ڪلاس روم

'ڪهاڻيون' فورم ۾ اياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2011۔

  1. اياز علي رند

    اياز علي رند
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 اپريل 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    شاهپورچاڪر
    ڪلاس ۾ نارمل ماحول هو جيئن ڪنهن ليڪچر جي اختتام تي ليڪچرار جي ڪلاس روم ڇڏڻ کان پوءِ اڪثر هوندو آهي. سڀ کان اڳيان ويٺل پڙهاڪو شاگرد ليڪچر مطعلق بحث مباحثي ۾ لڳي ويا، ڪن رازداري ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ڪن هڪ ٻئي تي جملا ڪسڻ شروع ڪري ڏنا، ڪجهه شاگردياڻين ميڪ اپ ٺيڪ ڪرڻ ۾ مصروفيت اختيار ڪئي ته ڪي هڪ ٻئي سان تلسي ۽ ٽيسٽي شيئر ڪرڻ لڳيون. مگر منهنجون نگاهون بار بار ۽ بي اختيار دري کان ٻاهر کڄي ٿي ويون. مون کان علاوه به ڪجهه شاگردن جون نگاهون پروفيسر چشتي جون منتظر هيون. هو شايد هن ڪاليج جو واحد پڙهائيندڙ آهي جنهن جا ليڪچر پوري ڪاليج ۾ وڏي چاه سان ٻڌا وڃن ٿا. شايد ئي ڪو شاگرد هجي هن ڪاليج جو اهڙو جيڪو کانئس متاثر نه هجي.هونئن ته پروفيسر فزڪس جو استاد آهي پر پنهنجي هر ليڪچر جي شروعات ۾ هو ڪنهن موضوغ تي ڳالهائيندو آهي ۽ هن جي عام فهم تجزين ۽ آسان ۽ ٺهڪندڙ دليلن تي مشتمل ڳالهين جو موضوع هميشه حقيقت جي رازن ۽ رمزن جي ارد گرد گهمندو رهندو آهي.
    هو ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ سندس نوراني چهري تي هميشه جيان پاڪيزگي ۽ مسڪراهٽ عيان ٿي وئي.
    ”اڄ پاڻ ليڪچر شروع ڪرڻ کان اڳ آبي چڪر يعني”دي واٽر سائيڪل“ تي ڳالهائينداسين. “ هن پن ڊراپ سائيلينس کي ٽوڙيندي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”ان جو صوفي ازم سان ڪهڙو تعلق سر !“ نائيله پڇيو
    ”ته تون مون کي صوفي سمجهندي آهين ڇا...!!!؟“ پروفيسر طنز ۽ مزاح سان ڀريل انداز ۾ چيو ۽ ڪلاس ۾ ٽهڪن جو مختصر آواز گونجيو ۽ خاموشي ۾ گم ٿي ويو. هو اڪثر ايئن ئي شروع ڪندو آهي لڳندو آهي ته اڄ شايد پروفيسر صاحب حقيقت کي ڇڏي سائنس، سياست، معاشرت يا معيشت وغيره سان تعلق رکندڙ ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندو پر سندس ڳالهيون آخر تائين هر لحاظ کان حقيقت سان سڌي ريت وابسته رهن ٿيون.
    ”انسان !......... انسانيت..........ها ! انسانيت کي، سچائي کي، حقيقت کي... جيڪڏهن صوفي ازم چئجي ته به ٺيڪ آهي.“ هن فڪريه لهجي سان وراڻيو ”هن ڪائنات جو وجود........هن سسٽم جو تسلسل فقط انسان کي ”فيسيليٽيٽ“ ڪرڻ لاءِ ئي ته آهي ۽ انهي انسان جي وجود ۾ اچڻ ۽ هن جي پيدائش جي اصل وجه ۽ ذميوارين جو تعين ڪرڻ جي غرض سان مختلف مذهبن، فلسفن، نظرين، معاشرن يا حالتن مختلف انڪشاف يا رايا منظرعام تي آندا آهن.“ هو شاگردن کي ٻن حصن ۾ ورهائيندڙ ڏاڪن واري لنگهه تي هلندي ۽ ٻنهي پاسي توجه ڏيندي ڳالهائيندو رهيو.
    ”بحرحال !! اسان آبي چڪر بابت پئي ڳالهايو..! ته ڪير ٻڌائيندو ته ان چڪر ۾ پاڻي جي شروعات ڪيئن ٿي ٿئي!؟؟“ پروفيسر صاحب پڇيو.
    ”سر ! پاڻي سمنڊ مان ٻاڦ يا اٻ ذريعي پنهنجو الڳ وجود ٺاهي ٿو“ افتخار اٿي بيهي چيو.
    “You mean ! Evaporation, Evapotranspiration or Sublimation…..isn’t it.?”
    ”ييس سر!“
    ”سر مگر اها پاڻي جي شروعات ڪيئن ٿي!؟ پاڻي جو وجود ته سمنڊ ۾اڳ ئي موجود آهي..!!!!“ اسحاق پڇيو.
    ”مون کي اوهان سان اختلاف ناهي پر افتخار به غلط ناهي ...“ پروفيسر مسڪرائيندي وراڻيو، ڄڻ کيس ان سوال ٿيڻ جي اڳ ۾ ئي اميد هئي. هو اڪثر ايئن ئي ذهنن ۾ اڀرندڙ سوالن ۽ دلين ۾ پيدا ٿيندڙ خيالن کي ڪنهن آفاقي طاقت يا جادو جي مدد سان پڙهي وٺندو آهي، محسوس ڪري وٺندو آهي.
    ”ازل ۽ ابد واري راز کي سمجهڻ ۾ شايد اوهان جواهو سوال اسان سڀني جي ڪائي مدد ڪري. في الحال اسان انهي کي ئي پاڻي جي پيدائش وارو مرحلو سمجهي اڳتي ٿا وڌون.....پيدائش کان پوءِ معصوم بچپن جو.... صاف شفاف دلين ۽ نئين نڪور ذهنن جو دور ايندو آهي... ڇا خيال آهي؟؟؟ ڪير ٻڌائيندو ان باري ۾..!؟“ هن ڪلاس جي بلڪل سامهون بيهندي پڇيو.
    ”پاڻي جي فضا ۾ موجودگي سر! “ اسحاق وراڻيو
    ”صحيح! بلڪل ٺيڪ....پاڻي جو بچپن نرم ۽ نازڪ، ڪومل ۽صاف جهڙو اندر تهڙو ٻاهر....بادلن جي صورت ۾ ٿئي ٿو. ۽ جواني...؟؟؟ جڏهن بادل ڪجهه وقت کان پوءِ گهاٽا ۽ ڀريل ٿي پوندا آهن ۽ ڪنهن اڻ ڄاتل ماڳ ڏانهن هلي پوندا آهن ته اها ئي دراصل پاڻي جي جواني هوندي آهي جنهن سان گڏ ئي عملي زندگي جي شروعات.... جيڪا ڏاڍي ٿڪائيندڙ ۽ ٽف هوندي آهي...بادل واهن ۽ وسندين، پهاڙين ۽ گهاٽين توڙي رڻ پٽ تي سفر ڪري ڪڏهن برف بڻجي پهاڙن تي پهچي ٿو ۽ چشمن جي صورت ۾ پٿرن سان ٽڪرائيندو پهاڙن مان رستا ٺاهيندو سفر جاري رکي ٿو ته ڪڏهن وري وسڪاري جي شڪل ۾ زمينن کي زرخيز بڻائي ريگستانن کي سونهن ۽ ساوڪ ۾ تبديل ڪندو لهوارن پٽن يا واهن ذريعي دريائن جي وهڪرن ۾سفر ڪري ٿو يا وري زمين جي تهن ۾ سفر ڪرڻ لڳي ٿو جنهن کي پاڻ ”انفلٽريشن“ چوندا آهيون...“ هن پاڻ ئي پنهنجي سوال جو جواب ڏيڻ مناسب سمجهيو، هو ڪلاس جي سامهون واري حصي ۾ پيل ٽيبل سان ٽيڪ لڳائي بيٺو رهيو ۽ ڳالهائيندو رهيو”پاڻي جو اهو سمورو سفر زندگي آهي....هڪ مڪمل زندگي.! ۽ هر انسان جيان هر بادل جي پنهنجي پنهنجي ڪهاڻي هوندي آهي، هو ڪهڙن ڪهڙن علائقن کان ٿيندو ڪهڙن ڪهڙن مرحلن منجهان گذرندو رهيو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪيئن ڪيئن پنهنجو دڳ وڃائيندو ۽ ڳوليندو رهيو آهي ۽ پوءِ ڪيئن آخر سندس رخ وري منزل طرف ٿيو، راه راست تي آيو ۽ هو پنهنجي اصل، پنهنجي اول، پنهنجي آخر، وسيع ۽ لامحدود سمنڊ سان وڃي گڏيو، هڪ ٿي پيو. جتان شروعات ٿي هيس اتي ئي آخر ٿيس. اهو سندس وصل آهي ۽ اها ئي بقا آهي. “
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪلاس روم

