڪري ايندو آهي. انهي عمل تي به کيس سخت پڇتاءُ هوندو آهي، جيڪو سڄي عمر رهندو اٿس. مون جڏهن حفيظ شيخ جي آتم ڪٿا ۾ اهو ٽڪرو پڙهيو ته منهنجو روح ڏڪي ويو. مون کي انهيءَ ٻاليشاهي ڇوڪري جو خيال پئي آيو. اهو ٻار ڇا سوچيندو هوندو، جنهن تي اها وارتا گذري هوندي؟ سڄي عمر هن جي ذهن تي پيل اهو زخم ڀرجي سگهيو هوندو يا نه؟ هن جي شخصيت ۽ هن جي نفسيات تي انهيءَ جا ڪهڙا اثر پيا هوندا؟ ۽ ساڳي طرح منهنجو روح ڏڪي ويو، جڏهن مون تازو اخبار ۾ ٻه اهڙا واقعا پڙهيا. پهريون واقعو سيوهڻ ڀرسان ننڍڙي شهر آراضيءَ جو آهي، جتي هڪ استاد بسڪوٽ چوري ڪرڻ جي الزام ۾ ڏهن سالن جي ٻن يتيم ٻارڙن کي تئو گهرائي شاگردن هٿان منهن ڪارو ڪرائي کين جوتن جا هار پارائي جلوس جي شڪل ۾ گڏهه تي چاڙهي شهر جو گشت ڪرائي کين تذليل جو نشانو بڻايو. ٻيو واقعو انهي کان به وڌيڪ ڀيانڪ آهي جيڪو ڪوٽ غلام محمد جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺ جو آهي جتي اسڪول جي هڪ استاد تي اهو الزام آهي ته هُن ڏهن کان تيرهن سالن جي ٻارن سان جنسي حرڪتون ڪيون آهن. مونکي سچ پچ ته انهي واقعي جي باري ۾ پڙهي انتهائي ڪرب جو احساس ٿيو. مونکي انهن ننڍڙن ٻارن جو احساس ٿيو جن سان اها سڄي وارتا گذري هوندي. اهي ٻارڙا جڏهن وڏا ٿيندا ته انهي نفسياتي تشدد جو بار کڻي سگهندا؟ ڇا اهي ٻار ڪا نارمل زندگي گذاري سگهندا؟ ڇا وري اهي اسڪول جو رخ ڪندا؟ ڇا اهي پنهنجي ٻارن کي وري اسڪول موڪليندا؟ اهي ۽ انهن جي خاندانن جا استادن ۽ تعليم جي باري ۾ رويو ڪهڙو هوندو؟ اهي سوال مونکي يا ڪنهن به ٻئي حساس ماڻهو جي روح کي جنجهوڙيندا هوندا، ۽ ايئن به ڪونهي اهي ڪي پنهنجي نوعيت جا ڪي اڪيلا واقعا آهن. سنڌ جي اسڪول ۾ ٻارن سان اهو غير انساني سلوڪ ڄڻ ته معمول آهي. ساڳي طرح ننڍڙن شاگردن سان اهي جنسي حرڪتون به سڀني جي علم ۾ آهن. پر اسان پنهنجي سماج جي انهي گند تي پردو وجهندا پيا اچون. بلڪه بي حسي جي صورت ۾ ماسترن تي ٺهيل اهڙي قسم جي چرچن تي کلندا پيا اچون. هاڻ اهو گند ايترو ڦهلجي ويو آهي جو اهو اسان جي سماج تي هڪڙو داغ بڻجي ويو آهي. پر اسان وٽ هڪ خاموشي جي سازش آهي، جيڪا انهن موضوعن تي اسان کي ڳالهائڻ کان روڪي ٿي. استاد هونءَ هڪڙو معزز پيشو آهي. پر انهيءَ عزت سان گڏوگڏ انهي تي وڏيون ذميواريون به آهن. ڪجهه سال اڳ انگلنڊ جي عدالت ۾ هڪ استاد تي الزام لڳو هو ته هن هڪڙي ننڍڙي شاگرد سان غلط حرڪت ڪئي آهي. ڪيس جڏهن ختم ٿيو ته جج انهيءَ استاد کي چوڏهن سالن جي سزا ٻڌائي. انهي فيصلي ۾ جج اهو واضح ڪيو ته انهي ۾ ست سال انهيءَ حرڪت جي ڪري آهي ۽ ست سال انهي اعتبار جي پامالي جي ڪري آهي، جيڪو اعتبار هڪ شاگرد يا انهي جي مائٽ جو استاد تي هوندو آهي. هڪ استاد جي اهڙي حرڪت ڪرڻ سان سڄي معاشري جو استادن تان ۽ تعليمي نظام تان اعتبار کڄي ويو آهي، جيڪو به ايڏو ئي وڏو ڏوهه آهي. اهڙن واقعن سان سنڌ جي اڳي ئي بگڙيل تعليمي نظام تي اڃان به خراب اثر پوندا. انهي ڪري اهڙن استادن جي سزا اها ڪونهي ته انهن جي فقط بدلي ڪئي وڃي