ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ خلاف گڏيل ڪارروائي تي اتفاق، ڊرون حملن جي پاليسيءَ تي نظرثاني ڪئي وڃي: سياسي ۽ عسڪري قيادت
تون مڃين نه مڃين مهربان مان ته منٿ ڪري ٿو ڇڏيان
لاڳاپا نازڪ موڙ تي آهن، پاڪستان کي القاعده ٺڪاڻن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻي پوندي: هليري
اسلام آباد (بيورو/م ڊ): پاڪستان ۽ آمريڪا مستقبل ۾ پاڪستان ۾ ڪنهن به هاءِ ويليو ٽارگيٽ خلاف گڏيل ڪارروائي ۽ دهشت گردي خلاف تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. صدر آصف علي زرداري آمريڪا تي زو ڀريو آهي ته ڊرون حملن واري پاليسي تي نظرثاني ڪئي وڃي. آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات نازڪ موڙ تي آهن. پاڪستان ۾ القاعده جا ڪيترائي ٺڪاڻا آهن، جن خلاف پاڪستان کي فيصلائتي ڪارروائي ڪرڻي پوندي. ڪالهه آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن، آمريڪي فوج جي سربراهه مائيڪ مولن ڪيمرون منٽر سان گڏجي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني، گهرو وزير رحمان ملڪ، آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني، آءِ ايس آءِ سربراهه احمد شجاع پاشا، مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير سان وفد جي صورت ۾ ون ٽو ون ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن ۾ پاڪ-آمريڪا تعلقات، علائقائي امن،دهشت گردي خلاف جنگ سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. صدر آصف علي زرداري آمريڪي عملدارن کي پارليامينٽ جي قرارداد، ملڪي سلامتي ۽ ٻين معاملن تي خدشن کان آگاهه ڪيو. صدارتي ترجمان فرحت الله بابر ملاقات جي حوالي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا اتفاق ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هاءِ ويليو ٽارگيٽ خلاف گڏجي ڪم ڪيو ويندو. دهشت گردي ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل خطرو آهي ۽ دهشت گردي خلاف جنگ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ٻنهي ملڪن وچ ۾تعلقات معمول تي آڻڻ لاءِ نه صرف دهشت گردي خلاف جنگ ۽ افغانستان ۾ مفاهمت ۽ امن لاءِ تعاون کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ترجمان موجب ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ پارٽنر شپ ڳالهين بابت ڪم جو به معاهدو ڪيو ويو. هن چيو ته ڊرون حملن جو معاملو به غور هيٺ آيو ۽ صدر آصف زرداري آمريڪي عملدارن تي زور ڀريو ته ڊرون حملن بابت پاليسي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي هيلري ڪلنٽن چيو ته آمريڪا پاڪستان جي سياسي ۽ فوجي چئلينجز کان واقف آهي. ٻنهي ملڪن جا تعلقات اهميت وارا آهن. ڪنهن به قسم جي غلط فهمي پيدا نه ٿيڻ گهرجي. هوڏانهن پاڪستاني سياسي ۽ عسڪري قيادت سان ملاقات کان پوءِ فوجي سربراهه مائيڪ مولن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن چيو ته آمريڪا جي مخالف ۽ سازشي نظرين سان پاڪستان جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ نه وري آمريڪا پاڪستان جا مسئلا حل ڪري سگهي ٿو. پاڪستان کي پنهنجا مسئلا پاڻ حل ڪرڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات اهم موڙ تي آهن. اميد آهي ته بهتري لاءِ پاڪستان دهشت گردي خلاف وڌيڪ قدم کڻندو. هن چيو ته اسامه بن لادن جي ايبٽ آباد ۾ موجودگي بابت پاڪستان جي اعليٰ اختيارين کي علم نه هو پر پاڪستاني عملدارن ٻڌايو آهي ته ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو شخص ضرور اسامه جي مدد ڪري رهيو هو. هيلري ڪلنٽن چيو ته پاڪستان ۾ القاعده جا ڪيترائي ٺڪاڻا موجود آهن ۽ اسلام آباد ويجهو هڪ پوري علائقي تي دهشت گردن جو قبضو آهي. جتان دهشت گرد سڄي دنيا ۾ حملن جي منصوبابندي ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ان کي ڪهڙي قسم جو پاڪستان گهرجي ٿو. وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان پنهنجي سرزمين تي موجود دهشت گردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي ڪري جيڪي افغانستان کي غير مستحڪم ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. هن چيو ته افغانستان ۾ مفاهمتي عمل ۾ پاڪستان جو وڏو ڪردار آهي. پاڪستان ۽ آمريڪا افغانستان ۾ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو. ٻنهي ملڪن جا تعلقات گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورت حال آهي، جيڪا جلد ختم ٿي ويندي. دهشت گردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني فوج ۽ عوام جون وڏيون قربانيون آهن. ان موقعي تي آمريڪي فوج جي سربراهه مائيڪ مولن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي دوستي مشڪل دور ۾ آهي. ان باوجود ٻئي ملڪ مثبت نموني اڳتي وڌي رهيا آهن. هن چيو ته اسامه جي موت بعد دنيا ڪنهن حد تائين محفوظ ٿي وئي آهي. هوڏانهن آمريڪي فوجي سربراهه مائيڪ مولن آرمي چيف اشفاق پرويز ڪياني سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني عسڪري قيادت جي خدشن کي اهميت ڏيون ٿا. آرمي چيف چيو ته ڊرون حملا دهشت گري خلاف جنگ ۾ منفي اثر وجهي رهيا آهن ۽ ان سان آمريڪا جي مخالفت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. آرمي چيف ايبٽ آباد آپريشن تي خدشا ظاهر ڪندي چيو ته اهڙن قدمن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف اڃا وڌندا.
به شڪريه ڊيلي عوامي آواز
اقرار ٿي چڪو ته هاڻي اسان کي ٻه ٽنگو ڦاسائي هي نڪرڻ وارا آهن هي جنگ جا ڪالھ تائين عالمي جنگ سڏبي هئي اڄ پاڪستان جي جنگ سڏجي ٿي
شرم تم ڪو مگر آتي نهين