    ادا سٺو ونڊ آهي ۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪلاس روم

    ادا اياز علي رند صاحب اوهان جي هن ڪهاڻي جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي، اميد آهي ته اسان سان اهو قرب ونڊيندا رهندا۔
    الاجي ڇو مونکي ائين محسوس ٿئي ٿو ته اوهان جي هن ڪهاڻي ۾ هڪ عظيم فلسفو سمايل آهي، جيڪو مٿين نظر سان ته هڪ سائنسي ٿو لڳي پر در اصل هي انسان جي وجود جو تصوراتي عڪس ۽ ان جي عدم مان وجود وري ان جو بچپن وري جواني ۽ وري ساڳي طرح پوڙهائپ ڏانهن ورڻ جيڪا به بچپن جيان آهي يعني جتان شروع ٿي ڪهاڻي وري اتي ئي واپسي ٿي۔ والله اعلم۔۔
     
  4. اياز علي رند

    اياز علي رند
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 اپريل 2011
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    31
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    شاهپورچاڪر
    جواب: ڪلاس روم

    مهرباني دوستو! آبي چڪر ۽ صوفي جي حياتي ۾ ڪجهه مشابهتون مون کي نظر آيون جيڪي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم۔ ادا طاهر! اوهان جا قرب ! جو اوهان لفظن کان اڳتي نڪري سوچيو آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو