ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ان کي چئبو آهي ڀاڳ وارن جا گابا؟؟؟؟؟؟
بلاول ڀٽو زرداري قبيلي جو سردار مقرر
اسلام آباد (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري قبيلي جي سرداري تان هٿ کڻندي قبيلي جي پڳ پنهنجي موڀي پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه صدارتي ترجمان فرحت الله بابر ڪالهه جمعي ڏينهن ميڊيا جي سوالن جو جواب ڏيندي چئي. ترجمان وضاحت ڪندي چيو ته قبائلي روايتن موجب قبيلي جي سربراهه جي لاڏاڻي کانپوءِ ان جو سڀ کان وڏو پٽ قبيلي جي سربراهي سنڀالي ٿو. قبائلي اڳواڻن جي روايتي اجتماع ۾ قبيلي جي نئين سربراهه کي پڳ ٻڌائڻ جي تقريب ٿئي ٿي، جيڪا فوري طور تي يا پوءِ ٽيجهي کانپوءِ منعقد ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ان روايت موجب زرداري قبيلي جي سربراهه رئيس حاڪم علي زرداري جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس فرزند صدر آصف علي زرداري پنهنجي قبيلي جو سربراهه بڻجي ويو آهي پر صدر آصف علي زرداي قبيلي جو سربراهه نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ اهو اعزاز پنهنجي پٽ ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداي کي ڏنو آهي. تنهن هوندي به بلاول ڀٽو زرداري جي قبيلي جي نئين سربراهه جي حيثيت سان پڳ ٻڌائڻ جي باقاعده تقريب ان وقت تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، جيستائين ملڪ جي مجموعي صورتحال وڌيڪ بهتر نه ٿي ٿي وڃي ۽ اهڙيون قبائلي تقريبون منعقد ڪرڻ نامناسب نه آهن. فرحت الله بابر موجب صدر آصف علي زرداري ان معاملي کان آگاهه آهي ۽ هن روايتي قبائلي تقريبون روڪڻ جي هدايت ڪئي آهي، جيڪي اڪثر ڌام ڌوم سان ٿين ٿيون.
به شڪريه ڊيلي عوامي آواز
به شڪريه ڊيلي عوامي آواز
ٿي سگهي ٿو ته هي ڳاڪھ ڪجھ دوستن کي نه وڻي مون پهريان به هن فورم تي عرض ڪيو آهي ته آءُ ڪنهن به پارٽي کي پسند ناهيان ڪندو ڇو جو هتي سڀ چور آهن ڪيئن چ۽ن ته هي چور ڀلو آهي ۔ پر ايترو سوچيو ته جنهن ٻار اسن جي نه ريت ڌٺي نه رسم ڌني اهو قوم جو سردار ٿي ويو۔
يقين ڪيو هي سرداري ڪنهن ماڻهون لاءِ ناهي پر هي سرداري دولت لاءِ آهي هي دولت جي ڪنهن قوم جي جانور جي قبضي ۾ هجي ها ۽ ان دولت تي اختيار ان جانور کي هجي ها ته اهو جانور انسانن جو سردار ها۔