يا انهن کي معطل ڪيو وڃي. پر اهڙا استاد جيڪي سڄي معاشري ۾ استاد جي تصور ۽ اعتبار کي تباهه ڪري رهيا آهن، انهن جي سزا سخت ۽ مثالي هئڻ گهرجي جو جيئن وري ڪنهن کي ايئن معصومن جي زندگي کيڏڻ جي جرئت نه ٿئي. ڪاوش ۾ انهيءَ واقعي تي هڪ ايڊيٽوريل لکيو ويو آهي. انهيءَ ايڊيٽوريل جو هي حصو منهنجي ۽ اسان سڀني جي ترجماني ڪري ٿو. آئون انهي جو هڪڙو ننڍڙو ٽڪرو دهريان ٿو. اهو پڙهو ۽ فيصلو ڪيو. ” اسان وري به هن ئي شعبي سان لاڳاپيل استادن کي اها ڳالهه گوش گذار ڪرڻ چاهيون ٿا ته اهي پاڻ سوچين، پاڻ سان خودڪلامي ڪن، پنهنجي ڪمزورين جو پاڻ جائزو وٺن، ۽ سندن پيشي کي جيڪي شيون داغدار ڪن ٿيون، انهن داغن کي هو پاڻ ئي ڌوئن ته اهو ئي هن قسم جي تذليل جو ازالو سمجهنداسين. سرڪاري اسڪول غريب ٻارن جي امانت آهن، اتي جيڪڏهن ٻار اچن ٿا ته انهن ٻارن جي تذليل بدران انهن سان محبت ۽ پنهنجائپ جو رشتو رکو، جيئن جڏهن اوهان رٽائر ٿيو ته هو به ڪنهن تذليل آميز نظرن بدران اوهان کي احترام جي نگاهه سان ڏسن. اوهان جون يادون انهن لاءِ ڪنهن زهر ٻڏل تير بدران بهار جو ڪو ٿڌڙو جهوٽو هجن. اوهان لاءِ پنهنجي تاريخ ٺاهڻ اوهان جي پنهنجي هٿ ۾ آهي. ان ڪري اهو فيصلو ڪرڻ به اوهان جو ڪم آهي ته اوهان پنهنجي لاءِ ڪهڙي تاريخ جي چونڊ ڪريو ٿا.“ [/JUSTIFY] روزانه ڪاوش تان ورتل
جواب: هڪ معزز پيشي تان کڄندڙ اعتبار تمام حساس ۽ اڄ ڪله جي حالات تي روشني وجهندڙ مضمون آهي، جنهن کي سائين منوج ڪمار حقيقت جو روپ ۾ سهڻي نموني پيش ڪيو آهي ۔ نبي ڪريمﷺ جن پاڻ فرمائن ٿا ، انما بعثت معلما ۔ بيشڪ آئون استاد ڪري موڪليو ويو آهيان ۔ هن مان اندازو ڪريو ته هي ڪيڏو نه عظيم منسب آهي ۔ پر اهڙن استادن ڪري واقعي هن مقدس پيشي کي داغ ٿو لڳي ۔ هن ڳالھ جي اصلاح ڪئين ڪجي ۽ هن ۾ ڪير ڪير ذميوار آهن ۔ مان سمجهان ٿو ته حڪومت ئي سڀ کان وڏي ذميوار آهي جيڪا حڪومتي مشينري کي صحيح سمت ۽ احسن نموني هلائڻ ۾ ناڪام ٿي آهي ۔ تعليم ۾ ڪاپي ڪلچر تي ظابطي نه هجڻ ڪري اهڙا افراد هن مقدس پيشي کي سنبهالن ٿا جيڪي پاڻ ناڪس ۽ ناتجربيڪار آهن۔ ويتر اخلاقي تعليم جو فقدان به هنن ۾ رهي ٿو ۔ اسان وڏڙن کان هنن جي دور جي تعليم بابت ٻڌون ٿا ته حيرت وٺندي آهي ته ڪيڏو نه هنن تعليم تي توجه ڏني ۽ اڄ به هنن جي محنتن جو ثمر آهي جو ٿورو گهڻو استاد واري پيشي کي عزت جي جي نگاه سان ڏٺو وڃي ٿو نه ته ڪي عناصر هنن مقدس پيشي کي بدنام ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۔ سٺا استاد ئي سٺو نسل تيار ڪري سگهن ٿا ، اڄ اسان سنڌ ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪريون ٿا پر اهو رڳو زباني خرچ جي حد تائين رهي ٿو ڇو ته اسان کي جيڪي دماغ گهرجن اهي اسان وٽ تيار ناهن ٿيل ۔ استادن کي هٿ ٻڌي گذارش ڪندا سين ته اهي پنهنجن پيشي سان وفاداري سان ڪم ڪن ۽ نئي نسل جي بهتر نموني رهنمائي ڪن تان ته پنهنجن حقن ۽ مستقبل لاءِ ڪو اهڙو عمل ڪريون جو ائيندا اچڻ واري نسل اسان کي دعائن ۾ ياد رکن نه ته اسان هنن لاءِ باعث شرم بڻجنداسين نه کي باعث فخر ، والله المستعان! ادا سليمان اوهان جي وڏي مهرباني جو اهي ونڊ اسان سان شئير ڪيوئي ۔
جواب: هڪ معزز پيشي تان کڄندڙ اعتبار ادا اسان جي معاشري ۾ ڪاپي ڪلچر اسان جي ادارن توڙي انهن جي عظمت تي جي ڪاري ڌڪ هنيا آهن انهن جو مثالون اسان جي سامهون آهن جتي ڪاپي ڪلچر هوندو اتي نه شاگرد کي استاد جي ضرورت نه استاد کي شاگگرد جي سو سائين هي پيشوت واقعي محترم مڪرم آهي پر هن جو حال اسان جي معاشري ۾ لڪل ڪنهن کان به ڪونهي۔ وسلام
جواب: هڪ معزز پيشي تان کڄندڙ اعتبار منوج ڪمار جو هي مضمون انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ اکيون کوليندڙ آهي ۔۔۔ بيشڪ هر انسان جو شخصي ضمير هوندو آهي ۽ هو پنهنجي ضمير آڏو جوابده هجي ته ڇا هو جنهن نوڪري سان يا جنهن به ذميواري سان لڳل آهي ته هو اها پوري ڪري ٿو يا نه؟ پر ڳاله شروع ٿئي ٿي رياستي ادارن کان ۔۔۔ جڏهن استاد سفارش تي ڀرتي ٿيندا، نه ته انهن جي اهليت ڏٺي وڃي ۽ نه ئي واري انهنجي شخصي اخلاق کي نظر ۾ رکيو وڃي ۽ نه ئي وري ان جي ذهني حاصلات ڏٺي وڃي ۔۔ ته پو مٺڙا دوستو، انجو نتيجو ڇا نڪرندو، اهو ئي جيڪو هن وقت اسانکي نظر اچي ٿو ۔۔۔ جيڪي پاڻ ڪاپي ڪري، جهيڙا ڪري ۽ ماڻهن کي ماري ڪي ڊگريون وٺي سفارش ڪرائي اچي استاد ٿين يا روشت ڏئي اچي استاد ٿين ٿا ته ڇا اهي انسان اسانجي نسلن جي حفاظت ڪندا؟ نه ڪڏهن به نه، انڪري اسانکي رياستي سرشتي کان ئي هلچل ڪرڻي پوندي، ورنه روئڻ اجايو ۽ اکين جو پاڻي سڪائڻو آهي ۔۔ رب العالمين اسان کي قومي، انساني ۽ ديني جاڳرتا عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: هڪ معزز پيشي تان کڄندڙ اعتبار ادا سليمان وساڻ صاحب ۔منوج ڪمار صاحب جو هڪ بي انتها معني وارو هڪ تمام دل ڏکيندڙ ۽ اهم موضوع ونڊ ڪري هڪ تمام بهتر عمل ڪيو آهي۔اهو مضمون هر باشعور انسان جي دماغ ۾ هر دم ٿرٿلو مچائي ٿو ۽ اسان سڀ اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون ته نبين جي پيشئي وارا ماڻهو نفس جا ايڏاڇو غلام ٿئي ويا آهن جو انهن کي صحيحي ۽ غلط جي تميز نه رهي آهي۔استاد شاگرد جي لاء پي جي مثل هوندا آهي۔پر هو سڀ اخلاقيات جون حدون اورنگهي ان شاگرد کي پنهنجي هوس جو شڪار ڪري ٿو۔ڇا ان قسم جا استاد اسان کي بهترين معاشري لاء ڪو اسٽف ڏئي سگهن ٿا۔يقينن توهان جو جواب به نه ۾ هوندي ته ڇا ان قسم جي استاد کي من ماني ڪرڻ ڏجي۔بلڪل به نه ۔ان عمل کي ندڻ لاء جيڪڏهن ڪجه ٻيو نه ٿو ڪري سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ تحريرن جي ذريعي ته ان کي نيدي سگهجي ٿو۔توهان هي مضمون هن اوطاق تي چٽي هڪ تمام وڏو باشعور انسان ٿيڻ جو ثبوت ڏنو آهن۔
جواب: هڪ معزز پيشي تان کڄندڙ اعتبار انهي سان ملندڙ جلندڙ موضوع تي ريئل لائيف ۾ زال مڙس رشي ڪپور ۽ نيتو سنگهه جي مووي دو دوني چار ڏسڻ وٽان آهي۔ انهي ۾ به هڪ ٽيچر مالي پريشانين کان تنگ ٿي فيصلو ڪري ٿو ته پئسا وٺي شاگرد کي پاس ڪريان پر جڏنهن هڪ پراڻو شاگرد کيس وڏي عزت ٿو ڏي ته هي پنهنجو فيصلو بدلائي ٿو۔